رياضت ٻرڙو
سينيئر رڪن
ذوالفقار شيخ
ڪالهه استادن جو عالمي ڏينهن هيو، سنڌ ۾ ڪجهه استاد اهڙا به هوندا جن ڪالهه پنهنجي رزق کي حلال ڪري کائڻ تي دل ۾ شڪر ضرور ادا ڪيو هوندو پر افسوس جو اهڙن استادن جي به گهٽتائي نه هوندي جن نڪ جي پڪائيءَ سان سوچيو هوندو ته ”اسان به استاد آهيون ۽ اڄ اسان جو ڏينهن آهي“. مان اها تمام ڏکي ۽ هضم نه ٿيندڙ ڳالهه ان ڪري پيو چوان ته اڄ سنڌ جا استاد ڊيوٽي نه ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجھڻ لڳا آهن. منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر راشد پيرزادو ٻڌائيندو آهي ته سندس ڳوٺ جو هڪ استاد ڊيوٽيءَ بجاءِ سڄو ڏهاڙو انَ جو واپار ڪندو آهي ۽ ڳوٺ جا نيڪ مرد جڏهن ان استاد کي پڙهائڻ لاءِ چوندا آهن ته هو کين چوندو آهي ته ”پهريان ڳوٺ مان چوريون ته بند ڪرايو پو۽ مون کي ڊيوٽيءَ لاءِ چئو.“
مون کي فيس بوڪ تي سنڌ جي ڪنهن مرد مجاهد جي رکيل ان پوسٽ ڏاڍو متاثر ڪيو جنهن ذريعي سنڌ جي استادن جي ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي ته هڪ فوجي هماليه جي سڄو سال برف هيٺ ڍڪيل رهندڙ چوٽين تي ۱۵کان ۲۰هزارن ۾ ڊيوٽي ڪري ٿو ته پوءِ ڇا لاءِ سنڌ جو هڪ استاد ۳۵کان ۴۰هزار رپيا پگھار ملڻ جي باوجود پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ نوڪري هوندي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. انٽرنيٽ هن دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ اهڙا زبردست پليٽ فارم يا ذريعا آهن جن جي بعد هاڻي ماڻهن کي روايتي ميڍيا يعني اخبارن ۽ ٽيليويزن جي ڪا گھڻي گھرج ڪانه رهي آهي۽ ماڻهون آسانيءَ پنهنجي دل جو اوٻر ڪڍيو ڇڏي.
مون کي ياد اچي ٿو منهنجو دادو ڊگري ڪاليج ۾ گذاريل ننڍپڻ: جڏهن سنڌ جو هڪ عظيم عاشق ۽ مشهور عوامي شاعر استاد بخاري اسان کي سنڌي پڙهائيندو هيو. مون کي سندس اهو پهريون ليڪچر پڻ ياد آهي جنهن ۾ سنڌ جي مَنهن، ڇپرن، بيابانن، هارين ۽ مزدورن کي ساريندڙ هن يگاني شاعر اسان کي ٻڌايو ته اهو جيڪو ٻه قومي نظريو پيا پڙهو اهو ٺڳيءَ جو ٺاهه اٿوَ ڇو ته مذهب جي بنياد تي ڪا به قوم ڪا نه هوندي آهي، بلڪ اسان سنڌي هڪ الڳ قوم جون پنج ئي وصفون رکندڙ هڪ الڳ قوم آهيون جن وٽ پنهجيون جاگرافيائي سرحدون، پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ قومي هيرا آهن. محترم استاد بخاري سردي هجي يا گرمي، برسات هجي يا طوفان، روزانو هڪ پراڻي سائيڪل تي چڙهي ڊيوٽي ڪرڻ ايندو هيو پر اتي ئي اسان جي ڪاليج جو هڪ انگريزيءَ جو پروفيسر صاحب پڻ هوندو هيو جنهن جو دادوءَ ۾ وڏو نالو هوندو هيو. ڇو ته هو شهر جي نوجوانن کي پنهنجي گھر تي انگريزي به سيکاريندو هيو ته سي ايس ايس جي تياري پڻ ڪرائيندو هيو. جنهن مان کيس تمام گھڻا ڏوڪڙ ملندا هيا. مان ڏسندو هيس ته منهنجو اهو استاد روزانو ۱۰کان ۱۱وڳي جي وچ ڌاري ٽانگي تي چڙهي ڪاليج ايندو هيو ۽ ڪاليج پهچڻ بعد ٽانگي مان لهڻ وقت کيسي مان گولڊ ليف جو پاڪيٽ ڪڍي ان مان هڪ سگريٽ دکائڻ بعد پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيندو هيو. حاضري رجسٽر تي صحيح ڪري واپس ٽانگي ۾ چڙهندو هيو ۽ اسان ڪجهه دوست اها شرط رکندا هياسين ته اڄ سائين ... . ڪجهه گھڙيون ڪاليج ۾ ضرور ويهندو ۽ مان اها شرط سدائين هارائيندو هيس. ڇو ته مون کي هر دفعي اهو ويساهه هوندو هيو ته اهو سائين ڇاڪاڻ ته انگريزيءَ جو استاد آهي ۽ منهنجا ڪجهه دوست جيڪي کانئس ٽيوشن وٺندا آهن، اهي سندس ڏاڍي تعريف ڪندا آهن، سو ضرور اڄ ڪجهه وقت ويهندو پر شايد سدائين اها شرط هارائڻ منهنجي نصيب ۾ هئي، جيئن اونداهو آئيندو اسان جي اڄ جي سنڌ جي نوجوان ۽ نئين نسل جي نصيب ۾ آهي.
توهان مان گھڻا شايد مون سان اتفاق نه ڪن پر حقيقت اها آهي ته استاد بخاريءَ جهڙا استاد ڪين رهيا آهن بلڪه اسان وٽ گھڻائي اهڙن استادن جي آهي جيڪي منهنجي انگريزيءَ واري پروفيسر وانگر ساڳي هڪ ئي دکايل سگريٽ ۾ ڪاليج جو چڪر هڻي واپسي ڪندا آهن ۽ هو اهو وقت ڏيڻ کي به پنهنجي قوم مٿان احسان سمجھندا آهن. اڄ مون کي پنهنجا پرائمريءَ وارا اهي استاد سائين مولابخش جوڻيجو ۽ پنجون درجو پڙهائيندڙ سائين عبدالرشيد پنهور شدت سان ياد ٿا اچن جيڪي اڄ ولي ۽ اولياءَ جيان پيا محسوس ٿين. مون سيڪنڊري تعليم ديوان پرمانند پائليٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪئي جتي مون ڇهون درجو سائين عثمان ميمڻ کان، ستون درجو سائين الهه رکيو شيخ ۽ سائين نياز جتوئيءَ کان، اٺون درجو تازو وفات ڪري ويل سائين حاجي غلام رسول قريشيءَ کان، نائون درجو سائين جمال الدين کوسي کان ۽ ڏهون درجو سائين سچل شاهه کان پڙهيو. استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ منهنجا استاد سائين استاد بخاريءَ سان گڏ سائين معشوق بلوچ، سائين آفاق انصاري، مرحوم پروفيسر سائين خليل قريشي، سائين جاگيراڻي ۽ ٻيا هيا جن وٽ پڙهياسين ۽ گڏوگڏ ڪڙهياسين.دادوڪاليج ۾ اسان جو پرنسپال سائين نور احمد بلوچ پڻ اڄ تائين منهنجي دل تي ياد آهي جيڪو ڪاليج جي وڻن ٽڻن ۽ درن درين جي به سار سنڀال ائين ڪندو هيو ڄڻ ڪاليج سندس ذاتي شيءَ هجي، اسان ڪيتريون به ڏنگايون ڪيون پر هو ٿوري دير ڪاوڙ ڪرڻ بعد اسان کي پنهنجي اولاد جيان سمجھائڻ لڳندو هيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسان پروفيسر عبادالله راشدي، ڊاڪٽر فوزيه جعفري، رضوانه چانگ، پروفيسرسريش ماکيجاڻي، پروفيسرسومرو۽ پروفيسر آغا رفيق توڙي ان وقت جو لائبريرين سعيد ميمڻ پڻ علم جوذريعو هوندو هيو. آئون جڏهن ۱۰مهينا پهريان ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو آيو هيس ته اهو پڪو ارادو هيم ته جي موقعو ڏنائون ته پڙهبو ضرور، حالانڪ ان حوالي سان ڊپ به هيم ته ۴۵سالن جي جوان کي ۲۵يا وڌ ۾ وڌ ۳۰سالن جي نوجوانن سان گڏ پڙهندي ڇا شرم ڪونه ايندو؟ ۽ مون اهو ئي سوال پنهنجي پروگرام جي ڊائريڪٽر پروفيسر مائيڪل ڪارٽر کان به ڪيو هيو جنهن مون کي چيو ته تون ان عمر ۾ پڙهڻ وارو اڪيلو ناهين، جڏهن مون پنهنجي هڪ جھوني پر تمام خوبصورت پروفيسر لل بلوم کي سائيڪل تي چڙهي يونيورسٽي ايندي ڏٺو ته استاد بخاري ياد آيو. اها ڪا معمولي عورت به ڪانه هئي ڇو ته جڏهن مون سندس ويب سائيٽ وزٽ ڪئي ته سندس پروفيشنل ڪيرئير ڏسي مون کي فخر ٿيو ته مان اهڙي ناليواري استاد کان علم پيو پرايان. ڪٿي ڪٿي ته منهنجي گھٽ عقليءَ مون کي وائڙو ڪري پئي ڇڏيو. منهنجي پريشاني ڏسي پنهنجي ان پروفيسر مون کي چيو ته ”ڇا تون اسڪائيپ استعمال ڪندو آهين“ مون سمجھيو ته هيءَ محترمه مون کي صفا ڪو ڄٽ ٿي سمجھي، سو يڪدم چيومانس ته ها مان اسڪائيپ استعمال ڪندو آهيان. ان تي هن مون کي چيو ته پوءِ ته مان توکي ڪنهن شام جو اسڪائيپ ذريعي وڌيڪ سمجھائينديس. منهنجي اندر ۾ رڙ ٿي ته يا خدا هي قوم ڏسو جيڪا پنهنجي پروفيشن سان ڪيتري سچي آهي ۽ هيءَ اسان سنڌي ڪهڙي قوم آهيون جيڪي پنهنجي اولاد سان به سچا ڪونه آهيون جو اسان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.
جيتوڻيڪ منهنجا هتي پنج استاد آهن، پر هلندي پنهنجي هڪ ٻئي يگاني استاد پروفيسر سين وائز جو ذڪر ضرور ڪندس جيڪو پڻ ڪامڪ ورلڊ جو وڏو نالو آهي، هو اسان کي ڊجيٽل ميڍيا ذريعي ڪروڙ ڪمائڻ جا گر سيکاريندو آهي ۽ جڏهن ليڪچر ڏيندو آهي ته پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو آهي. پر جي اهو پروفيسر توهان کي ٻاهر ملي ته ڪڏهن به يقين ڪونه ايندو ته ڪو هي ايڏو وڏو نالو ٿي سگھي ٿو. جيترو ٽائيم هو اسان کي پڙهائي ٿو، جي اهو وقت هو پنهنجي ڌنڌي کي ڏئي ته شايد لک ڪمائي پرمون ڏٺو آهي ته هن قوم جي ڊوڙ اسان وانگر پئسي ڪمائڻ لاءِ ڪانهي بلڪه اهي قوم جي تعمير لاءِ ڊوڙن ٿا، هي ماڻهو جيترا وڏا نالا آهن،ماڻهن کي ٺاهڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. مون لاءِ حيراني ۽ پريشانيءَ جو وڏو سبب ته منهنجو اهو سادڙو سودڙو نوجوان پروفيسر ونس ڊيڪيٽ به آهي، جيڪو اسان کي ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ ۽ ائپليڪيشنس تيار ڪرڻ بابت پڙهائيندو آهي.سندس سچائي دل کي ڇهندڙ محسوس ٿيندي آهي.
اهو سڀ ڪجهه ڏسي منهنجي من ۾ گھاو پيا پون ته آخر ڇو سنڌ ۾ سٺا استاد پئدا ٿيڻ جو عمل رڪجي ويو آهي. جڏهن اهڙن استادن جي ضلعي تعليمي آفيسرن جي معرفت ڳولا ڪرڻ شروع ڪئي هئي سون ته ڄڻ اسان کانئن اڻ ٿيڻي پئي گھري. وڏي مٿا ڪٽ بعد ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا استاد مليا هيا. ڇا مون کي ڪو پنهنجي هاڻوڪي پروفيسر لل بلوم جهڙو استاد ڳولي ڏيندو جيڪو ڪار يا موٽرسائيڪل بجاءِ سائيڪل تي چڙهي يونيورسٽي اچي ۽ ٽائيم ختم ٿيڻ بعد به پنهنجي شاگردن کي وقت ڏئي سگهي.
تعليم دوست استادن جي ڳولا