عيسوي سن جي شروعات حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش جي ڏينهن کان ٿئي ٿي جڏهن ته اسلامي سن جي شروعات حضرت محمد صلي الله عليه آله وسلم جن جي هجرت واري ڏينهن کان ٿيندي آهي۔ سال جا مهينا ۽ ڏينهن۔۔۔۔۔ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري 24 ڪلاڪن ۾ گهمندي آهي۔ اهو وقت ڏينهن ۽ رات تي مشتمل آهي۔ صحيح ڳڻپ مطابق زمين سج جي چوڌاري مڪمل چڪر 365 ڏينهن 5 ڪلاڪ 48 منٽ ۽ 4624۔47 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري ٿي۔ اهو ئي سبب آهي جو هر سال تقريبن 1/4 ڏينهن جي گهٽتائي ٿيو وڃي۔ ان گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لا هر چوٿين سال ليپ جو سال ڪيو ويو يعني ان سال فيبروري ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪيو ويندو آهي۔ مهينن جا نالا اسان جي روزمرهه جي گفتگو ۾ شامل هوندا آهن پر اسان مان ڪيترن ئي دوستن کي اها ڄاڻ نه هوندي آهي ته انهن مهينن تي اهي نالا ڪيئن رکيا ويا۔۔۔ هن مضمون ۾ مان هر مهيني اسلامي مهينن ۽ انگريزي مهينن جي نالن بابت معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ انشالله۔ ربيع الاول هجري سال جو ٽيون مهينو۔ هن مهيني کي عرس وارو مهينو به چوندا آهن۔ لفظ ربيع عربي ۾ بهار کي چوندا آهن۔ هن مهيني جي نالي جو مطلب آهي بهار جو پهريون مهينو۔ هن مهيني جي اسلامي تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت آهي۔ الله پاڪ جي آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جن جي آمد هن ئي مهيني ۾ ٿي هئي۔ سندن پيدائش کان اڳ نه صرف عرب جا ماڻهو پر ان وقت جا ترقي يافته ملڪ مثلن روم ۽ ايران جا ماڻهو به ظلم، ناانصافين ۽ انساني بنيادي حقن کان محروم هئا۔ جنوري (January) هي سال جو پهريون مهينو آهي، جنهن ۾ 31 ڏينهن هوندا آهن، جنوري جو نالو رومين جي ديوتا جينس (Janus) جي نالي تي رکيل آهي۔ هن ديوتا جون ٻه منڊين هونديون هيون۔ روم جي ماڻهن هن ديوتا جي هڪ شاندار عبات گاهه تعمير ڪرائي هئي، هن ديوتا جي پوڄا خاص طور تي جنگ جي وقت ڪئي ويندي هئي۔ امن امان جي ڏينهن ۾ هن عبادت گاهه جا دروازا بند رهندا هئا۔ اهلِ روم ڪو به ڪم شروع ڪرڻ وقت هن ديوتا جون باسون باسيندا هئا۔سندن عقيدو هو ته هي ديوتا سندن من جون مرادون تڪميل تائين رسائيندو آهي۔ هن ديوتا جي دلچسپ ڳالهه اها هئي ته ٻن منڊين جي مدد سان هو هڪ ئي وقت اڳيان پُٺيان ڏسي سگهندو هو۔ رومين جي ڏند ڪٿائن ۾ هن ديوتا کي آسمان جو دربان سمجهيو ويندو هو۔ روم جا اڪثر ماڻهو هن ديوتا کان پنهنجن گهرن جي دروازن جي حفاظت جون دعائون به گهرندا هئا۔ جنوري جو نالو سال جي پهرين مهيني تي رکڻ جو ڪارڻ۔۔۔ جينس ديوتا اڳتي پوئتي ڏسي سگهندو هو، اهڙي طرح انسان به گُذريل سال کي ياد ڪري ايندڙ سال لا منصوبه بندي ڪندو آهي ۽ پنهنجي ماضي حال جو هڪ ئي وقت جائزو وٺندو آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو سال جي پهرين مهيني کي جنوري جو نالو ڏنو ويو۔ هلندڙ۔۔۔۔
ادا بهترين سلسلو آهي۔ پر شروعات اگر اسلامي مهينن سان ڪئي وڃي ها ته چار چنڊ لڳي وڃن ها۔ وري به هڪ ڄاڻ جو سٺو سلسلو آهي۔
فيبروري (February) فيبروري سال جو ٻيو مهينو ۽ سڀ کان گهٽ ڏينهن وارو مهينو آهي۔ فيبروري جو نالو روم جي رهواسين هڪ مذهبي ديوتا فيبروا (Februa) جي نالي تي رکيو هو۔ هن مهيني ۾ ليوپرڪس نالي هڪ وڏو ڏينهن هن ديوتا جي اعزاز ۾ صفائي ۽ پاڪائي لا ملهايو ويندو هو، جيڪو عام طور تي15 فيبروري تي (مڪمل چنڊ دوران) ملهايو ويندو هو۔ ان وڏي ڏينهن تي شهرن ۽ محلن جي صفائي ڪئي ويندي هئي۔ روم جا رهواسي سُٺا سُٺا ڪپڙا پهري خوب جشن ملهائيندا هئا ۽ ديوتا جي عبادت ڪندا هئا۔ فيبروري جو مهينو ڪنهن زماني ۾ سال جو آخري مهينو هوندو هو ، ان وقت سال ۾ ڏهه مهينا هوندا هئا۔ حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت کان 45 ورهيه اڳ جنوري کانپو فيبروري کي مقرر ڪيو ويو هو۔ فيبروري هڪ ڀيرو ٻيهر به سال جو آخري (ٻارهون) مهينو مقرر ڪيو ويو هو۔ان زماني ۾ سال جو پهريون مهينو مارچ هوندو هو۔ فيبروري مهيني جون نراليون ڳالهيون۔۔۔۔ ٻين سڀني مهينن ۾ ٽيهه يا ايڪٽيهه ڏينهن ٿيندا آهن پر فيبروري ۾ 28 يا 29 ڏينهن ٿيندا آهن۔ جنهن سال ۾ فيبروري 29 ڏينهن جو ٿيندو آهي ته انهي سال کي ليپ جو سال چوندا آهن۔ فيبروري هميشه ان ڏينهن سان شروع ٿيندو آهي جنهن ڏينهن سان مارچ ۽ نومبر شروع ٿيندو آهي ۽ ليپ واري سال آگسٽ به ساڳئي ڏينهن سان شروع ٿيندو آهي۔ ليپ واري سال کان علاوه فيبروري هميشه ان ڏينهن تي ختم ٿيندو آهي جنهن ڏينهن تي جنوري ۽ آڪٽوبر جا مهينا ختم ٿيندا آهن۔ ليپ واري سال فيبروري جنهن ڏينهن سان شروع ٿيندو آهي انهي ساڳئي ڏينهن تي ئي ختم به ٿيندو آهي۔ ليپ جي سال فيبروري ۾ هڪ ڏينهن ڇو وڌايو ويندو آهي۔۔؟ هڪ سال 365 ڏينهن ۽ ڇهن ڪلاڪن جو هوندو آهي۔ انهي ڪري هر چوٿين سال اُهي ڇهه ڪلاڪ ملائي هڪ ڏينهن ٺاهي فيبروري ۾شامل ڪيو ويندو آهي۔
مارچ (March) سال جو ٽيون مهينو ، جنهن جو نالو رومين جي ديوتا مارس (MARS) جي نالي تي رکيل آهي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن هوندا آهن. مارس ديوتا جو ٻيو نالو مريخ به آهي جيڪو جديد دور ۾ علمِ فلڪيات جي ماهرن جي توجه جو مرڪز بڻيل آهي. 1752ع کان پهرين رومي ڪيلينڊر جي شروعات مارچ مهيني کان ٿيندي هئي. مارس ديوتا تمام خطرناڪ سمجهيو ويندو هو، اهلِ روم جي نظر ۾ مارس ديوتا جنگ ۽ جدل جي علامت هو. رومين جو عقيدو هو ته هي ديوتا سمورن ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور آهي. سندن خيال موجب هر شي تي هن جو قبضو آهي ۽ هو هر ڪم ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي مينهن، بجلي گجگوڙ ۽ ڪڪر هن ديوتا جي تابع آهن. روم جا ماڻهو مشڪل وقت ۾ مارس ديوتا جي عبادت گاهه تي جانورن جي قرباني ڏيندا هئا ۽ ديوتا کان مدد گهرندا هئا. جانورن جي قرباني ڏيڻ کانپو جڏهن چوزن جي آڏو داڻو وجهندا هئا ۽ چوزا داڻو شوق سان کائيندا هئا ته هو سمجهندا هئا ته مارس ديوتا اسان جو طرفدار آهي. رومي ڪٿائن ۾ مارس ديوتا جي شڪل ۽ رعب تاب جي عجيب منظر ڪشي ديوتا جو دهشتناڪ چهرو آسمان طرف آهي. جتي هو ڪنهن شي ڏانهن گهوري رهيو آهي. هن جي مٿي تي چمڪندڙ جنگي ٽوپي پيل آهي. هو رٿ(بگي) تي سوار آهي، جنهن ۾ زور آور گهوڙا جوٽيل آهن. سندس هڪ هٿ ۾ جرڪندڙ نيزو آهي، جنهن جي اڻي جو رخ آسمان طرف آهي، ٻئي هٿ ۾ ڍال اٿس. مارچ مهيني جون ڪجهه نراليون ڳالهيون..... مارچ جو مهينو زمين جي اتر واري اڌ ۾ بهار جي موسم سان ۽ ڏکڻ واري اڌ ۾ سر (خزان) جي موسم سان منسوب آهي. مارچ جي 23 تاريخ تي سج بلڪل خطِ استوا تي چمڪندو آهي. انهي ڪري سڄي دنيا ۾ ساڳي تاريخ تي ڏينهن ۽ رات برابر هوندا آهن. هر سال (ليپ سال کان علاوه) فيبروري ،مارچ ۽ نومبر ساڳئي ڏينهن سان شروع ٿيندا آهن. هر سال مارچ ۽ جون ساڳئي ڏينهن تي ختم ٿيندا آهن.
اپريل (April) اپريل سال جو چوٿون مهينو بهار جي فرشتي ڏانهن منسوب ڪيل آهي. هن ۾ 30 ڏينهن هوندا آهن. آڳاٽي دور ۾ هن فرشتي کي خوبصورت، مهربان ۽ رحمت وارو تصور ڪيو ويندو هو. اپريل جو مطلب کولڻ وارو يا آغاز ڪرڻ وارو آهي. رومن ڪيلينڊر ۾ جنوري ۽ فيبروري شامل ٿيڻ کان پهرين اندازن 700 قبل مسيح ۾ اپريل جو مهينو سال جو ٻيو مهينو هوندو هو. 450 قبل مسيح ۾ جڏهن بادشاهه نوما پومپيليس (Numa Pompilius) جنوري ۽ فيبروري مهينا شامل ڪيا ته هي سال جو چوٿون مهينو بڻايو ويو. ان وقت هن مهيني ۾ 29 ڏينهن هوندا هئا. اندازن 40 قبل مسيح ۾ جوليس ڪيسر (Julius Caesar) جڏهن ڪيلينڊر جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي ته اپريل ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو. اپريل نالو مقرر ڪرڻ جا اهم سبب جڏهن مارس ديوتا جو خوني رٿ پنهنجي پُٺيان گردوغبار، طوفان، برق ۽ خون جا ڇنڊا ڇڏيندو گذري ويندو آهي تڏهن هي اپريل جو فرشتو نئين زندگي جو آغاز ڪندو آهي. رومين جي عقيدي موجب جڏهن مارس ديوتا جي عهد ۾ حسين ۽ دلڪش، نرم ۽ نازڪ شيون دهشت وچان پناهه گاهن ۾ لڪي وينديون آهن ته اپريل جو مهربان فرشتو اچي انهن جي پناهه گاهن جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي. هن مهيني کي بهار جي مهربان فرشتي سان منسوب ڪرڻ جو اهو به سبب آهي جو هن مهيني ۾ هر طرف گل ئي گل، ساوڪ ئي ساوڪ ڦهلجندي آهي. هر طرف خوشيون ئي خوشيون ۽ گيت ئي گيت پکڙجي ويندا آهن. رومين جي عقيدي موجب اپريل جو فرشتو زمين تي بهار جي موسم شروع ڪندو آهي انهيڪري هن مهيني ۾ هر طرف گل ۽ ڪليون مسڪرائڻ لڳنديون آهن. اپريل مهيني جون ڪجهه نراليون ڳالهيون..... اپريل هر سال ان ساڳي ڏينهن سان شروع ٿيندو آهي جنهن ڏينهن سان جولا جي به شروعات ٿيندي آهي. اپريل هر سال ان ڏينهن تي ختم ٿيندو آهي جنهن ڏينهن تي ڊسمبر به ختم ٿيندو آهي.
مئي (May) مئي سال جو پنجون مهينو آهي، جنهن ۾ 31 ڏينهن هوندا آهن. مئي جو مهينو هڪ ديوي مائيا (MAIA) جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. اها ديوي اٽلس ( Atlas) ديوتا جي ڌي هئي. هن مهيني ۾ سج جو رخ زمين جي اتر واري اڌ ۾ خطِ سرطان جي ويجهو ٿي رهيو هوندو آهي، انهيڪري زمين جي اتر واري اڌ ۾ ڪافي تيز گرمي جي شروعات ۽ ڏکڻ واري اڌ ۾ سياري جي موسم جي شروعات ٿي رهي هوندي آهي. هن مهيني ۾ زمين جي اتر واري اڌ ۾ ڏينهن جو دورانيو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳندو آهي ۽ ڏکڻ واري اڌ ۾ راتيون وڏيون ٿي رهيون هونديون آهن. رومين ڏند ڪٿائن ۾ ديوتائن بابت عجيب روايتون رومين جي عقيدي موجب اٽلس ديوتا زمين کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو بيٺو آهي. اٽلس ديوتا کي ست ڌيئرون هيون. سڀ کان مشهور ڌي مائيا ڌي هئي. مائيا ديوي جي پٽ جو نالو عطارد هو. سمورن ديوتائن جو ديوتا جيوپيٽر (Jupiter) مشتري سمجهيو ويندو هو. جيوپيٽر ديوتا جڏهن اٽلس جي ستن ئي ڌيئرن تي ناراض ٿي پيو ته ان سڀني ڌيئرن کي سزا طور ستارا بڻائي آسمان تي ٽنگي ڇڏيو. رومين موجب آسمان ۾ ڇهن تارن جو جيڪو ميڙ نظر ايندو آهي اهو انهن ئي اٽلس جي ڇهن ڌيئرن جو آهي. اٽلس ديوتا جي ستين ڌي هڪ انسان سان شادي ڪئي هئي. جيڪو ديوتائن جي آڏو هڪ ناقابلِ معافي ڏوهه هو. ان شادي جو انجام به برو نڪتو. چيو وڃي ٿو ته ان انسان کان ڪا غلطي ٿي وئي هئي، جنهن جيڪري اُن ديوي شرمساري ۾ هميشه هميشه لا پنهنجو منهن لِڪائي ڇڏيو ۽ پنهنجين ڀينرن جي ميڙ کان روپوش ٿي وئي.