سنڌي معاشري جي خصوصيت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    وري هڪڙا اسان جي سنڌي معاشري جي جوڙجڪ جي پويان لڳي ويا آهن ان کي ٽوڙي موڙي پيا برباد ڪن جنهن ۾ انهن شرعات ڪئي ته وڏيرو جاگيردار تمام خراب آ جانچي ڏسبو ته هي سڀ 1947 کان پو جو رويو آ ...اڙِي بابلا هي وڏيرو هي سردار هي جاگيردار تنهنجي هن سنڌي معاشري جو جز آهي جوڙجڪ آهي جنهن ۾ هنن ماڻهن جي هن معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ احساس ذميواري آهي هي سنڌي معاشري جا اڳواڻ آهن ...ها جي ڪٿي ڪو غلت ڪم ڪري پيو ته هو ان جو ذاتي فيل آ نه ڪي سڀ وڏيرا سردار خراب آهن هي ته سنڌ ماڻهن جي بي خودي ۾ هڪ ليڊر شپ ڪوالٽي آ جنهن ۾ هو پورو هڪ بهترين ليڊرمحسوس پيو ٿي ۽ ڀر پاسي ۽ ان سان منسوب ماڻهن جا مسئلا جي اتي جو اتي حل ڪرڻ جو طريقو آ ۽ دنيا ۾ هي سنڌي معاشرو نرالو ۽ منفرد آ ...ڪجه دوست روس گهمي آيا چوڻ لڳا ته هت هاڻي روس جو طريقو اچڻ گهرجي ڪي دوست آمريڪا ۾ ويهي اتان جون ريتون رسمون نمونه پيا هت آزمائينده ...اڙي منهنجا پيارا دوستو اسان جو هي معاشرو بي حد سٺو ڀلو بهتر آ جنهن ۾ پنهنجي هڪ منفرديت آ جيڪا 7000 سالن جي مسلسل لڳاتار ڳانڍاپي جو تسلسل آ ۽ هن ڌرتي جي گهرج آ ....ڪرڻ جي ڳاله اها آ ته هڪ انصاف جي بنياد تي هن کي هلايو وڃي نه ڪي ٻين ملڪن جا معايار آزمايو ....جيڪي چون ٿا ته هو متوست تبڪي سان واستو رکن ٿا انهن ان متوست تبڪي جي جيڪا ڦرلٽ ڪئي آ ڪنهن ان جو تعين ڪيو آ...ايتري سنڌ جي رقم انگيليڊ کڻي ويا آهن جو بينڪن ۾ ماپي نه پئي ..۽ هتي اسن جو سنڌي ماڻهو ٿڌ ۾ سسڪي سسڪي پيو مري يا گرم ڏينهن جي گرمي ۾ سن اسٽروڪ جي حوالي آ جنهن وٽ پورو گهر به نه آهي جيڪو گهر هڪ پکي به ڪمزوري جي انتها تي هوندي به آکيرو ٺاهي پنهنجي رات جا سڪون جا لمحا پيو گذاري پر هت سنڌي ماڻهو جو گهر بلڊوز ڪيو پيو وڃي وري اهي ماڻهو ڪوڙ تي مبني رخ طرف پيا وڌندا وڃن..۽ دهشت گردي جا آثار ٿي پيا آهن تن کي کوکلو ڪريو اي دوستو..اچو وچن ڪريو واعدو ڪريو ته سنڌي معاشري جي هراهڃاڻ جي پاسداري ڪنداسين هر گهڙي هر پل سنڌي تهذيب جي پو واري ڪنداسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو