تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي محمد سليمان وساڻ گذريل دور ۾ پير مظهر الحق جڏهن تعليم جو وزير هيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام ۽ انتظام بري طرح تباهه ٿيندو رهيو. انتظامي امور کان وٺي تدريس جي عمل تائين ۽ ان کانسواء کاتي ۾ ڪيل ڀرتين ۾ به بنا ڪنهن ميرٽ جي ڀرتيون ٿينديون رهيون. نه صرف اهو پر راشي عملدارن پنهنجي وزير ۽ وڏي وزير کي بغير ٻڌائڻ بنا ئي هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جي الڳ الڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو انگ خالي پيل جاين کان به ٽيڻ تي ويو. جعلي ڀرتيون ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٿيون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي لينگيوئيج استادن جي ڀرتين ڪرڻ وقت به ڪجهه آفيسرن ۽ ڪجهه وزيرن جي ڪرپشن سبب ماڻهو ته ڀرتي ٿي ويا پر نه ته انهن کي پگهارون مليون نه ئي انهن جو مستقبل سنوريو. نثار کهڙو تعليم جو وزير ٿيو ته مايوس قوم ۾ هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻ سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري رسائڻ جون ڪوششون ٿينديون، پر سڀ ڪجهه خوابن کانسواء ڪجهه ثابت ڪونه ٿيو. هاڻ ته سيڪريٽري تعليم پيچوهو صاحب ۽ وزير جي جهيڙي ۽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري تعليم جي جهيڙي سبب سڄو نظام ختم ٿي چڪو آهي. وزير وٽ وزارت جي طاقت آهي ۽ سيڪريٽري کي وري پارٽي قيادت جي پٺ آهي، نتيجي ۾ وڙهن سان ۽ کُسن ٻوڙا وارو حساب ڪتاب لڳو پيو آهي. نه استاد پيا پڙهائن ۽ نه وري انتظامي امور پيا هلن. وزير آفيسرن ۽ استادن جي تنظيمن کي ذميوار ڄاڻائي جان پيا ڇڏائين ته هوڏانهن سنڌ جي تعليم بي يارو مددگار آخري پساهه پئي کڻي. ايس ايل ٽي استادن کي 18 مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ انهن مان ڪيترا ته باقائدگي سان اسڪول به وڃن ٿا ۽ ڪلاس به وٺن ٿا. هوڏانهن پارٽي قيادت وري ثقافتي شو جي چڪر ۾ اچي سڀ پئسا اوڏانهن لڳائڻ جي چڪر ۾ نئين ڪرپشن جي بازار کولڻ ٿي چاهي. ايترا سارا پئسا جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري کي کولڻ ۾ لڳائجن ته هوند اسان وٽ هڪ بهترين ادارو کلي پوي. پر يار اسان ته هاڻي صرف رينگٽ ۾ خوش آهيون. سنڌ حڪومت جي گذريل ۽ هاڻوڪي ڪارڪردگي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو عوام ان ڌڻ مثل آهي جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. پنجاب ۽ خيبر پخونخواهه ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ پلاننگ کي ڏسي اهو پيو سوچيان ته ڀلا پوء ڇو نه انهن سان گڏجي ڪو گڏيل نعرو هڻجي، ڇو ته هتي اسان وارن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن اهڙي ڳالهه ڪبي ته سڀ آڱريون کڻندا ۽ غداري ۽ نائون مل جا نوان لقب ملندا. هاڻ اسان سان اها ڪار آهي ته ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر. دنيا جا ترقي يافته ملڪ تحقيق ۽ تعليم ذريعي ئي جنگيون پيا لڙن پر اسان جي روايتي جاگيرداري ۽ وڏيرائپ واريون حڪومتون وري به پاڻ ڏي گوڏا سوري ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. هاڻ ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا اپوزيشن به ناهي جيڪا ڪو آواز اٿاري. ڇو ته هڪڙا وفاق جي ونگار پيا وهن ته ٻيا صوبي جي ڀيل پيا ڪن. الائي ڇو اهڙين حالتن ۾ تعليم جي سڌاري جي اميد به ختم پئي ٿئي.
قومن جي ترقيء جو دارومدار بهترين تعليم ئي هوندو آهي۔ منسٽرن ۽ بيروڪريٽ جي هن جنگ ۾ جيڪو اسان جي تعليم جو ٻيڙو غرق پيو ٿئي ان جو ذميوار ڪير آهي ؟ اسان جي بدقسمتي آهي جو تعليم جي سڌاري لاء ڪو به ڪونه ٿو اچي هر پيٽ ڀرڻ لاءِ اچي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي پير مير ۽ وڏيرا شاهي اسا ن جي تعليم جي سڌاري ۾ مخلص ڪون نه آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه ئي پڙهائڻ وارا استاد بلڪل سنڌ جو عوام نڌڻڪو آهي هڪ سٺي ڌڻي جي ضرورت آهي هڪ سٺي مالهيء جي جيڪو هن چمن جي باغ کي سر سبز ڪري ڏئي
پاڻ وٽ هر شئي جو نظام تي جاگيرداري تي ٻَڌل آهي۔ ادارن جي اصل مالڪ عوام ته ڄڻ ڇوري ڇِني آهي۔ مخصوص ٽولو قابض آهي۔ جنهن سان اُٿڻ ويهڻ جو تجربو هونئن ته گهڻو نه اٿم پر جيڪو اٿم اُن ۾ اهو ڏِسان ٿو بس هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ يا ڪڍائڻ ۾ پورا ۽ خوش آهن۔ ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي۔ بس انهي ۾ خوش آهي ته نظام جي ما ڀيڻ ٿئي ته ٿئي پر منهنجي هلي پئي۔ اوهان جهڙن دوستن پاران مايوسي جي تاثر کي ڏِسي ”مايوسي گُناهه آهي“ واري چوڻي تان اعتبار کڄندو ٿو وڃي۔ لڳي ٿو اسان جي سُٺي تقدير جي تات تدبير جي طاقت وڃائي ويٺي آهي ۽ هاڻ بهتري جي هڪ آخري اُميد ڪو معجزو آهي۔ اسان ڪنهن وڏي اوچائي تان ٺيلهو ڏيئي ڪيرايا ويا آهيون ۽ هيٺ اونهي کائي ڏسجي ٿي۔ بس هاڻ ڪِرڻ جي انتظار تائين اُميد جو سهارو آهي جيڪو هڪ معجزي کان سواءِ ٻيو ڪُجهه ناهي۔ مون کي اهڙي ڳالهه ڪندي ٻُڌي ماڻهو چون ٿا تون ڀاڙيو آهين۔ چُپ ڪري ويهه۔ تون ڀاڄوڪڙ آهين۔ اسان جهڙي به حال ۾ پر سنڌ ۾ ويٺا آهيون۔ تون سنڌ ڇڏي ڀڄي ويو آهين۔ آئون صرف ايترو چوان ٿو ته هن وقت سنڌ وٽ زمين اندر گهڻو ڪُجهه آهي جنهن جو ثمر کائڻ کارائڻ وارا اسان جا ڪمزور ۽ هيڻا ساٿي صفا ٿورا آهن جن کي هڪ طبقو دٻايو ڊيڄاريو ويٺو آهي۔ پر تاريخ ۾ سنڌ وٽ گهڻو ڪُجهه آهي جيڪو وڏڙن ڪيو ۽ انهي جو ثمر اسان کائون ٿا۔ پر وڏن رڳو سنڌ نه پر بين هنڌن تي به پوک پوکي جيڪا لُڻڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔ پاڻ وٽ ته اهو ڪرڻ هاڻي اؤکو ٿيندو وڃي هتي تُرڪي ۾ هي ٻيو نسل به اسان جي وڏن جا اُهي ٿورا ياد ڪريو ويٺو ڳائي ڇو نه انهن سان رهي ڪي قربتون حاصل ڪري تسڪين وٺجي۔ آخر اسان جي وڏڙن جا يار آهن۔
اسان جي وڏڙن جي يارن سان رهي خوش هججان، باقي هت ته ڀينگ لڳي پئي آهي۔ باقي پاڻ رهي ويو آهين سڀ سمجهين ٿو۔ ڌارين ته گهٽ ناهي ڪئي پر پنهنجن ته صفا قهر ڪري ڇڏيا آهن ۔ چوندا هئا ته پنهنجو ماري پوء به ڇانو ۾ اچليندو آهي پر اهي سڀ ڪتابي ڳالهيون اٿئي ادا۔