• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اڄ 23 مارچ جو ڏينهن آهي، يومِ پاڪستان ته بعد ۾ ٿيو پر ان کان پهرين 23 مارچ جو ڏينهن هڪ اهڙي هستيءَ ۽ هڪ اهڙي معرڪي سان مشهور آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو۔۔۔
ها اهو سنڌ جو جوڌو جوان هوشو شيدي هو
1843 ۾ دٻي جي ميدان ۾ سنڌ جي هن بهادر سپوت انگريزن سان جنگ جوٽيندي ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪري انگريزن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا۔۔۔ هڪ طرف انگريزن جا جديد هٿيار ته ٻئي طرف هي ننڍو لشڪر جيڪو هڪ ٽالپر سردار سنڌ کي بچائڻ لاءِ آخري ذريعي طور هوشو جي ڪمانڊ ۾ ڏنو۔۔ ڪنهن به نموني قابو ۾ نه ايندڙ هن شينهن کي نيٺ ڌوڪي سان جنگ ۾ هارايو ويو پر هوشو هي جنگ صرف ظاهري طور تي هارائي پر اندر ۾ اها جنگ هوشو ۽ سندس نظرئي ئي کٽي، ڇو ته جنهن جي عزم ۽ حوصلي کي دشمن پڻ سلام ڪن ته ڇا اهو شخص هارائيندڙ ٿي سگهي ٿو۔۔؟ ڪڏهن به نه۔۔۔ هوشو مرڻ کان پوءِ به جهڪڻ نه سکيو ۽ سندس ساهه به تلوار جي هٿئي تي سر رکندي نڪتو۔۔۔ جنهن کي دشمنن به سلامي ڏني، ڇا اڄ اسان ان جي حوصلي کي ياد ڪيو آهي۔۔ ڇا اسان ڪا ڀيٽا ان کي پيش ڪئي آهي۔۔۔
HaqMojood
 
جواب: مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون۔۔۔

سنڌ جي هن عظيم جنريل کي سرخ سلام ۔۔۔۔ مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڪ نعرو نه پر هڪ فلسفو آهي، جنهن جي تتبع جو ٻيو نعرو سنڌ ۾ لڳو وطن يا ڪفن ۔۔۔ هن فلسفي تحت وطن تان جان نثار ڪرڻ اولين فرض آهي ۔۔۔

هن سورهيه، دلير ۽ بهادر جنرل جي واکاڻ جيتري ڪبي اوتري گهٽ آهي ۔۔۔ پرافسوس! هي جنرل سنڌ جو جنرل هو جي ڪنهن ٻي ملڪ يا قوم جو جنرل هجي ها ته اڄ سندس ڏهاڙو ڌوم ڌام سان ملهايو وڃي ها سندس قبر تي ڪيترن ئي توبن جي سلام ڏني وڃي ها پر افسوس جو سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي تاريخ ۽ انجي جوڌن جو ڪو قدر ڪري نه ڄاڻي ۔۔۔ افسوس صد افسوس ۔۔۔

ڀائڙا مست، اسانجي سنگت مان تو جنرل هوش محمد شيديءَ جي ياد ڪرائي پاڻ ملهايو آهي ۔۔۔ سلام هجي اوهانکي ۔۔

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون۔۔۔

ادا سائين سورهيه بادشاهه وانگر اهڙي سنڌي جوڌن جو به ڏڻ سنڌ سرڪار کي ملهائڻ گهرجي۔۔ نه ته اسان تي اها ڳالهه صحيح ٿي بيهي ٿي ته جيڪا قوم پنهنجي شخصيتن کي وساري ويهندي آهي اها ڪڏهن به ترقي نه ڪندي آهي۔۔
 
Back
Top