هڪ ڪنجوس غلطي سان مهانگو موبائل فون خريد ڪيو. ڪنهن ڏينهن زمين تي ويهڻو پئجي ويس، سو ويهندي ئي گوڏي جي هيٺان موبائل فون اچي ويو ۽ آواز آيو ”ٽڙڪ!“ ڪنجوس ٽَنگ مٿي نه کنئي ۽ آسمان طرف منهن ڪري چوڻ لڳو، ”يا الله! هي جيڪو ٽُٽُو آهي اهو منهنجو گوڏو هجي، موبائل نه هجي“