آخر ڇا ڇا تي افسوس ڪجي؟! پوليس جي ناجائزين تي؟ گوسڙو اُستادن تي يا شهرن ۾ ٿيندڙ انتهاپسنديءَ جي حملن تي! افسوس جي ڳالھه اها آهي ته، گذريل ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ ميونسپلٽيءَ وارا عملدار گڏهن جي چاري لاءِ سرڪار پاران مقرر ڪيل 4000 روپين تي وڙهي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ گڏهه بُک جي سَٽ نه سهندي موڪلائي ويو. مون انهيءَ ڳالھه تي ويٺي سوچيو ته، گڏهه جي کاڌي تي انسان ڇو وڙهيا؟ گٽر نالا ايڏا ته وڌي ويا آهن، ۽ ڪيترائي ٻار هينئر تائين انهن اجگر نالن ۾ ڪري فوت ٿي چڪا آهن پر انهن خوني نالن جي صفائي ڪري انهن کي بند ڪندڙ ميونسپالٽيءَ وارا ٻارن جي حياتي 24 ڪلاڪ داءُ تي لڳائيندڙ نيٺ هڪ بي زبان گڏهه جي حياتي به وڃائي ويٺا، مون کي جڏهن ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ نه ملندو آهي، ويهي افسوس ڪندو آهيان، اسان جي چونڊيل نمائندن تي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن کي چونڊيندڙ عوام تي.... عوام وري افسوس ڪندو آهي، واپڊا وارن تي، گيس وارن تي ۽اڄڪلھه اٽي جي وڌيل قيمتن تي... افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، اسان دنيا جي مهذب ملڪن کان صدين جي فاصلي تي آهيون، تنهنڪري اڃا تائين اسان وٽ جرڳا ڪري نياڻيون سَڱ چٽين ۾ ڏنيون پيون وڃن، جنهن جو هڪ دل ڏاريندڙ واقعو گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۾ پڻ پيش آيو آهي.. منهجي خيال ۾ رڳو افسوس ڪرڻ بجاءِ ڪجھه ڪجي ته بهتر آهي... اُستاد بخاريءَ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته: اُٿي پئو اُٿڻ ۾ اسان جو علاج،