دنيا ۾ اها مشهور چواڻي آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي جو دارو مدار تعليم تي هجي ٿو ۽ ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته سندن تعليم کي تباهه ڪيو وڃي، سرڪار سمورين سڄاڻ ڌرين سميت هر مڪتب فڪر جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته قوم جي ترقي خاطر تعليم کي سڌارڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن پر عملي طرح وس وارا ڪک کڻي ٻيڻو نه ٿا ڪن، سنڌ جي ٻين شهرن وانگر دادو ضلعي جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباهيءَ ڪناري وڃي رهي آهي پر سرڪار سڀ ٺيڪ آهي، جون دعوائون ڪري ٿي پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن، ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيل هي فوٽو ڪنهن ڪچي يا ڪاڇي جي اجڙيل ڳوٺ جو ناهي پر هي سنڌ ۾ لازمي ۽ زوري تعليم جو رواج وجهندڙ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي اباڻي ضلعي هيڊ ڪواٽر دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ قائم عبدالله پنهور پرائمري اسڪول آهي، جتي عمارت نه هجڻ سبب 180 معصوم شاگرد وڻن هيٺان ۽ پٽ تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، مستقبل جا معمار گلن جهڙا ٻارڙا سياري توڙي اونهاري کليل آسمان هيٺ رحم جوڳي حالت ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا، تصوير ان ڳالهه جي به عڪاسي ڪري ٿي ته وڻ هيٺان اسڪول ۾ شاگرد صبح سان پهچن ٿا ته پهرين کين گندي نالي وٽان بدبوءِ مان گذرڻو به پوي ٿو، دادو شهر جي 60 اسڪولن ۾ هڪ به سوئيپر ناهي، 38 اسڪولن ۾ چوڪيدار ۽ پٽيوالا ناهن، 21 صديءَ ۾ پير پائيندڙ ڪمپيوٽر جي جديد دور ۾ معصوم شاگرد ۽ استاد ٻهارا ڏيڻ تي مجبور آهن، رڪارڊ ۾ سنڌ جي بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڄاڻايو وڃي ٿو، اسڪولن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ الڳ اربين رپيا ايس ايم سي فنڊ ڏنا وڃن ٿا پر اسڪولن جي حالت بدتر کان بدتر ٿيندي پئي وڃي، آخر تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪير بچائيندو؟، آهي ڪو قوم کي جهالت جي کوهه ۾ ڪرڻ کان بچائڻ وارو!!! .