ڊاڪٽر آصف جمال ۽ ٻين سنڌ سلامت جي ميمبرن کي منهنجو هڪ عرض آهي ته منهنجي اکين جي نظر صفا ڪمزور آهي،مان چشمو پائيندو آهيان۔مون اکين جي نظر کي بهتر ڪرڻ لا ڪجھ صلاحون ڏيو ته مهرباني ٿيندي۔
سائين منهنجا خادم حاضر آهي۔ هيٺين سوالن جا جواب ڏياري موڪليو ته دوا تجويز ڪيان توهان لا 1۔ توهان جي ڪهڙي پاسي واري اک جي نظر خراب آهي ؟ 2۔ ڇا مٿي ۾ سور رهي ٿو ؟ جي ها ته اڌ مٿي ۾ يا سڄي مٿي ۾ رهي ٿو به ڏسيندا ؟؟؟ 3۔ سائين نظر ويجهي جي خراب آهي يا پري جي ؟؟؟ 4۔ اکين ۾ سور رهي ٿو يا نه ؟ 5۔ اکين مان پاڻي اچي ٿو يا نه ؟ سائين نظر سٺي ڪرڻ لا سڀ کان بهترين شي پتائي گجر آهي۔ جيڪا نيراني کائي سگهجي ٿي ان کان سوا ڀاڄي ۾ به استعمال ڪجي ته واھ واھ۔۔
1۔ توهان جي ڪهڙي پاسي واري اک جي نظر خراب آهي ؟ ٻنهي اکين جي 2۔ ڇا مٿي ۾ سور رهي ٿو ؟ جي ها ته اڌ مٿي ۾ يا سڄي مٿي ۾ رهي ٿو به ڏسيندا ؟؟؟ سڄي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اڌ ۾ 3۔ سائين نظر ويجهي جي خراب آهي يا پري جي ؟؟؟ پري جي خراب آ 4۔ اکين ۾ سور رهي ٿو يا نه ؟ نه سائين سور نه ٿو پوي 5۔ اکين مان پاڻي اچي ٿو يا نه ؟ ها اچي ٿو۔۔۔
سائين مون کي به اکين مان پاڻي اچي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿي ۾ سور به رهي ٿو ، ويجهي جي نظر ڪمزور آهي ڏيڍ نمبر جو چشمو به استعمال ڪندو آهيان ليڪن ڪمري ۾ گهٽ روشني ۾ اکر صحيح نظر نه ٿا اچن ان جو به ڪو ڏس هجي ته عنايت ڪندا۔
هوالشافي سائين سومرو صاحب توهان لاءِ هيٺيون دوائون تجويز ڪجن ٿيون ۔ 1. Ruta 30 ٽي ڦڙا دوا هڪ چمچي پاڻيءَ ۾ روزانو ٽي ڀيرا پيئندا 2. Phosphorus 30 ٽي ڦڙا دوا هڪ چمچي پاڻيءَ ۾ روزانو ٻه ڀيرا پيئندا ڪمپني =Dr. Willmar Schwabe Co Germany دوا هن ڪمپني جي وٺندا نوٽ : دوا هڪ مهينو بنا ڪنهن وقفي جي کائيندا پوءِ وري رابطو ڪندا.
سائين منهنجا جيئن ته توهان اڳ هي ڪافي بيماري لا دوا وٺو ٿا پيا سو ٿي سگهي ٿو انهن جي ڪري اهو مسئلو هجي۔ سو ڪنهن اک جي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته جيئن ان مسئلي جو صحيح حل نڪري سگهي۔
سکر مان ملي وينديون سائين باقي خير پور مان جاچ ڪيو ۔ بس اهو ياد رکجو ته دوا ٻڌايل ڪمپني جي هجي ائين نت ڪا لاهوري دوا لڳي وڃي۔