خوش نصيب آهي ٿرپارڪر جي ڌرتي، جنهن جي پاتال يا پاتار شهر کان، سنڌي ادب جي تاريخ شروع ٿئي ٿي، جيڪا ان دور کان وٺي تيرهن صدي عيسوي تائين به هن ضلعي جي ڌرتي مان ٻاهر نه ٿي نڪري، ماتنگ فقير، سمنگ چارڻ، ماموين جو ٽولو، منڌرو شاعر وغيره سڀئي هن ئي ڌرتيءَ سان لاڳاپيل هئا ۽ سومرا دَور جو ڀاڳو ڀان، بدين توڙي ٿرپارڪر، ٻنهي ضلعن جي زمينن سان وابسته هو. اهڙيءَ طرح سما دور ۾ سمنگ ثاني، ارغون ترخان دور ۾پيراڻو ڀنڀرو، مغل دور ۾ اويڙ فقير، ڪلهوڙا دور جا عبن فقير، رحيم ڏنو فقير، ميهار فقير، علامه مهرو، حڪيم۽ مهراڻ ٻڍاڻي پڻ ڄاتل سڃاتل شاعر هئا، جن مان رحيم ڏنو ۽ ميهار فقير، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي خاص دوستن مان هئا ۽ علامه مهرو وقت جو وڏو عالم ۽ مفسر پڻ هو ٽالپر دور جي شاعرن ۾ صوفي صديق فقير صادق جو نالو سر فهرست ۽ سيد راضي شاهه لڪياري جو نالو ٻئي نمبر تي آهي، جيڪي ٻئي بزرگ وڏا شاعر هجڻ سان گڏ ڪامل درويش به هئا. اهڙي طرح ڪرم علي فقير کورڪاڻي، ڀڳت رامچند لوهاڻو، رحيم راهومون، حاجي فقير، سالار، صابر ۽ نمرو فقير به هن دور جا نمائندا شاعر هئا. انگريز دور ۾ نه فقط هتي سٺا شاعر پيدا ٿيا، بلڪ سٺا نثر نگار پڻ پيدا ٿيا، جن جي تمام وڏي لسٽ آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اديبن ۽ شاعرن جي جيڪا لسٽ ملي ٿي اها ايڏي ته وڏي آهي، جو انهن جا فقط نالا ڳڻيندي به ڪئين ڪلاڪ لڳي ويندا. مٿي ذڪر ڪيل ادبي خاڪي ۾، هن خطي ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو، اهو به ايترو گهڻو آهي جو ان جو تذڪرو ڪرڻ لاءِ به ڏينهن گهرجن. ان ڪري آئون هتي فقط انهيءَ ادب جو خاڪو پيش ڪندس، جيڪو ڇپيل ڪتابن جي روپ ۾ ملي ٿو. ادب جي اشاعتي سلسلي ۾، هتي سڀ کان پهرين علامه مهري جي لکيل تفسير جو، ”پاره عم“ ملي ٿو، جنهن جي ذخامت 500 صفحن کان مٿي آهي ۽ سندس نظم الف اشباع جي نظم جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪو ڏاڍو سلوڻو ۽ وڻندڙ آهي. ان بعد مل محمود جي، حرن بابت چيل بيتن جو نمبر اچي ٿو، جيڪي ارڙهن صديءَ جي بلڪل آخر ۾ ڇپيا، جن جي ڪري مل محمود جيل ۾ ويو ۽ وڏي ڪوشش سان، ڏنڊ ڀري آزاد ٿيو، مل محمود جي انهن بيتن سان گڏ سندس مختصر مثنوي پڻ ڇپي هئي. اهڙي طرح 1912ء ڌاري، حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالو ”جعفرز ٽلي“ ميرپورخاص ۾ آندو ويو. جنهن جو ظاهري ايڊيٽر ماسٽر عبدالرحيم هو، پر اصل ۾ سڀ ڪجهه ”مخلص“ مرحوم جي ذمي هو، جيڪو ان وقت روپوشيءَ جي حالت ۾ ٿرپارڪر ۾ لڪل رهيو ٿي. مذڪور رسالي ۾ نظم خواه نثر ۾ دلچسپ مواد شايع ٿيندو هو، جنهن ۾ طنز ۽ مزاح کي وڏو دخل هو. مذڪور رسالو 1920ء تائين هليو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. انهيءَ دور ۾ مل محمود جا ٽي منظوم ڪتاب ”مجمع العجائب“، ”عجب ليلا مجنون“ ۽ ان سان گڏ ”نصيب انساني“ ميدان تي آيا، جيڪي تعلقي عمر ڪوٽ جي سخي مرد حاجي پرچوءَ پليءَ جي ڪوشش سان، حيدرآباد جي مشهور ڪتب فروش سيد مٺن شاهه، فقير جي پڙ واري شايع ڪرايا هئا. جن مان مثنوي ”عجب ليلا مجنون“ ته ايترو مقبول ٿيو جو اڄ به ڪيترن ماڻهن کي برزبان ياد آهي. هن ئي دور ۾ ڀروڙ جي بزرگ حاجي ابراهيم دل جي مثنوي ”عمر مارئي“ به شايع ٿي، جيڪا پڻ هڪ بهترين شيءِ آهي. مخلص جي وفات بعد، سندس ڀائٽي محمد خان غني، 1928ء ڌاري، ”مخلص“ نالي سان، ميرپورخاص مان ادبي رسالو شايع ڪيو، پر ٿورو وقت هلي بند ٿي ويو. 1932ء ۾ ڏيپلي جي مرد مجاهد، مرحوم محمد عثمان شائق ”مطلب القرآن“ ڇپايو ۽ ان کان چار سال پوءِ، يعني 1936ء ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”قرآني دعائون“ شايع ٿيو. ساڳئي سال عمر ڪوٽ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ولهيٽ“ مان، ٿرپارڪر جي مشهور عالم مولانا محمد عثمان قِرانيءَ جي ياد ۾ ”قراني“ رسالو جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر مولانا عزيز الله ساند ۽ نائب ايڊيٽر ميون احمد ساند ۽ سڀئي ڳالهيون سوچيندڙ ۽ سنڀال ڪندڙ مولانا محمد مبارڪ پلي اثيم هو. جنهن جي محنت ۽ ذهانت جي سموري سنڌ مداح آهي. اهو رسالو مذهبي، ادبي، علمي ۽ سياسي قسم جو هو ۽ مولانا محمد مبارڪ جي وفات سان گڏ هميشه لاءِ بند ٿي ويو. 1938ء ڌاري ڏيپلائي صاحب، ميرپورخاص جي ٽؤنر آباد محلي ۾ ”اسلاميه دارالاشاعت“ قائم ڪري، اسلامي تاريخي ناولن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو جاري ڪيو، جيڪو مسلسل 22-23 سال ساڳئي رنگ ۾ جاري رهيو. ڏيپلائي صاحب، مذڪور ڪتابي سلسلي جي پهرئين ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”منهنجي معنوي استاد، رهنماءِ ادب، خليق مرحوم، هن واديءَ جو هڪ حصو طئه ڪيو ۽ ”سندري“ نالي اها بينظير تصنيف اهل سنڌ اڳيان تحفه ڪيائين، جنهن تي سنڌ جو ادب ناز ڪندو رهندو. ضرورت هئي ته اهو بند ٿيل سفر وري شروع ڪجي. هن خار زار ميدان ۾ وري پابرهنه سياحت ڪجي.“ (سنگدل شهزادي_ص 5) انهيءَ هلچل جي شروعات ۽ پنهنجي حالت ڏانهن اشارو ڪندي، ساڳئي ڪتاب جي ٽئي ايڊيشن جي مهاڳ ۾ فرمايو اٿس ته: ”8 ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته ميرپورخاص ٽنؤر آباد جي هڪ ننڍي ڪوارٽر ۾، سياري جي رات جو زمين تي هڪڙا ٻه شخص ستل آهن، ۽ ديوانن وانگي گفتگو ڪري رهيا آهن. هان، هو چريا آهن ۽ اسلام جي ترقيءَ جا سودائي، هنن تي مسلمانن جي تنزل کان، دلين ۾ آگ ٻري رهي آهي. هو چرين وانگر هٿوراڙيون ڏيئي ڪجهه ڳولي رهيا آهن. انڌاريءَ ۾ ٿاٻا کائي رهيا آهن ته گم ٿيل ملڪيت هٿ اچي. هن مان هڪڙو هو ڏيپلائي ۽ ٻيو هو فاتح لنواري مولانا خير محمد نظاماڻي. ”گفتگو جي گهڻن پهلوئن تي، هڪ هن تي به بحث ٿيو ته اهڙائي ڪي ننڍڙا اسلامي تاريخي ناول شايع ڪجن، جن جي وسيلي سان مسلم فرزند، واهيات ناولن کان هٽي تفريح سان قومي عروج جا داستان مطالع ڪري پنهنجي توجهه انهيءَ طرف ڏانهن وارين.“ (صفحو-1) ڏيپلائي صاحب جو اهو پهريون ڪتاب 1939ء ۾ شايع ٿيو ۽ ان سان گڏ ساڳئي سال ٻه ٻيا ڪتاب ”گلستانِ حسنا“ ۽ ”آخري اميد“ پڻ ڇپيا. اهڙي طرح 1940ء ۾ ”نازنين سمرٺا“، ”نور توحيد“، ۽ ”بلبل ايران“ شايع ٿيا، جن سان گڏ ڪجهه چهنڊڙيون به شامل هيون. انهيءَ دور ۾ مذڪور سلسلي جي ڪتابن جو ساليانو چندو هڪ رپيو هو، جيڪو سال بسال ڪتابن جي تعداد سان گڏ وڌندو 1946ء ۾ چوڏهن رپين تي پهتو ۽ ان وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد به 50 کن ٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ ڏيپلائي صاحب، دارالاشاعت جي هڪ شاخ حيدرآباد ۾ قائم ڪئي، ڇو ته ڇپائي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ رهڻ ضروري هو، نيٺ اها شاخ ايترو مضبوط ٿي، جو ميرپورخاص واري شاخ کي به حيدرآباد گهلي وئي ۽ ڏيپلائي صاحب هميشه لاءِ حيدرآباد جو رهاڪو بنجي ويو. ڏيپلائي صاحب، حيدرآباد ۾ رهندي به ڏيپلائي رهيو ۽ سندس اڃايل روح ٿر جي واريءَ ۾ سير ڪندو رهيو ۽ ٿر جي ماڻهن سان ئي وڏو واسطو رهيس. جنهن مان پهريون شخص، خان صاحب عطا محمد پلي هو، جنهن وٽ ڏيپلائي صاحب تمام گهڻو عرصو پهريائين منشي، پوءِ مئنيجر ۽ پوءِ عام مختيار ٿي رهيو ۽ خانصاحب عطا محمد جي ئي تعاون سان، ڏيپلائي صاحب، مذڪور دارالاشاعت قائم ڪئي ۽ کانئس پوءِ سندس خاندان جا ٻيا افراد ۽ سندس فرزند به ساڻس ٻانهه ٻيلي رهيا ۽ کيس هميشه ”چاچا“ چئي سڏيندا هئا. ڏيپلائي صاحب ٿرپارڪر جو اهو مرد مجاهد هو، جنهن نثر جي سڀني عام صنفن تي لکيو ۽ اُهي ڪتاب شايع ڪيا، جنهن لاءِ سڀئي اديب سندس احسانمند آهن. هن منشي صادق حسين صديقي جي اردو ناولن جي ترجمي سان گڏ پنهنجا طبع زاد ناول به لکيا ۽ انهن سان گڏ ناٽڪ، افسانا، ٽوٽڪا، مزاحيات ۽ طنز جي موضوع کي به ڏاڍو ڪاميابيءَ سان نباهيو. سندس شايع ٿيل ڪتاب ڏيڍ سؤ جي لڳ ڀڳ آهن، جن ۾ اسلاميات سڀني صنفن تي غالب آهي. فتوحات اسلام، حقيقت اسلام، شوڪت اسلام، عروج اسلام، جلوه اسلام، اورنگ زيب جو انصاف، احمد شاه ابدالي، محمود غزنوي، مصطفي ڪمال پاشا، ڏاهري رنگ محل، شيوا جي شيش محل، ڪانگريسي ڪوڙڪو، چيلن جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، نجومي ناٽڪ، شاهدي، سانگهڙ ۽ ايراني انقلاب وغيره سندس بهترين ڪتابن ۾ شامل آهي. اڳتي هلي ڏيپلائي عبرت ڪتابي سلسلي مان عبرت پيدا ڪئي، جيڪا اڄ به ساڳئي نالي سان، قاضي صاحبان جي هٿ ۾ موجود آهي. عبرت بعد انسان جاري ٿيو ۽ هڪ ٻه ٻيون اخبارون ۽ مسلمان به نڪتا، جن کان سموري سنڌ چڱيءَ طرح واقف آهن. ڏيپلائي صاحب جو اهو ڪتابي سلسلو جوڀن تي هو ته، ٿر جو ٻيو هڪ اڻ ورڇ اديب، مهراج نند لعل نندن شرما، 1949ء ڌاري پنهنجي ادبي ڳوٿري کڻي ميدان تي نڪتو ۽ بنا ڪنهن اداري برپا ڪرڻ جي، ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو ناشر به پاڻ ٿي رهيو. هن دور تائين هو پنهنجا لکيل اٽڪل چاليهارو کن ڪتاب ڇپائي ۽ کپائي چڪو آهي، جنهن ۾ وڏو حصو ڌرمي ڪتابن جو آهي ۽ ڪجهه ادبي ڪتاب به آهن. جن ۾ ناول، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ مضمونن جا گلدستا ۽ شعري مجموعا پڻ شامل آهن ۽ هڪ ٻه ڪتاب شخصيات تي به آهن. مذڪور سلسلا جاري هئا ته 1951ء ۾ جهڏي جي انقلابي شاعر مجرم لغاريءَ جو پهريون ڪتاب ”گلشن ڪافيون“ ميدان تي آيو، جنهن بعد سندس ٻيو ڪتاب، ”گڏهه ۽ ڪنڀار“ گهوٽڪيءَ مان نڪري نروار ٿيو، جيڪو لوڪ ادب جي مناظرا صنف تي بهترين ڪتاب آهي. 1952ء ۾ جيمس آباد جي قريشي عبدالحي جهانگيءَ جي افسانن جو پهريون مجموعو ”قيمتي آنسو“ شايع ٿيو ۽ ترت ئي ان جي پويان 1953ء ۾ سندس ٻيو افسانوي مجموعو ”افسانو زندگي“ پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ مٺي جي هڪ صوفي منش، ڀڳت کيمچند لهاڻي جو سهيڙيل ۽ سموهيل ڪتاب ”پروليون“ پڌرو ٿيو، جنهن بعد سندس 9 ٻيا به ڪتاب شايع ٿيا، جن مان ”ڀڄتاولي“ ۽ ”بود دائڪ“ وڌيڪ مشهور آهن. 1950ء کان 1953ء تائين، ”دارالاشاعت احمديه ڪنري“ جا ڪجهه ڪتاب ميدان تي ڏسڻ ۾ آيا، جن مان مولوي محمد عمر جو ”اسان جي تعليم“ اڄ به موجود آهي. انهيءَ عرصي دوران ميرپورخاص تعلقي جي ڪاٺڙيءَ ڳوٺ جي مشهور شاعر جان محمد جروار جوڳيءَ ننڍا ننڍا رسالڙا شايع ڪرايا، جن مان ”رساله جوڳي“ ۽ ”رساله صالح“ چڱيرا ڪتاب هئا. 1955ء ۾ گڻيش داس جو ڪتاب ”ڍاٺ پش ڪرڻا برهمڻ“ رائچند جو ”پير پٿورو“ ۽ پير محمد اسحاق ساقيءَ جو ”يسرالعربي“ ظاهر ٿيا، ۽ 1956 ۾ مولانا عبدالحق رباني، ميرپورخاص مان ماهوار رسالو ”موحد“ جاري ڪيو ۽ اڳ بند ٿيل ماهوار رسالي ”مبلغ“ کي به ميدان تي آندائين، پر مولانا صاحب جي بي توجهي سبب جلد ئي ٻئي رسالا بند ٿي ويا. 1956ء ۾ ئي موهن لعل پاڪستانيءَ جو ڪتاب ”ڪارائتون قلمون“ پيراڻي ڳاهي جو ”گفتارِحق“ ۽ ”مثالي گرامر“ ۽ رائچند جي لاجواب تصنيف ” تاريخ ريگستان“ جو پهريون جلد شايع ٿيو. 1957ء ۾ محمد موسي انڙ جو ڪتاب ”سوا سيڪنڊ ۾ دور“ شايع ٿيو، جنهن بعد سندس ٻيا ڪتاب ”قسمتي ملاقات“ ۽ تنهائي جو تحفو“ مختلف وقت تي ڇپيا. 1958ع ۾ شفيع محمد ڪپري جو ڪتاب ”نظام پاڪ جو اختصار“ ڇپيو، جنهن کان پوءِ سندس ٻيا ڪتاب، ”رهنما“ ۽ ”ٿرپارڪر جي ووٽرن ڏانهن“ جلد شايع ٿيا. ساڳئي سال ۾ محمد هاشم سومري ”لاوطني“ جو ڪتاب ”ستونتي ديوي“ ظاهر ٿيو ۽ ان کان پوءِ سندس ٻيا ٻه ڪتاب ”شهزادي تهمينه“ ۽ ”بلبل بنگال“ به ميدان تي آيا. 1960ع ۾ عبدالستار مجاهد لغاريءَ جو ڪتاب ۽ ”خط جو جواب“ ظاهر ٿيو ۽ ان بعد سندس ٻيو ڪتاب ”ٻروچ جي ٻولي“ پڻ شايع ٿيو. 1961ء ۾ ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پليءَ جي ڳوٺ ۾ هڪ ادبي اداري ”اداره نواءِ ادب“ جو بنياد پيو، جنهنعبدالڪريم پليءَ جو ڪتاب ”وڻجارن وايون“ ۽ ولي محمد وفا جو ڪتاب ”لونءَ لونءَ منجهه لغار“ شايع ڪرايا ۽ ساڳئي سال مولانا نور محمد جي ڪوشش سان، سنڌ جي عظيم مؤرخ ”مولائي شيدائي“ کان لکايل ڪتاب، ”تاريخ خاصخيلي“ ڊينگاڻي مان شايع ٿيو، جنهن کان خاصخيلين جو مؤمن ٿيڻ وارو سلسلو بيهي ويو. 1953ء ۾ عباس ڀنڀري جي سنڌي فلمي نغمن جو مجموعو ”چوڏس“ ڇپيو ۽ ان سان گڏ ساڳئي سال، ميرپور پراڻي جي بزرگ اديب حاجي اميد علي لغاريءَ جو ڪتاب ”روح رهاڻ“ ظاهر ٿيو، جنهن بعد حاجي صاحب جا ٻه ٻيا ڪتاب ”سيد علمدار رضا“ ۽ ”ٿرپارڪر جي سياست“ پڻ جلد شايع ٿيا. 1954ءَ ۾ سيد عباس علي شاهه جي شاعريءَ جو مجموعو ”خيالِ دل“ ڇپيو ۽ ان ئي سال سيد قلندر شاهه چيلهه واري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪلام قلندر“ پڻ ميدان تي ڏسڻ ۾ آيو. 1965ع ۾ منگهارام اوجها جو ”پراڻو پارڪر“ ۽ حاجي عبدالله مؤمن جو ”مواعظ حسنه“ ٽي حصا ڌار ڌار جلدن ۾ شايع ٿيو. 1966ء ۾ ”مهراڻو اڪيڊمي صوفي فقير“ جو بنياد پيو، جنهن 68،67،66 ۽ 78ء ۾ راقم جا چار ڪتاب ”آڏي ڍال مَ ڍار“، ”پکن منجهه پساه“، ”ستا اٿي جاڳ“ ۽ ”ڏاهرلعه“ شايع ڪيا. 1967ء ۾ مجرم لغاريءَ جو ”سچ ۾ مچ“ ڇپيو، پر مچ دکائڻ کان پهرين مچ جي حوالي ٿي ويو، 1968ء ۾ وليرام ولڀ جو ترجمو ٿيل ناول ”غدار“ اشاعت هيٺ آيا ۽ جنهن بعد سندس ترجمو ٿيل ٻيو ناول ”اجنبي“ به ظاهر ٿيو، ساڳئي وقت ”جميل پبليڪيشن ميرپورخاص“ طرفان محمد بخش مجنون جو ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ شايع ٿيو ۽ ان بعد خود مسڪين جو ڪتاب ”ادب ۾ نئون موڙ“ پڻ ڇپيو. 1969ء ۾ احمد خان لغاريءَ جو ڪتاب ”عدلِ جهانگير“ ڇپيو ۽ پير ابراهيم جان جي تصنيف ”اڳ ڄائي“ به ڏسڻ ۾ آئي. 1970ء ۾ ڪنري شهر اندر ”سرهندي پبليڪيشن“ قائم ٿي، جنهن حڪيم پير عبدالعزيز جان جو ڪتاب ”فائق هليا فردوس ۾“ ۽ پروفيسر پير عبدالحق سرهندي جو ڪتاب ”جن ڏور وسايو ڏيهه“ شايع ڪيا آهن. ساڳئي سال قيوم راشد جو ”لعل قلندر“ ۽ حاجي عنايت الله زنگيجي جو ڪتاب ۽ ”لاڙاين جون لاتيون“ ۽ ڄام ساقي جو ننڍڙو ڪتابڙو ”سڪرنڊ هاري ڪانفرنس ٺهراءُ“ پڻ شايع ٿيو. جنهن بعد ڄام ساقي جا ٻيا ڪتاب ”سڄڻ اچ مون سان“، ”کاهوڙي کجن“ ۽ ”نوجوان ساٿين ڏانهن پيغام“ نالي سان به ظاهر ٿيا. ساڳئي سال ميرپورخاص شهر ۾ ”سچ پبليڪيشنس“، ”سنڌ سينگار پبليڪيشن“، ”سنسار پبليڪيشن“ قائم ٿيون، جن نمبر وار 3،2 ۽ 4 رسالا شايع ڪيا ۽ بند ٿي ويون. 1970ء ۾ مٺي شهر ۾ ”هرداس شيوامنڊلي“ قائم ٿي، جنهن هيستائين 8،7 ڪتاب شايع ڪيا آهن جن مان ”ڀڳت هرداس“، ”سنت مالها جلد-1“ ”سنت مالها جلد-2“، ”سماجڪ سکيا“ ۽ ”گياني گلدستو“ چڱا ڪتاب آهن. 1972ء ۾ حاجي محمد ابراهيم مومن جو ڪتاب ”مومن جا مشورا“ ۽ محمد يوسف آفنديءَ جو ”مظلوم ماروئڙا“ شايع ٿيا. 1973ء ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”واٽون، راتيون ۽ رول“ ڇپيو ۽ ان بعد سندس ٻه ٻيا ڪتاب ”شڪليون“ ۽ ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ به ميدان تي اچي چڪا آهن، جن مان پهريون خاڪا ۽ ٻيو افسانن جومجموعو آهن، انهيءَ دور ۾ ئي حاجي عنايت الله زنگيجي جو شخصيات تي لکيل ڪتاب ”مرد مؤمن“ پڻ شايع ٿيو. ساڳئي سال عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ”نائي نيڻ نهار“ ۽ ”آڏو ٽڪر ٽر“، شايع ٿيا، جن بعد سندس ٻيا ڪتاب ”وقت وقت جي ڳالهه“، ”پرهه جوپيغام“، ”صدين جون صدائون“، ”جي ايم سيد“، ”وريا واهرو“، ”قومي تحريڪ“ ۽ ”سر ۾ سانجهيءَ وير“ پڻ مختلف وقتن تي ظاهر ٿيا آهن. ساڳئي دور ۾ پٿوري ۾، ”گرهوڙي يادگار ڪميٽي“ ٺهي، جنهن طرفان، تحقيقي مقالن جو مجموعو ڇپجي چڪو آهي جنهن جو نالو آهي ”مرد مرن ڪين ڪي“ جيڪو گرهوڙيءَ جو بيت جي مصري جو هڪ حصو آهي. 1975ء ۾ شيخ نفيس احمد ناشاد جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”اٺا مينهن ملير تي“ پڌرو ٿيو، جيڪو اصل ۾ ٿرپارڪر جي سابق ڊي سي سيد نور احمد صاحب جي ڪوشش جونتيجو هو، ساڳئي سال رائچند جي ”تاريخ ريگستان“ جو ٻيو ڀاڱو پڻ ڇپيو، جيڪو اڳوڻي کان به اڳرو آهي. 1976ء ۾ غلام محمد راهوءَ جو ڪتاب ”اڃا زار آهن“ شايع ٿيو ۽ ان کان اڳ سندس پهريون ڪتاب ”ڪوڏر وارا“ اڳ ۾ ظاهر ٿي چڪو هو. ساڳئي سال پير ابراهيم جان خليل سرهنديءَ جوڪتاب ”سنڌ سونهاري“ به ظاهر ٿيو. انهيءَ دور ۾ ئي احمد بهراڻيءَ جو ”گلزار احمدي“ ۽ غلام محمد لغاري جو ”ڪميونزم“ پڻ ظاهر ٿيا ۽ ولي سروري صاحب جا لکيل ”ادبي ڪتابن جا رهبر“ پڻ ڏسڻ ۾ آيا. 1977ء ۾ ساماري تعلقي جي هڪ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ”گلزارخليل“ ۾، هڪ ادبي ادارو ”انجمن عبادالله مجدديه“ قائم ٿيو جيڪو هن وقت تائين ٽي ڪتاب ”مناجات محمديه“، ”گوهرن جو گنج“ ۽ ”حقوق القرآن“ ڇپائي چڪو آهي، جن مان ”مناجات“ پير محمد اسماعيل روشن جي ڇپيل آهي، ”حقوق القرآن“ خليل سرهنديءَ جي ڪوشش آهي ۽ ”گوهرن جو گنج“، ميين محمد قاسم ڪالروءَ جي آزاد شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن کي هو”پرزا“ سڏيندو هو، سندس اهي پرزا اڄ کان تقريباً 50 سال اڳ جا لکيل آهن. انهيءَ لحاظ کان هو سنڌ ۾ آزاد نظم جو پهريون شاعر آهي. 1978ء ۾ ڏيپلي جي محمد عثمان اديب جو لوڪ ناول ”سڏوت ۽ سارنگاه“ شايع ٿيو ۽ ان ئي سال عمر ڪوٽ جي شاگردن سيف الله خالد ۽ رميش ڪمار ناشاد، عمر ڪوٽ ۾”ٻارڙا پبليڪيشن“ قائم ڪئي، جنهن هن وقت تائين چار سٺا ڪتاب ”گلڙن رنگ لاتو“، ”وليون وڻ ڦلاريا“، ”جي تو بيت ڀانئيا“ ۽ ”جيڪي آهي اڄ“ شايع ڪيا آهن. ساڳيءَ سال ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ جنجهيءَ ۾ ”محمد ايوب پروانو پبليڪيشن“ قائم ٿي، جنهن طرفان محمد حيات عاجز جنجهي جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ڀٽون ڀرجي آئيون“ شايع ٿي چڪوآهي. 1979ء ۾ ڳوٺ صوفي فقير ۾، ”صوفي صادق پبليڪيشن“ ٺهي، جنهن صوفي صاحب بابت ”جاني آيو جوءَ ۾“ ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو مرتب محمد ايوب شاد خاصخيلي آهي. ساڳئي سال ٽنڊي جان محمد شهر ۾، مير اصغر حسين اصغر، پنهنجي والد مير خان محمد صائم جي ياد ۾ ”صائم اڪيڊمي“ جو بنياد رکيو، جنهن طرفان اصغر جي بهترين تصنيف ”وٺا پٽ پراڻ جا“ شايع ٿي چڪو آهي. سال 1980ء ۾، جهڏي شهر اندر، عبدالعليم شاهه آزاد ۽ غلام حيدر غمدل سيال جي ڪوشش سان، ”تاج اڪيڊمي“ ٺهي آهي، جنهن طرفان آزاد ڪاظمي جو شعري مجموعو ”ڏونگر ڏک مَ ڏي“ ڇپجي چڪو آهي. ساڳئي سال ڊگهڙيءَ ۾ ”ڪوئل پبليڪيشن“ قائم ٿي آهي ۽ ان جي سهاري ٻارڙن جو هڪ ننڍڙو اجتماعي ڪتاب پڻ ڇپجي چڪو آهي. 1981ء جي شروع ۾ عمرڪوٽ ۾ فقير لياقت علي جوڻيجي ”پاڙيچا پبليڪيشن“ نالي سان اشاعتي ادارو ٺاهيو آهي، جنهن تازو، راشديه خاندان ۽ حر مجاهدن جي ڪارنامن تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب ”تنهن سورهيه کي شاباش“ ڇپايو آهي. اهڙي طرح هن ئي سال جي وچ ڌاري، تعلقي ساماري جي ڳوٺ گنهور خان چانڊئي ۾ ”چانڊيا پبليڪيشن“ قائم ٿي آهي، جنهن جي طرفان ڪمال اختر چانڊئي جو شعري گلدستو ”سنيها سرير جا“ ڇپجي رهيو آهي ۽ ڊسمبر جي وچ ڌاري ان جي مهورت ٿيندي. مٿي ذڪر ڪيل، ڪتابن جي ذخيري تي جيڪر نگاه ٿي وجهجي ته انهن جو تعداد ٽن سون کان مٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ گهڻو ڪري نظم توڙي نثر جي سڀني صنفن تي مواد موجود آهي. انهيءَ کان سواءِ ضلعي ۾ انهن اديبن جو به وڏو گروپ آهي، جن جا مقالا، مضمون، ڪهاڻيون، ڊراما، اشعار وغيره مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ته ڇپيا آهن، پر سندن تصنيفات مان ڪابه شيءَ ڇپيل ڪونهي. انهيءَ لحاظ کان هن ضلعي جي اديبن جي اشاعتي ادب جو وڏو حصو، رسالن ۽ اخبارن ۾ موجود آهي. اهڙن اديبن ۾، مير حاجي محمد بخش ٽالپر، لطف الله حساماڻي، يار محمد چڱاڻي، راقم، الله بچايو مشتاق، سروپچندر شاد، نفيس احمد شيخ، راڄ محمد پلي، عبدالڪريم پلي، ولي محمد وفا، ولي سروري، اسد جمال، مجرم لغاري، عثمان سولنگي، تهمينه مفتي، احمد خان ڪيريو، مهر پروين، فهميده لغاري، الهه بچايو لغاري، ٺاڪر شرما، يوسف لغاري، مخلص مهراڻوي، غلام حيدر غمدل، عبدالحميد مڱريو، عزيز مهراڻوي، عطا سرهندي وغيره اچي وڃن ٿا. هن خطي ۾ جتي سٺا سٺا اديب پيدا ٿيا آهن، اُتي ادب نواز شخصيتون پڻ پيدا ٿيون آهن، جن ۾ خان صاحب عطا محمد پلي، وڏيرو سگهو پلي، مير حاجي خدا بخش ٽالپر، پنهنجي پنهنجي دور ۾ اديبن جي جيڪا مدد ڪئي، اها لاجواب هئي ۽ هن وقت ۾ جيڪي معززين انهيءَ ڏس هٿ ونڊائي رهيا آهن، تن ۾ ڏيپلي تعلقي جي بزرگ حاجي الله جوڙئي ارباب جو هڪ اهم ڪارنامو به آهي، جو هن مولانا احمد ملاح جي، قرآن پاڪ جي منظوم ترجمي جو پهريون ايڊيشن پنهنجي خرچ سان ڇپائي سڄي سنڌ ۾ بلڪل مفت وراهيو هو. ٻئي طرف محترم عبدالڪريم ڪريم پلي، هن ضلعي جي نوجوان زميندارن ۾ اها شخصيت آهي، جنهن جي زندگيءَ جو وڏو مقصد ئي آهي ادب نوازي. مطلب ته ادب نواز حضرات جي تعاون سان، توڙي پنهنجي همت سان هن ضلعي ۾ جيڪو ادب جو گلشن تيار ڪيو آهي، ان ۾ قديم توڙي جديد نمونن جا سڀئي ٻوٽا ۽ گل موجود آهن. آخر ۾ آئون انهن اديبن جو ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو جن سڄي عمر، ادب لاءِ وقف ڪئي ۽ هزارين صفحا لکيا، پر افسوس جو انهن جي ڪابه معياري شيءِ اڃا تائين ڇپجي ظاهر نه ٿي آهي. اهڙن اديبن ۾ مرحوم حاجي محمد حسن جنجهيءَ ميرپورخاص واري جونالو سرِفهرست آهي، جنهن کي دنيا جي عالمن ”علم جو ديو“ ڪوٺيو، پر اسان ان جي ڪابه مدد ڪونه ڪئي. هن جي لکيل انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ”دنيا جي تاريخ“ جيڪا 17 هزار صفحن تي مشتمل آهي، اها سندن فرزندن وٽ بي درديءَ سان، ڪپڙي جي ٽڪرن ۾ ٻڌي پئي آهي. شال خدا پاڪ اسان جي وڏن ادبي ادارن کي اهڙي ڪا مت ڏئي جو اهي اهڙيون لاجواب ۽ ناياب شيون، هٿ ڪري اشاعت جي ڪم ۾ آڻين. مرحوم حاجي محمد حسن کان پوءِ آئون پنهنجو نالو وٺندي به هٻڪ محسوس نه ڪندس، جو مون وٽ هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتابن جو مواد وکريل حالت ۾ موجود آهي، جنهن جي نثري حصي ۾ ادب، ثقافت، لطيفيات، لوڪ ادب، تاريخ، آثار قديمه، ادبي تاريخ، شخصيات، لسانيات، گرامر، سوانح، جاگرافي، افسانا، ناول، ڊراما، مضمون، مقالا ۽ ٻاراڻو ادب شامل آهن. مون کي ٿرپارڪر ۾ اهڙا به ڪافي اديب سجهن ٿا، جن وٽ مون 10 کان 20 تائين، مختلف اصنافِ سخن تي تيار ٿيل ڪتاب ڏٺا آهن. ٿرپارڪر جو اهو ادب ظاهر نٿو ٿئي ۽ اديب اڳتي نٿا اچن، تنهن جو ڪارڻ سندن، خودي ۽ خودداري آهي، جنهن کان نه فقط هو صبر ۾ رهي زندگيءَ گذاري رهيا آهن پر گڏ ڪرڻ واري جبلت تحت رات ڏينهن ادبي املهه سهيڙي به رهيا آهن ۽ صوفي صديق فقير صادق جي لفظن ۾ سندن متو، مقصد ۽ اصول اهو آهي ته: جيڪي آهي اڄ، سڀان ناهه صديق چئي، واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري.