• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عرئبڪ مان ايم بي ۾ مواد ڪنورٽ ڪرڻ

مسئلو آهي ته ڪهڙي طرح عرئبڪ سنڌي ۾ ڪمپوز ٿيل مواد ايم بي سنڌي ۾ تبديل (ڪنورٽ) ڪجي؟
ادا توهان عربڪ سنڌي يعني ونڊو 98 ۾ ون ورڊ ۾ لکيل سنڌي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ اگر اهو مسئلو آهي ته سائين ابو واصف جن هن فورم تي اڳ ۾ اهڙو سافٽويئر شيئر ڪيو هو سرچ ڪرڻ سان ملي ويندو ورنه ٻيهر سائين جن کي عرض ڪنداسين ته ملي ويندو ليڪن اگر ڪو ٻيو مسئلو آهي ته ان جي وضاحت ڪندا۔
 
محترم ابو واصف جو ڏنل جواب هن سوال ۾

دوست يونس ملڪاڻي صاحب! ونڊوز 98 عربڪ ورزن، ونڊوز 95 عربڪ ورزن يا وري ونڊوز 3.11 جي سنڌي ڊيٽا ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاءِ اوهان کي مئڪرو انسٽال ڪرڻو پوندو. جيڪو اوهان هن لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪريو:

http://www.4shared.com/zip/3vPLa1Aa/98_to_XP_CONVERTER.html

مئڪرو اپلاءِ ڪرڻ جو طريقو
اوهان ايم ايس ورڊ کوليو. ان کان پوءِ Tool جي مينيو مان Macro تي اچي Security کي ڪلڪ ڪريو. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ جي مدد وٺو.




zvot2a.jpg


هاڻي اوهان هيٺئين اسڪرين شاٽ جي مدد وٺو.

33bfl9t.jpg


ڏنل آپشن کي ڪلڪ ڪري انٽر ڪريو. هاڻي اوهان مائڪروسافٽ ورڊ کي بند ڪري ٻيهر کوليو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهرTool مينيو جي آپشن مان Templates and Add-Ins کي ڪلڪ ڪريو. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو.



iqa1ic.jpg


ان کان پوءِ اوهان کي هن قسم جو اسڪرين شاٽ نظر ايندو:

sypmq1.jpg


هتي اوهان کي ڪلڪ ڪريو ۽ مٿي ڏنل لنڪ مان ڊائون لوڊ ڪيل فولڊر مان As_Converter کي سليڪٽ ڪري ايڊ ڪرايو. هاڻي اوهان ڏسندا ته ايم ايس ورڊ جي ساڄي طرف As_Converter جي نالي سان هڪڙو بٽڻ ٺهيل نظر ايندو۔

2l9rzhw.jpg


اوهان ان بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جي ڊيٽا ورڊ 2003 ۾ ڪنورٽ ٿي چڪي هوندي. صرف اوهان پنهنجو گهربل فونٽ بدلائيندا.[/CENTER]
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مهرباني ادا عبيداللھ جنيد، پر تصويرون (اميجز) نه ٿيون ظاهر ٿين، جنهنڪري ڪم اڃا نه ٿيو

محترم سائين مون وٽ انهن تصويرن جون يوآر ايل نه آهن۔
تصويرن جي لا محترم ابو واصف جن کي گذارش آهي ته تصويرن کي ٻيهر اپلوڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪري۔
 
دوستن کي گذارش ٿو ڪيان ته هي مسئلو ستت حل ڪرائن، ڇاڪاڻ ته مون کي مواد ڪتاب ۾ شامل ڪرڻو آهي، جنهنڪري ڪتاب ليٽ پيو ٿئي۔
 
ادا ايڏي خفي ڪرڻ جي تڪليف نه ڪيو صرف اوهان اهو مواد نيو هالا جي ويب تي موجود ڪنورٽر۾ پيسٽ ڪيو ان کي ايم بي ڪنورٽ جو بٽڻ دٻايو بس مسئلو حل ٿي ويندو
 
محترم ڀا رياضت جي ڳالهه اڃا مبهم آهي ته نيٺ عربي کي ايم بي سنڌي ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي۔ ڇاڪاڻ ته عربڪ ٻولي ته يونڪيوڊ آهي، اها ته ونڊوز 95، ونڊوز 98 ونڊوز ايڪس پي يا وري ونڊوز7 ۾ ڊائريڪٽ کُلڻ گهرجي۔ وضاحت لا جيڪڏهن اسڪرين شاٽ ڏجي ها ته هوند سولائي ٿي پوي ها۔ ان سان گڏوگڏ استعمال ٿيل فونٽ پڻ رکي ته بهتر ٿيندو۔

باقي رهيو ڪنورٽر جو مسئلو ته اهو صرف ۽ صرف ونڊوز 98 عربئڪ ورزن جي سنڌي کي ايڪس پي مان ڪنورٽ ڪرڻ جو آهي۔
 
سائين رياضت صاحب مسئلو حل نه ٿيو هجي ته مونکي فائيل موڪلي ڏيو۔ مان اوهان کي حل ڪري ٿو ڏيان۔ جلدي ۾ ته اهو ئي ٿيندو۔۔۔۔
 
سائين اي جي سنڌي، نيو هالا ويب سائيٽ وڻي، ان ۾ مواد پيسٽ ڪيم، ڪنورٽ بٽڻ پريس ڪيم، پر مواد ڪنورٽ نه ٿيو۔
محترم ابو واصف، مواد ونڊوز 98 جي عرئبڪ ورزن وارو ئي ايم بي سنڌي ۾ ڪنورٽ ڪرڻو آهي۔ ٻيو ڪو مسئلو نه آهي۔
محترم فهيم سولنگي ڏانهن فائيل موڪليان ٿو، ڪنهن به ريت مسئلي مان آجو ٿجي۔
 
ڇوٿا گهٻرايو سائين۔ اي ميل ڪيو۔ دلجاءِ ڪيو۔ هتي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔ جلدي ڪم ۾ جلد ڪجي۔ ته وري ٻين ڪمن ۾ به هٿ وٺجي۔
 
Back
Top