سنڌ جو اهو ڪهڙو شهر آهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڳڙهي خدا بخش ڀٽو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڳڙهي خـــــــــــــــــــــــــــــــــــــدا بخش ڀٽـــــــــــــــــــــــو
    جــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــواب درست آهــــــــــــــــــــــــــــــــي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هاڻي ته ڪونه لڏائيندي نه يا لڏائيندي۔۔۔۔۔؟
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.


    ڳڙهي خـــــــــــــــــــــــــــــــــــــدا بخش ڀٽـــــــــــــــــــــــو جو تعارف
    ڳڙهي خدا بخش جنهن کي ”شهيدن“ جو شهر سڏيو وڃي ٿو. ڳڙهي خدا بخش ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتو ديرو جو هڪ ڳوٺ آهي، هي ڳوٺ پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي تڙ ڏاڏي خدا بخش خان ڀٽي جي نالي سان سندس پٽ غلام مرتضيٰ خان ڀٽو ٻڌرايو.خدا بخش خان ڀٽو پنهنجي علائقي جي هڪ معزز شخصيت هئي، هن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، علائقي جا ماڻهو به سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.
    خدا بخش ڀٽو 22 سالن جي عمر ۾ عملي سياست ۾ داخل ٿيو، 1910 ۾ هو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو.ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ٿيل ڀٽو خاندان جي سپوتن جو تعارف:سر شاهنواز ڀٽو: سر شاهنواز ڀٽو بمبئي سرڪار ۾ وفاقي وزير رهيو، 11 اپريل 1935ع تي سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ملي، 31 آڪٽوبر 1936ع تي سنڌ اتحاد پارٽي جو بنياد پيو، جنهن جو اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو چونڊيو. هي پارٽي هر قسم جي مذهبي مت ڀيد کان مٿانهين هئي.جڏهن ته ٻئي پاسي مسلم پوليٽيڪل پارٽي جيڪا مذهبي بنياد تي قائم ڪئي وئي، جنهن جي قيادت غلام حسين هدايت الله وٽ هئي.اڳتي هلي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ سنڌ ۾ سخت سياسي مقابلو ٿيو ۽ آخرڪار سر شاهنواز خان ڀٽو جي پارٽي سنڌ ۾ 42 سيٽون کٽيون پر بدقسمتي سان هن پارٽي جو سرواڻ سر شاهنواز ڀٽو پاڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان چونڊ هارائي ويو.جنهن کان دل برادشت ٿي سر شاهنواز خان ڀٽو سياست کان الڳ ٿي ويو ۽ هميشه لاءِ بمبئي هليو ويو.بمبئي ۾ رهڻ دوران سندس صلاحيتن کي ڏسندي جونا ڳڙهه جو نواب 1945ع پنهنجي رياست ۾ بطور ”ديوان“ يعني وزير اعظم جي حيثيت سان مقرر ڪيو.
    1948ع ۾ هندستان حڪومت جڏهن جونا ڳڙهه تي قبضو ڪيو ته سر شاهنواز ڀٽو جونا ڳڙهه رياست ڇڏي پاڪستان آيو ۽ هتي ئي وفات ڪري ويو، کيس ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ دفن ڪيو ويو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سياست جي ميدان ۾ عملي طور قدم رکيو ۽ صدر ايوب جي ڪابينا ۾ وزير خارجه جي حيثيت ۾ شامل ٿيو، پر پنهنجي خودداري سان ايوب ڪيبينيٽ کان عليحدگي اختيار ڪري 1968ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو.جنهن جي پليٽ فارم تان عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ 1973ع ۾ پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزير اعظم مقرر ٿيو.1977ع ۾ جي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي واويلا ڪئي وئي، ان جي آڙ ۾ مارشل لاڳو ٿي وئي ۽ جنرل ضياءُ الحق پنهنجي اقتداري دؤر جي شروعات ۾ ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪندي ملڪ جي اعليٰ عدالتن مان ڦاهي جي سزا ٻڌائي، کيس شهيد ڪرايو، پاڻ به ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ ابدي ننڊ سُتل آهي.شهيد شاهنواز ڀٽو: شاهنواز ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍو پُٽ هو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي شهادت کانپوءِ هڪ سازش تحت کيس زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو، شاهنواز ڀُٽو به ڳڙهي خدا بخش ۾ مدفن آهي.
    شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو: مير مرتضيٰ ڀٽو ڊگهي جلاوطني کانپوءِ 1988ع ۾ وطن واپس آيو، پاڻ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جو رهنما هو، کيس به هڪ سازش تحت شهيد ڪيو ويو، مير مرتضيٰ ڀٽو به ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ مدفن آهي.شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي جيل ۾ هئڻ دوران ضيا دور ۾ تمام ڊگهي جدوجهد ڪئي، هو ڪافي ڀيرا جيل ۾ به وئي ۽ جلا وطن به رهي، 1988ع ۾ ضيا جي جهاز حادثي ۾ مرڻ کانپوءِ 1988ع ۾ ئي اليڪشن ڪرايون ويون جنهن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت حاصل ڪئي، نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي، پاڻ پاڪستان جي ٻه دفعا وزيرعظم چونڊي، 1999ع ۾ نواز شريف حڪومت ختم ڪري پرويز مشرف حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ بينظير صاحبه هڪ دفعو ٻيهر جلاوطن ٿي، پر پرويز مشرف طرفان 2007ع ۾ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ هو پاڪستان آئي ۽ اليڪشن مهم دوران راولپنڊي جي لياقت باغ مٿس حملو ڪيو ويو، ان ۾ محترمه شهيد ٿي وئي، کيس به ڳڙهي خدابخش جي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    بيگم نصر ڀٽو: جمهوريت ماءُ سڏجندڙ بيگم نصرت ڀٽو جنهن ضيا دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جيل ڪاٽيا، تشدد برداشت ڪيو پر پنهنجي مقصد تان هڪ انچ به نه هٽي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ قربانيو ڏيندڙن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿاهين آهي، پاڻ گهڻو وقت بيمار رهڻ کانپوءِ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، کيس به ڳڙهي خدابخش ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
    ڳڙهي خدا بخش جنهن ۾ ڀٽو خاندان جا شهيد مدفن آهن، ان ڪري هن کي شهيدن جو شهر سڏيو وڃي ٿو.*
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو