هڪ آرزو هئي ديواني جي دل ۾ : نوازشاهه ڀاڏائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    هڪ آرزو هئي ديواني جي دل ۾

    نوازشاهه ڀاڏائي

    بشير خان قريشي سج جهڙي پرين وانگي هليو ويو ۽ اسين سندس جدائي جي ڪفن کي قلم جي سُئي سان ٽوپا ڏيندي رهجي وياسين پر هو هليو ويو اڏامڪ پکي هو ۽ پکي گهڻو وقت ڪٿي ٽڪي سگهندا ئي ناهن آئون سوچان ٿو اسين هتي ڇو آهيون...! شايد هن سستم جي بيداد نگر ۾ اسان جي چڙي چڙي مرڻ جو تماشو باقي آهي ڌرتي جي ويڪر جيڏي دل رکندڙ بشير خان قريشي سنڌو جي هزارين سالن جي تهذيب جو عملي اظهار هو جنهن جي ناز ۽ نوڙت جي گهيڙو رتن احساسن ۾ ان محبوب مٽي جي مهڪ هئي جنهن جي سيني تي سمهي هن ابتي آرام ماڻيو آهي ديس جي گهٽي گهٽي مان ماتمي نغارا ٿا وڃن ته ويڪرين اکين وارو وڙائتو انسان ڪٿي آهي جنهن جي روح ۾ سچل جون گهڙوليونهيون ۽ ساهن ۾ سنڌو جي سار هئي جيڪو مشڪيو ٿي ته مفليسون ماٺ ٿي ويون ۽ مونجهارن جو موت ٿي ٿي ويو ۽ کليو ٿي ته کير ٿر جون چوڻيون لرز ٿي ويون ۽ رنو ٿي ته تاريخ ٻارن وانگي ٻاڪاريو ٿي هن جي لهجي ۾ ڪنهن وڇوڙيل ڪونج جو ورلاءُ هو هو ڀٽائي جي شاعري جهڙو شانائتو ۽ ارڏو انسان واقعي ڪنهن وڏي ولوڙ ۽ واويلا کان پوءِ وطن کي مليو هو پر هو هليو ويو هن جي ابدي جدائي جي بيقرار گهڙين ۾ سڄي سنڌ جي چپن تي نوحا هئا اوسارا هئا هر دل جي ڪلي ڪوماڻي هڻي هر روح تي رڻ ڪڇ جي رات هئي بس رڳو پڇائون هيون ته هاڻ ڇا ٿيندو.؟ سڏن جا پڙاڏا هر در و ديوار اورانگهي گهرن جي اڱڻن تي ماتم ۾ محو هئا پر ڪوبه جي ايم ڪونه هو جيڪو ڳوڙها اگهي ڳل لائي ها اقتدار ۽ انا کان آجو ڪو اهڙو وجود نه هو جيڪو منهنجي ويڳاڻي ڌرتي جي اُداس چهري تي اميد جو ڪرڻو اڀاري ها سهائي جو ڪو سج پسائي ها

    ڪاتي تان نه ڪٺو ماءُ منهنجو جيڏو،
    جنين ماءُ مٺو سي جت نه پسان جوءِ ۾

    هو هليو ويو هن ندين گلن ۽ پرين جي ديس کان پري خبر ناهي هن جو روح سنڌ جي ڪهڙي گونگي شام ۾ وسرام ڪندو هوندو هن کان پوءِ سن ۽ ان جي ڀر مان وهندڙ ميرانجهڙي درياڳ جون ٻهي ڪنڌيون اداس آهن ۽ کيس سندس رهبر جو پڌر ائين ڳولي ٿو جيئن چيٽ تان ورندڙ ڪونج پنهنو ٻچو ڳوليندي آهي پر بشير قريشي ڪٿي ڪونهي بشير قريشي سنڌ کان ائين رسي ويو جيئين راڻي کانپوءِ مومل جي من کان چين رسي ويو بشير جي رساسي کان پوءِ سنڌ ائين وسامي وئي آهي جيئن ڪنهن اڪيلي مندر جو آخري چراغ وسامي ويندو آهي هو شخص جيڪو سنڌ کي ڪنهن سڀاڳي گهڙي ۾ مليو هو سو هڪ اڀاڳي رات ۾ ستارن جي اجهامڻ کان اڳ ۾ پرھ جي پيدائش کان پهرين چنڊ جي ٻيڙي تي چڙهي د﷡ؤر فلڪ جي نيرڙي دنيا ۾ الوپ ٿي ويو ۽ پويان درد جو رڻ جاڳي پيو نڌڻڪو ديس هڏ جيئن ڏکي پيو مونکي لڳو ته وقت کي ڪاريهر ويو ستارا ٽٽي ڪري پيا اُڀ تي هاڻ ڪوبه بادل تري نه سگهندو ۽ چنڊ روشن ٿي نه سگهندو سهائي جون سڀ کير ڌارائون ڌڙ کان ڌار ٿي ويون اک کلي ته سنڌ وطن جون ڳليون ڳوڙهن سان ڳاڙهيون هيون ان صبح جو سج ڄڻ لهو لهو ٿي نڪتو هو ڪارونجهر جا مور سڏڪيا هئا مٺي جون سهاڳڻون سندور ڀلجي ويون هيون هر دل هجر جي شام هئي ڪهرام هو واءُ ۾ وڇوڙي جا ورلاپ هئا بشير جي جدائي ۾ احساس جون آڱريون رتو رت هيون

    کائي کيرن هيٺ روئي رت ڦڙا
    ڪا مون ٿيندي ڏيڻ ٻيهر ٻاروچن سي

    هو ڪوهيارو ڪاهي هليو ويو ڪنهن سيلاني جوڳي وانگر سندس وئي پڄاڻا سياست صليب تي پئي ۽ سنڌ مسيح جيان مطلوب آهي مفادن جي بيرحم موسم ۾ پنهنجا به پراون سان گڏجي سودبازي جي سيج تي ويهي رهيا تڏهن تاريخ تڙپي اٿي مونکي هو ڏاڍو ياد اچي ٿو هو جنهن کي نه ڪنهن اعليٰ تعليمي ڊگري جو رعب هو نه کيس ڪنهن اوريانا فلاسي جو انتظار هو جيڪا مٿس طويل ناول لکي هن فقير کي نه عطاءَ اللہ شاھ بخاري ٿيڻ جو شوق هو نه وري جواهر لال نهرو هو مٽي جو ماڻهو مٽي ۾ ويهڻ وارو مٽي جي ازلي ۽ ابدي عظمت جو عاشق جنهن لاءِ سنڌ کان وڌيڪ مقدس هئي هو گوڏ پاتل غريب سنڌين سان وچ ۾ ويهي روايتي تاڙي ملائي عام لوڪ واري گفتگو ۾ ڌرتي جا اهي درد اوريندو هو جن کي اسين فلاسافي ۽ ادبي اصطلاحن ۾ الجهائي ڇڏيندا آهيون هن روس جو ادب يورپ جي سياست جا نئو رنن پڙهيا هئا يا نه پر مونکي معلوم آهي ه هو جيل جي اوچين ديوارن پويان قيد و ماھ جي ڏينڀو جهڙن ڏينهن ۾ به ڀٽائي جو رسالو سيني سان لائي رکندو هو ۽ جيڪو ڀٽائي جي شاعري جو تفيسر روح ۾ لائي سو دنيا جي ادب تاريخ فلسيفي سياست عشق ۽ تصوف کان پالهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي بشير قريشي ڇڻ ڪا هو جيڪا تاريخ جي طوفان سامهون پرندي رهزي ۽ سنڌ ان شفص کي زمانن ڳوليندي جيڪو رڻن پٽن ۽ پوٺن جي پنڌ ۾ پير پٿون ڪندو هو پر ديس سندس ساهن جي ڪهاڻي هو جيڪو کائنس آخري پلن تائين نه وسريو بشير قريشي جنهنجو آدرشن آزاد ۽ پاڻ ڀري سنڌ هئي جنهن لاءِ هن آزمائش جا هڙئي مرحلا پار ڪيا زندان گوليون کوليون نفسياتي حملا جبر ڏاڍ خوف ۽ لالچ جا سڀ زريعا مٿس آزمايا ويا پر هن ڪونڌر قريشي هار نه مڃي هار ته ڄڻ سندس هٿ ۽ نصيب جي ليڪرن ۾ هئي ئي ڪا نه هو خليفي نبي بخش قاسم جي ڪيڏاري جو زنده ڪردار هو جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ عظمت لاءِ پوئين پساھ تائين وڙهيو ۽ امام حسن ابن علي وانگر زهر جو پيالو ڏوڪي اتهاس ۾ امر ٿي ويو زمانه اکٻوٽ ۾ ويا وهامي اڃان ڪالھ ڪالهوئي سکر کان پيادل نڪتو سنڌ سڄي کيس لڙڪ ڏنا ڀاڪر ڏنا چميون ڏنيون گل تحفا اجرڪون ته ڳڻپ کان مٿي هيون وک وک جون يادون اسان به سندس ان سفر ۾ گڏ هلڻ جو اعزاز ماڻيو سندس شفقت جي شفق روح ۾ رهجي وئي آهي اڃا اخلاق جوکيو فقير روئي ٿو ان مارچ ۾ اخلاق جو اتساهيندڙ رول هو ڦاڪٽر نياز ڪالاڻي منهنجو يار وقاص ميمڻ ۽ وڏي جو روح روان ساگر حنيف بڙدي... ساگر جيڪو اڄ ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي مون ته وڏي سان ورهين جا ورھ ساٿ ڏيندڙ غفار ڊائيور کي به ڏينهن ٿيا ناهي ڏٺو راڻو ويو ڪاڪ اجڙي وئي تڏهن مون هڪ هنڌ لکيو هو

    ڪا ڪا ڀڃي ٿي راڻا
    مومل ڪيسين ڀوڳي
    هن گوندر جا گهاڻا

    مينڌري جي موڪلاڻي کانپوءِ اڄروھ جبل جهڙي اُداسي آهي اهي ۽ ڪارڪن جن لاءِ “وڏو” ڏونگر جيڏو ڏڍ هو ڇپر ۽ ڇانوءُ هو سي سڀ يتيم ٿي ويا نه رڳو حديد جو گلشن اجڙي ويو پر رتي ديري تي به رڃ آهي تڏهن چئون ٿا ڪنهن وٽ وڃو...؟ مرڪندڙ پيارو مسافر ته ڌرتي تي پنهنجي جان جو دان ڏئي نيري گگن جي دنيا ۾ سمائجي ويو هوجيڪو ارڏايون کڻندو هو هو جيڪو هڪ مرڪ سان ماٺ ڪرائي ويندو هو هن جي ڇڙٻن مان به ڦول ڇڻندا هئا اڄ ڪارڪنن کي آسيس کپي اڄ دوستن کي دل جي ڪشادگي کپي ڪالھ جهڙو پنهون پاڻ هو تهڙو سٽاءَ ساٿ جو هو اڄ اکيون ٿڪي پون ٿيون پر اها للڪار نٿي اڀري جيڪا اقتدار جون عمارتون لوڏي ڇڏيندي هئي ڌارين جون دليون ڌوڏي ڇڏيندي هئي بشير خان سان گهاريل ڪيترن غمناڪ گهڙيون جون ڪڙيون ۽ مٺيون يادون منهنجي من ۾ محفوظ آهن بشير خان اسان وٽ لاڏ ۽ ڪوڏ مان “خان” ۽ “وڏو” جي اسم گرامي سان سڏيو ويندو هو هو جڏهن اسان جي پڌر تي پير ڌريندو هو ته اسان وٽ ڄڻ بهار جي آمد ٿيندي هئي سڪل وڻن م جهڙو ڪر ساوا پن ڦٽي پوندا هئا روپوشي جا ڏيهن هجن سياسي سفر جا ڀيرا بشير خان اساجي ويرانين ۾ ڃڻ خوشين جا مينهن وسائيندو هو هن جي پاڻ پڌراڻ جو ٻڌي اسانجي اوطاق جا در ۽ دريون روشندان وسيع ۽ ويڪرا ٿي پوندا هئا اها رات اسان لاءِ هولي ڏياري ۽ عيد جو سمان هوندي هئي جڏهن “وڏو” اسان وٽ مهمان هوندو هو پوءِ اسين سندس هٿ ڌيارڻ ۽ پير ڇهڻ ۾ هڪ ٻئي کان هوءِ کڻدا هئاسين هڪ جيڏن جي ريس هوندي هئي ته وڏي سان اول ڀاڪر آئون پايان وڏي جي ڳراٽڙي ۽ چمي اول مونکي ملي پوءِ رات جيئن جيئن لڙندي هئي يڪتارن مان فنا ۽ بقا جا آلاپ اڀرندا هئا ۽ گلاسن ۾گلاب ڦٽندا هئا ٽهڪ ٽڙندا هئا آسمان تي چنڊ ڄڻ سيس نوائي ڪنهن سپاهي جيان بيهي رهندو هو لاڙ جون ادس هوائون “خان” جي البيلي گفگتو چاچي اڪبر شاھ ۽ اسانکي ڪنهن اهڙي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندي هئي جو ٻي ڏينهن جي شام اوچتو ڄڻ ڇرڪ ڀري جاڳ ٿيندي هئي اڙي وڏو هليو ويو.....؟ هو رات جو فجر جي آزان کان اڳ هليو ويندو هو ۽ آخر ۾ به ائين ئي ڪيائين هو اڪثر ائين ڪندو هو جهوڪ تي مرشد جي پڌر تي شفيع فقير جي آڏو وحدت الوجودي مجلس مان به ته هو پرھ ڦٽي جو اٿيندو هو پر سندس تن تازو سندس من نئون ڄڻ هن جي جاڳ ۾ ئي ننڊ هئي هو جاڳندو رهيو ته من سنڌ جاڳي پئي پور نيٺ هن کي سمڻو پيو ۽ سنڌ اڃان نه جاڳي..... جن جي لاءِ ڏونگر ڏويارئين پير پٿون ڪيائين هاڙها جبل لڪ ۽ لڪون سٺائين تن آخر ۾ سندس روح رت ڇاڻ ڪيو الزامن جي آڳ سندس ڄر کي ڇرڪائي ڇڏيو محبتون ڪلفتن جون روپ ڌاري ٻيٺيون وفائون تير ئي لڳيون ڀلايون باھ بڻجي ساڙڻ آيون وڏي جو سند سند سڙي ويو مون دوستن جي بيوفائين جي تلخي سندس لفظن ۽ اکين ۾ انيڪ ڀيرا ڏٺي پر هو ڪڏهن به ڪوسو نه ٿيو نه ڏمريو نه ڪنهن کي ڏک ڏنائين ڇڏ ته هن کي جلدي هئي هن کي وڃڻو هو ۽ وڃڻ وارا ڏوراپا نهن ڏيندا. آئون سندس مرقد جي مٽي مان گلاب ڦٽڻ جي آزرو ۾ آهيان هو جيڪو سراپا سنڌ هو هو مستقبل ۾ سنڌ جي جديد شاعرن وٽ ڪنهن ديوتا جي حيثيت ماڻي وٺندو تڏهن ڪي سنڌ اهري هراسيل ۽ چئوڪنڊي جي قبرستان وانگر خاموش نه هوندي پر اها سنڌ مرکان شيخڻ جي لوڪ شاعري جيان رقص ڪندڙ هوندي ۽ صادق فقير جي آواز جيان اڀ ڏاڙيندڙ هوندي ان سنڌ جي تعمير لاءِ ڌرتي جي پٽن ڏاهر کان وٺي سجاد مرکنڊ ۽ عامر گهاوڙ تائين ريٽي رت سان تاريخ هي صفحن کي سجايو آهي اها سنڌ جنهن ۾ ڪهاڙي ڪنڌ ڪپيندڙ نه پر لوڪ ورثي جي زينت هوندي ۽ تلوارن فقط تحفظ خاطر مياڻين جي ذهن ۾ هوندي ون گلي گلي اياز جو گيت هوندو“وڏي” اهڙي شڪل وارو وطن چاهيو ٿي جنهن ۾ ٿڌين هوائن جا جام ساهن ۾ اوتڻ تي ڪا جهل پل نه هجي ڪو ڪجليو ڳائڻ ۽ همرچو جهونگارڻ تي بندش نه هجي جنهن سنڌ ۾ تنهنجو تونسان منهنجو مونسان واري دين جي پرچار هجي جتي محبت هر زبان جو ورد ۽رواادري هر سوچ جو عڪس هجي سچل جي روضي جهڙي ها سنڌ عالم جي آسودگي لاءِ امن اتحاد۽ ترقي جو پيغام پکيڙي سگهي ٿي اهو تخيل هو عظيم ۽ مها پرش جناب سائين جي ايم سيد جو جنهن جي حاصلات لاءِ عملي طرح بشيرخان قريشي وڙهيو ان ويڙھ جي پاداش ۾ هو رات جي رهزنن هٿان ماريو ويو هڪ سال کان مٿي وقت وهامي ويو اٻوجھ سنڌي ۽ اداس سنڌياڻيون سوچينديون رهيون پر خان جو ڪيس تاريخ جي خوني ڳلين ۾ رلندو رهجي ويو ۽ ڌرتي جي جوڌي وٽ جي جسم جا جُزا عالمي۽ ملڪي ليبارٽرين جي وچ ۾ سواليه نشان بڻجدا رهيا پر ڪو پتو ناهي ته سڪرنڊ جي سفاڪ رات جي دامن تي لڳل وڏي جي وفات جو داغ تاريخ جي تيز روشني ڪڏهن منظر عام ڪندي رڳو 7اپريل کانپوءِ تي سوچندڙ دلين کي گهڻو پوئتي وڃڻ جي بجاءِ رڳو 6اپريل کان واردات جا پيرا کڻڻ گهرجن تڏهن به وڏي جي قاتلن جي مک تان جڙتو ماسڪ لهي سگهن ٿا وڏي جو وڇوڙو اها تقاضا سندس خون جگر سان آباد پارٽي جسقم سندس دوستن ۽ سندس پڳدار پٽ کان به ڪري ٿو ته نئين سنڌ جي نئين دولھ خان جي المناڪ موت تي هر طرف کان سنجيده سازش آهي جاچ ٿيڻ گهرجي ڇوته سندس شهادت گهري ۽ سنجيده سازش آهي جي ايم سيد جهڙي خودار ۽ شاھ عنايت بهادري سان جئيندڙ ۽ مرندڙ هن سنڌو جي شهزادي جي زندگي ڏکن ۽ ڏوجهرن جو مجعومو هئي هو سدائين سفر ۾ ڪنهن رولاڪ باغي وانگر رمندو رهيو هن جي چهري تي اداسي جي موسم جا تجلا ضرور ٻکندا هئا پر خوف ۽ خطري جا عڪس سندس آڏو به نه آاي هو نمڪين اکين سان آزداي جو درديلو گيت روح ۾ لڪائي زماني سان پر عزم ٿي ٽڪرائيندو رهيو وقت جيئن جيئن هن جي وارن ۾ چاندي پوکيندو ويو هو تئين تيئن ذميوار ۽ باخبر ٿيندو ويو 23مارچ تي نه لڳو سندس لهجو نئون ۽ انوکو هو پر ڳالهايل لفظن تي سندس بيپناھ و سترس هو هو ڪيڏي مهل ته ايڏو پرجوش ٿي پئي ويو جو ائين لڳو ٿي لڳو ته ته بس اجهو ٿو آزادي جو اعلان ٿئي، پر اڄ سندس وطن جي چادر بي ي بي زينب جيان ليڙون ليڙون آهي مڇ مڙيا آهن سڄي ڏيھ جا غدار ۽ ويڪاڻو هڪ ٿي بيٺا آهن تڏهن ڪاڇي لاڙ ٿر ۽ آباد جا غريب سنڌي ٿڌو ساھ کڻي اڀ ڏانهن ڏسي چون ٿا ته .. بشير قريشي به کسي ويئن......؟
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو