اسلام عليڪم ................... اوهان سڀني تي سلامتي هجي ونڊوز ايڪس پي جو هڪ منتر هٿ آيو آهي، اوهان سان شيئر ڪيان ٿو. انهي سان اوهان ڪوبه ڊرائيو بغير ڪنهن سافٽ وئير جي غائب ڪري سگهو ٿا. 1. Start> Run تي وڃي لکهو “ diskpart” هڪ ونڊو اوپن ٿيندي. 2 . هتي “list volume” لکهي enter ڪيو. ته توهان جي hard drive جي باري ۾ معلومات اچي ويندي. 3 . فرض ڪيو اوهان G drive کي غائب ڪرڻ چاهيو ٿا ته “Select volume 5” ٽائپ ڪيو ۽ enter ڪيو. 4 . هاڻي “ remove letter G” ٽائپ ڪيو ۽ enter ڪيو. هاڻي اوهان مائي ڪمپيوٽر ۾ وڃي ڏسو ته drive G گم ٿي چڪو آهي. فڪر نه ڪيو drive کي واپس آڻڻ جو منتر به اوهان کي ٻڌايان ٿو. جيڪڏهن اوهان کي drive واپس آڻي آهي ته هي طريقو استعمال ڪيو “remove letter G” جي بجائي “assign letter G” لکي enter ڪرڻو پوندو.
جواب: ونڊوز XP ۾ drive غائب ڪرڻ ادا مظهر علي اوهان ته واهه واهه ڪرائي۔۔۔ اهڙي بهترين شيئرنگ۔۔۔ مان انٽرنيٽ تي ڪڏهن يا ڪٿي به ان باري ۾ نه پڙهيو آهي۔۔ هينئر تجربو به ڪيم۔۔ دل خوش ٿي وئي۔۔۔
جواب: ونڊوز XP ۾ drive غائب ڪرڻ ادا مست اوهان جي مهرباني.................. اوهان کي منهنجي شيئرنگ پسند آئي.....
جواب: ونڊوز XP ۾ drive غائب ڪرڻ ادا طاهر فائدو اهيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪا پرسنل ڊيٽا ڪنهن ڊرائيو ۾ آهي، مثال طور تي گهر جون تصويرون، Cv وغيره اسان سيو ڪري ڪنهن ڊرائيو ۾ رکندا آهيون، ۽ ٻيو ڪير اچي ڪمپيوٽر استعمال ڪري ٿو................ ان لاء اسان ڊرائيو کي هائيڊ ڪندا آهيون ته جئين اسان جي ڊيٽا ٻي ڪنهن کا محفوظ هجي...................................
جواب: ونڊوز XP ۾ drive غائب ڪرڻ ادا مظهر تمام بهترين ٽپ آهي الله توهان کي خوش رکي اهڙيون ٽپش اسان کي ٻڌائي اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا رهندا۔
جواب: ونڊوز XP ۾ drive غائب ڪرڻ ادا مظهر علي اوهان تمام بهترين ۽ لاجواب ٽپ ٻڌائي آهي ، اهڙي بهترين ڪوشش جاري رکندا مهربانيون shal judy hujeen