کير جو گلاس

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    هڪ ڏينهن هڪ نوجوان ڪنهن ڳوٺ ۾ در در وڃي ڪپڙي جا ٽڪرا کپائي رهيو هو ته جيئن پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪري سگهي ... ان ڪم دوران کيس بک لڳي ۽ ڳوٺ ۾ ڪو هوٽل به نه هو ... ڇا ڪري؟ کيس خيال آيو ته ڇو نه جنهن دروازي تي پهتو آهيان، انهن کان ئي کاڌي جو سوال ڪريان ...؟

    دروازو کڙڪايائين، دروازو کليو ته سامهون هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪري ... شرم کان سندس بک مري وئي ۽ هو کاڌي جو سوال ڪري نه سگهيو ... پاڻيءَ جو سوال ڪيائين ... ڇوڪري اندر واپس وئي ۽ محسوس ڪيائين ته نوجوان بکايل ٿي لڳو، سو پاڻيءَ جي جاءِ تي کير جو گلاس ڀري آئي ... نوجوان کير جو گلاس وٺي مزي سان پيتو ۽ سوال ڪيائين ته، هن کير جي هو ڪيتري قيمت ادا ڪري؟

    اوهانکي ڪا قيمت ناهي ڏيڻي ... منهنجي ماءُ چوندي آهي ته خئير ۽ رحم جي ڪا قيمت ناهي هوندي ... نوجوان سندس ٿورا مڃيا ۽ الله حافظ چئي اڳتي وڌيو، کير جي گلاس پيئڻ سبب هاڻ هو تازو ۽ سگهارو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ رب جا شڪر ادا ڪيائين ته سندس ڪئين مدد ٿي آهي ...

    ڪيترا سال گذري ويا ... هاڻ اها ڇوڪري جا عورت ٿي چڪي هئي سخت بيمار ٿي پئي ۽ مرڻينگ حالت ۾ اچي وئي ... ڳوٺ جي آس پاس جي سڀني ڊاڪٽرن کيس صلاحيو ته وڏي شهر جي وڏي اسپتال ۾ پهتي ٿئي ... نه ته ڪجهه به ممڪن آهي ...

    مائٽن کيس کڻائي شهر جي هڪ وڏي اسپتال ۾ داخل ڪيو ... فائيل ڊاڪٽر ڏانهن موڪليو ويو، ڊاڪٽر جي جيئن ئي ان ڳوٺ جي نالي تي نظر پئي ته سندس يادن جي اتساهه اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ تڪڙو مريضه وٽ آيو، مريضه کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي ورتائين ...

    ڊاڪٽر پنهنجيون سموريون صلاحتون استعمال ڪندي مريضه جو علاج شروع ڪيو، سندس شفا لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندو رهيو ۽ مريضه جي تيمارداريءَ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين ... آخر سندس محنت ڪامياب ٿي ۽ اها عورت ٺيڪ ٿيڻ لڳي ...

    ڊاڪٽر فائيل تي نوٽ لکيو ته هن مريضه جي اسپتال جا بل مونڏانهن موڪليا وڃن ... فائيل ڊاڪٽر وٽ پهتو ٿيو ... ڊاڪٽر فائيل جي حاشيه تي ڪجهه لکي فائيل مريضه ڏانهن واپس موڪليو ...

    ان عورت کي جڏهن فائيل مليو ته سوچيائين ڳاٽي ڀڳا بل هوندا ۽ ممڪن سڄي عمر جي بچت به پوري نه ٿئي ... آخر فائيل کولي ڏٺائين ته سندس نظر هيٺ حاشيه تي پئي، لکيل هو ...

    ”بل مڪمل ادا ڪيو ويو آهي ... هڪ کير جي گلاس سان “

    عورت جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ کيس ڪجهه ياد آيو ... ۽ الله جا شڪر ادا ڪيائين ته رب کيس ڪيئن مدد ڪئي آهي ....!!!
    ________________________________________
    اخلاقي سمجهاڻي؛
    انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛

    Bread Thrown on water returns to you.
    ”پاڻيءَ تي اڇلايل مانيءَ ڳڀو، اوهان ڏانهن موٽندو آهي“

    مطلب ته نيڪي ڪڏهن به مرندي ناهي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس ملندي آهي ... پر جي هن دنيا ۾ نه به ملندي ته رب العالمين وٽ اجر عظيم آهي ...
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: کير جو گلاس

    واه سائين واه ايمان تازو ٿئي ويو الله توهان کي اجر عظيم عطا ڪري آمين
    هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
    ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين​
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: کير جو گلاس

    سائين مائيءَ ويچاري کي خبر نه هئي ته سندس ايتري ننڍي نيڪي کيس ڪيڏو ڪم ايندي۔۔۔
    ويچاري ته ” نيڪي ڪري درياهه ۾ ڊال“ وارو مثال ڪري نيڪي وساري ڇڏي هئي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: کير جو گلاس

    سائين وڏا توهان صحيح آهيو پر اڄ ڪلهه وري جيڪو نيڪي ٿو ڪري ان کي هن زماني ۾ بدي ٿئي ملي باقي آخرت ۾ ته ثواب ملي ئي ملي

    بهترين سائين

    توهان جي اهڙي بهترين شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: کير جو گلاس

    ان خوف کان ته نيڪي ڳچي پوي ٿي اسان کي نيڪي ڪرڻ ڇڏي نه ڏجي
    بلڪي نيڪي ڪري ان جي بدلي جو انتظار نه ڪجي جيئن ڪهاڻي مان به سبق ملي ٿو
    ڇوڪري کير پيارڻ وقت قيمت وٺي سگهي پئي پر هن ائين نه ڪيو
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: کير جو گلاس

    ادا نيڪي کي ڇو ڇڏجي، جڏهن برائي ڪرڻ وارو پنهنجو عمل نه ٿو ڇڏي ته اسان نيڪي ڪرڻ وارو عمل ڇو ڇڏيون۔ باه جو ڪم آ سارڻ جڏهن ته پاڻي جو ڪم ان جي ابتر آهي ۽ پاڻي هميشه باه کي ٿڌو ڪندو آهي ۽ وسائينديو آهي۔ ۽ پاڻي هميشه گندگي کي صاف ڪندو آهي۔ ٻنهيء پنهنجو پنهنجو عمل ناهي ڇڏيو۔ پوء اگر اسان نيڪي ڪرڻ وارن مان آهيون ته پوء نيڪي وارو عمل ڇو ڇڏيون۔
    باقي هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ظرف آ هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي سوچ آ۔ ڪنهن جي سوچ تي ڪو چائنا جو تالو لڳائي نه ٿو سگهجي۔


    هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
    ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين​
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: کير جو گلاس

    ماشاء الله تمام بهترين واقعو ونڊيو اٿوَ۔۔۔ جنهن ۾ جتي نيڪي ڪرڻ جو سبق به ملي ٿو ته نيڪي جو ڀرپور ثمر ۽ ان جو ذائقو به۔۔۔
     
  8. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: کير جو گلاس

    ادا نثار تمام بهترين شيئرنگ آهي.......
    اوهان تمام سٺو لکيو آهي، مونکي پڻ سٺي ڄاڻ ملي آهي........
    نيڪي ڪرڻ سٺي ڳالھ آهي............
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: کير جو گلاس

    سدا سلامت رهو۔
     
  10. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: کير جو گلاس

    سائين نثار ابڙو صاحب جيو هزار سال



    HaqMojood
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: کير جو گلاس

    ماشاء الله! نيڪيءَ مطلق دوستن تمام سٺا خيال پيش ڪيا آهن ۽ ڪجهه دوستن تمام سهڻيون دعائون ڏنيون آهن ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ نيڪ دوستن جون نيڪ ڳالهيون ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: کير جو گلاس

    سائين نثار ابڙا: هن ڪهاڻي مان بلڪل اهو سبق 16 آنا سچ آهي ته ڏهه دنيا ستر آخرت، رب سائين ڪڏهن به ڪنهنجي ڪيل نيڪي رائيگان ڪونه ڪندو آهي، هو مالڪ ڪُل ڪائنات آهي، دنيا وارا هميشهه خساري ۾ رهيا آهن ۽ رهندا پر منهنجو سچو ۽ مٺو رب جنهن کي چاهي بي حساب ڏي۔ مهرباني مٺا جو تو زبردست اکيون کولڻ جهڙي ڪهاڻي اسان سڀني دوستن سان ونڊ ڪئي
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: کير جو گلاس

    بيشڪ سائين ناز، انسان کي نيڪي ۽ چڱائيءَ جي ڪرڻ جو اجر صرف ۽ صرف خالق حقيقيءَ کان ئي ملندو ۽ نيڪي ڪر درياهه ۾ اڇلاءِ، پوءِ ڏس ته انجو اجر ڪيئن ٿو ملي ۔۔۔
    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو