السلام عليڪم۔۔۔ گوگل جا اڃان ته ڪيترائي راز آهن جيڪي اوهان ۽ اسان کي خبر نه آهن۔۔ جيڪڏهن توهان هڪ اسٽوڊنٽ آهيو ۽ توهان کي ڪنهن ٽاپڪ تي نوٽيس، پاور پوائنٽ سلائيڊ شو، پي ڊي ايف فائل يا ڪا به ٽيڪسٽ فائل ڳولڻي آهي ته توهان تيار ٿي وڃو۔۔۔ اڄ اوهان کي انهيءَ جو حل گوگل ذريعي ئي ملندو۔ هن مان اوهان کي ضرور به ضرور فائدو ٿيندو۔۔ گوگل ۾ جڏهن توهان سرچ ڪندا آهيو ته ڪيترا ئي نتيجا (رزلٽس) اوهان جي سامهون اچن ٿا۔ انهن مان اوهان جي مقصد واري فائل ڏهن مان هڪ مس هوندي۔۔۔ فائلن ۾ پنهنجي مقصد واري فائل ٽائپ جي ڇانٽي ڪرڻ لاءِ هي طريقو استعمال ڪيو: مثال طور مون کي جي ايس ايم آرڪيٽيڪچر جي نالي سان پي ڊي ايف جي فائل سرچ ڪرڻي آهي ته پوءِ مان سرچ بار ۾ هن طرح لکندس۔۔ GSM Architecture filetypedf وڌيڪ هن تصوير ۾ ڏسو.. اهڙي طرح اوهين پاور پوائنٽ فائلس کي ppt. ، ورڊ فائلس کي Doc. ، ٽيڪسٽ فائلس کي txt. ۽ پاور پوائنٽ سلائيڊ شو کي pps. جي ايڪسٽينشن ڏئي ڳولي سگهو ٿا۔۔