اڃان ڪارونجهر جي ارڏائي ستي ڪانهي، اڃان ڪراڙ جا ڪنارا ٿڪا ناهن، اڃان وچولي ۾ کليل ڊگهن وارن قيد ناهي قبوليو اڃان لاڙ جي جوانين جي هٿڙن جي چوڙين جي ڇڻڪاٽ جون ڇوليون قبرن جا ڪتبا ناهن ٿيون، اڃان ٿر جي واري جي چمڪي جو هر نياپو خماريل ڪڪوريل نرالين اکين لاءِ ريشمي حساس جي نرملتا سان ٽٻيل آهي، اڃان اتر جي اجرڪن جهڙن گسن تي دلربائي ۽ ارڏائي جا روپ ۽ رنگ ڦٽا ناهن، ان ڪري اسان به آڳريون ميڻ بتيون ڪري ڇڏيون آهن! ايوب کوسو