• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنها

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
آئون اڃا بہ اُهوئي تنها
بَر ۾ بيٺل وَڻَ جيان
ٽهيل ، ٽڙيل ۽ پکڙيل سوچون
ڌڻيءَ بنان ڪنهن ڌَڻَ جيان
آءُ اڃا ڏس رول اُهوئي
پياسي ڪنهن بادل وانگي
منهنجا اوٺي منهنجا ڳوٺي
سانگ هليا ويا ڪنهن سانگي
تيک بنان جنءَ ڪوئي سورج
هَٿَ هجن جنءَ ريک بنان
توبن آئون ائين ئي ڪورو
ڪاڳر جنءَ ڪو ليک بنان .
امداد حسيني
 
Back
Top