مسلم ملڪن ۾ ڪٽر پڻي جي عتاب هيٺ آيل عقليت پسندي رسول بخش پليجو آئون انساني تاريخ جي مختلف دورن، عيسائي توڙي مسلمان حڪومتن جي عروج ۽ زوال جي حوالي سان پنهنجن گذريل مضمونن ۾ وچور ڏيئي چڪو آهيان، منهنجو هي مضمون ڪاوش ۾ اڳ ۾ ڇپيل منهنجي مضمون ”ڦرن ٿا چرچ جا ڦيرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا“ جو تسلسل آهي. وچئين دور جي مشهور معروف مسلمان فيلسوفن ۽ سائنسدانن جو تعداد سئو کان مٿي آهي. هتي اسين تعارف خاطر انهن مان رڳو ڪن ٿورڙن جو تعارف پيش ڪريون ٿا: الڪندي (801-873): ابو يوسف يعقوب ابن اسحاق الڪندي ”عربن جو فلسفي“ جي حيثيت سان مشهور آهي. هن کي اهو نالو ان لاءِ ڏنو ويو آهي، جو هن فلسفي کي مذهبي عالمن لاءِ قابل قبول بنائڻ لاءِ اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي. هو ارسطو جي فلسفي جي مڪتب فڪر جو مسلمان باني ۽ منطق، رياضي، طبعيات ۽ موسيقي جهڙن مختلف رنگن جي مضمونن ۾ 270 ڪتابن جو ليکڪ هو. هو آڳاٽن فلسفين ۾ شمار ٿيڻ وارو پهريون عرب مسلمان فلسفي آهي. خليفي مامون عباسيءَ جي درٻار ۾ الڪندي دنيا جي ثقافتي مرڪز جو سڀ کان چمڪندڙ تارو هو. هن جون علمي سرگرميون مامون کانپوءِ خليفي معتصم ۽ پوءِ خليفي واثق جي حڪومتن جي دوران پنهنجي پوري طاقت سان قائم رهيون. پر ان کانپوءِ جڏهن خليفو المتوڪل عباسي تخت تي ويٺو ته مسلمان روشن خياليءَ جو ڊگهو دور ختم ٿي ويو. نئين خليفي کي ان ڳالهه جو قائل ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ته هي فيلسوف ڏاڍو خطرناڪ عقيدن جو مالڪ آهي. متوڪل جلد ئي الڪنديءَ جي ذاتي ڪتب خاني الڪنديه کي ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. سٺ سالن جي فيلسوف کي سرعام پنجاهه سخت ڦٽڪن جي سزا ڏني وئي. هر ڦٽڪي تي ماڻهن جو هجوم خوشيءَ وچان ”ڪافر ڪندي مرده باد“ جا نعرا هڻندو رهيو ۽ 873ع ۾ ٻاهتر (72) سالن جي عمر ۾ گذاري وڃڻ کان تمام گهڻو اڳ الڪنديءَ تي اداسي ۽ خاموشيءَ جا دورا پوڻ لڳا هئا، جيتوڻيڪ هن جي هڪ دوست ڪنهن طريقي سان هن کي سندس ڪتب خانو واپس ڏياريو هو، پر سر عام ڦٽڪن جي سزا جي ذلت جو احساس الڪنديءَ جي دل ۾ ويهي رهيو هو. هو اسلامي دانشورن جي ٽولي جو پهريون دانشور هو، جيڪو عقليت پسنديءَ جي خلاف ڪٽرپڻي جي رد عمل جو شڪار ٿيو. الرازي (925- 865): محمد ابن ذڪريه الرازي، اسلامي دنيا جو سڀ کان وڏو طبيب ٿي گذريو آهي. طب جي شعبي ۾ هن جي عظيم ڪارنامن سبب هن کي ”جالينوس عرب“ ۽ عالمي تاريخ جي وچين دور (Middle ages) جي ذهين ترين شخصيت چيو ويندو آهي. ايراني نسل جي الرازيءَ طب جي تعليم بغداد ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ تهران جي ويجهو هڪ شفا خاني جو انچارج مقرر ٿيو. هو ڏاڍو همدرد طبيب هو، اميرن ۽ غريبن جو هڪ جهڙو خيال رکندو هو. الرازيءَ جي سڃاڻپ انهن لکتن سان ٿئي ٿي، جيڪي هن زندگيءَ بابت مختلف علمن تي لکيون آهن. هو آزاد خيال فيلسوف هو ۽ الڪنديءَ کان به وڌيڪ يوناني عقليت پسنديءَ سان دل هئس. هن جي دعوى هئي ته الله پاڪ انسان کي پيدا ڪيو ۽ عقل جو حصو هن (انسان) کي عطا ڪيائين ۽ اهڙي طرح هن کي مادي ڪائنات کي سمجهڻ جي قابل بڻائي ڇڏيائين. الرازيءَ پنهنجي آزاد خياليءَ جي ڏاڍي ڳري قيمت ادا ڪئي. ڏاهپ سان مالا مال هن جا ڪافي ڪتاب گمناميءَ جي ور چڙهي ويا. چيو وڃي ٿو ته بخارا جي قدامت پرست منصور خاندان جي هڪ امير ڪاوڙ ۾ اچي اهو حڪم ڏنو ته الرازيءَ جو لکيل ڪتاب کڻي زور سان سندس مٿي تي هڻو ۽ ايترو ماريوس جو يا ته هن جو مٿو ڦاٽي پوي يا ڪتاب ٽٽي پئي. ان کان پوءِ الرازيءَ جي نه رڳو اکين جي روشني ختم ٿي ويئي، پر سندس زنده رهڻ جي خواهش به ختم ٿي ويئي. جڏهن هڪ طبيب آپريشن ڪري سندس اکين کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاح ڏني ته الرازيءَ جواب ڏنو ته: ’مون هن دنيا کي تمام چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏيو آهي. هاڻ مونکي دنيا کي وڌيڪ ڏسڻ بلڪل پسند ناهي‘، ان ڳالهه کان ٿوڙي عرصي کانپوءِ هو گذاري ويو. ابن سينا (1037-890): بو علي الحسين ابن سينا جديد دور جو، وقت کان پهرين پيدا ٿيڻ وارو غير معمولي ذهين شخص هو. هن جا ڪارناما ۽ لکتون علم جي ڪافي شعبن تائين ڦهليل آهن. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن قرآن شريف حفظ ڪري ڇڏيو ۽ 17 سالن جي ڄمار تائين هو هڪ مڃيل طبيب بنجي چڪو هو. ٻن سالن جي اندر هن تمام وڏي يوناني فيلسوف ارسطو جي مابعد الطبعيات تي مهارت حاصل ڪري ورتي. هن جو شاهڪار اصول طب (القانون) ان وقت تائين طب جي شعبي جو نصابي ڪتاب رهيو هو، جيستائين جديد طب وجود ۾ نه آئي، پر ان زماني جا حڪيم رڳو حڪمت ئي نه ڪندا هئا. ابن سينا قديم اهل حڪمت يا عقل مند شخص جو هڪ بهترين مثال هو. هو اڻ ٿڪ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هن فلسفي، منطق ۽ طب جي شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن جون تحريرون ۽ ڪتاب علم جي انهن شعبن تي مشتمل آهن. کانئس اڳ آيل فيلسوف الڪنديءَ جيان ابن سينا به ڏاڍو آزاد خيال ۽ عقل دوست فلسفي هو. هي ٻه ٺلهن ذاتي حوالن بدران عقلي دليلن جي برتريءَ تي دارو مدار رکندو هو. ڪجهه عرصو هو امير همدان جو وزير رهيو. اتي فوج جي ڪن ”راسخ العقيده“ آفيسرن سان مذهبي بحث ٿي پيو. اهي آفيسر ايترا ناراض ٿيا، جو انهن ابن سينا جي قتل جو مطالبو ڪيو. سپاهي هن جي گهر آيا ۽ هن کي گهر ۾ نه ڏسي سندس گهر کي ڦري لٽي سڀ سامان کڻي ويا ۽ هنن امير کان هن جي قتل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڪارروائيءَ جي ابن سينا کي بروقت خبر پئجي وئي، تنهن ڪري هو پنهنجي دوست ابو سعد دفدق جي گهر ۾ روپوش ٿي رهيو. ۽ اتي ئي هن پنهنجي شاهڪار سائنسي تخليق ”القانون“ تي ڪم ڪيو. ابن سينا ڪيترائي ڀيرا انتهاپسند دشمنن کان بچڻ لاءِ فرار ٿيو. هن جي ڪتابن تي پابندي لڳائي وئي. ڪيترائي دشمن رات ڏينهن هن خلاف سازشون ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا، تنهن ڪري هن جي دوستن هن کي صلاح ڏني ته پنهنجي خيالن ۽ ڳالهين کي ڪجهه ٿڌو ڪر ته ٽائيم پاس ٿئي. جواب ۾ ابن سينا چيو:”آئون گهٽ ڊگهي پر گهڻي وسيع زندگي کي گهڻي ڊگهي پر تنگ زندگي تي ترجيح ڏيندو آهيان“ ۽ ابن سينا انتهائي جرئت سان پنهنجي رستي تي هلندو رهيو. جڏهن هن تي ڪفر جو الزام لڳايو ويو، تڏهن هن پنهنجي مشهور غزل ۾ چيو ته: درهمه دهر چومن يڪي وآن هم ڪافر پس درهمه دهر هيچ مسلمان نه جو بود. (سڄي جهان ۾ مون جهڙو سچي ايمان وارو آئون هڪڙو، سو به جي چون ٿا ته ڪافر آهي ته پوءِ چئبو ته هن سڄي جهان ۾ ڪو هڪڙو به مسلمان ڪونهي) ابن سينا جي لاڳيتي احتجاج باوجود، هن کي عالمن جي حلقن ۾، نه رڳو هن جي پنهنجي زماني ۾ پر پوءِ جي صدين ۾ به، بدعتي قرار ڏنو ويندو هو. قدامت پرست مذهبي عالمن ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر عالم امام غزاليءَ به ابن سينا کي منڪر قرار ڏنو- چيائين: ”ٻه فيلسوف ابن سينا ۽ فارابي يوناني فيلسوف ارسطو جي فلسفي جو پرچار ڪن ٿا، تنهن ڪري انهن ۽ سندن پوئلڳن خلاف فتوى ڏيڻ کپي ته هو منڪر آهن“ ابن رشد (1198-1126): ارسطو ۽ ان کانپوءِ جي دور يعني نئين ابوالوليد (Renaissamce) جي دور جي فلسفن جي وچ ۾ مضبوط رشتو قائم ڪرڻ جو اهم ڪم سرانجام ڏيڻ سبب ابوالوليد محمد ابن رشد مغرب ۾ ٻين اسلامي فيلسوفن کان وڌيڪ مشهور آهي. بين الاقاومي شهرت جي دانشورن ۾ ابن رشد پهرين صف جو دانشور هو. وچئين دور (Middle ages) ۾ فلسفياڻي، مذهبي ڪشمڪش دوران ڪٽر عيسائي ۽ مسلمان عالم ابن رشد جي لکتن کي الحاد ۽ بدعت قرار ڏيئي باهه ۾ ساڙيندا رهيا. ابن رشد جون لکڻيون ارسطو تي تفصيلي ۽ مضبوط تبصرو هيون. تنهن ڪري انهن کي يورپي دانشورن لاطيني ۽ عبراني ٻولين ۾ ترجمو ڪيو. جلد ئي هن جي تبصرن تي تبصرا لکيا ويا. هن جون ڪافي لکڻيون ۽ ڪتاب غائب ٿي چڪا آهن. هن جي راءِ ۾ بهترين عبادت اها آهي ته دماغ جي ذريعي خدا جي دانائيءَ جي ڄاڻ سندس نظام ڏسڻ، جاچڻ ۽ سمجهڻ وسيلي حاصل ڪئي وڃي. پهريان سيول (اشبيليه) ۽ پوءِ قرطبه جي قاضيءَ جي حيثيت سان ابن رشد ڪٽر عالمن جو نشانو هو. هو آخرڪار سياسي سازشن جو شڪار ٿي ويو. جڏهن 1184ع ۾ خليفي ابو يعقوب جي مري وڃڻ کانپوءِ ان جو پٽ ابو يوسف تخت تي ويٺو ته ابن رشد شاهي مهربانين کان محروم ٿي ويو. خليفي جي حڪم سان منطق ۽ سائنس جي پڙهڻ تي بندش وڌي وئي. پوءِ ابن رشد جي قرطبه ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي. هن کي ۽ فلسفي جي شاگردن کي بنا ڪنهن سبب جي صوبي جي هڪ ننڍي (يهودي) ڳوٺ موڪلي ڇڏيو. هن جا سڀ ڪتاب، سواءِ انهن ڪتابن جي جيڪي خالص سائنسي موضوعن تي نه هئا، باهه ۾ ساڙي ڇڏيا ويا. ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ هن تي ٻيهر شاهي عتاب آيو ۽ هو مراڪش آيو، جتي انتهائي ذلت سان ماريو ويو. ابن رشد الغزاليءَ جي عقليت دشمنيءَ جو شد مد سان مقابلو ڪيو ۽ ان جو زوردار رد لکيائين. هن جا لکيل اڪثر ڪتاب لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. يورپ جي نئين سجاڳيءَ جو دور، جنهن ۾ يورپ پراڻين دقيانوسي سوچن ويچارن کان آزاد ٿي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان هٿياربند ٿي سڄي جڳ جهان جو مالڪ ٿيو ويٺو آهي، ان دور جا باني يورپ جي تاريخ مطابق ٽي ڄڻا هئا، جن مان هڪڙو ابن رشد هو، جنهن يوناني فلسفي تي گهريون عالماڻيون ڇنڊ ڇاڻون ۽ تبصرا ڪري ان کي اپ ٽو ڊيٽ ڪيو. ابن خلدون (1406-1332): مسلمان تهذيب جو آخري عظيم دانشور عبدالرحمان ابن خلدون هو. هو اڻويهين صديءَ تائين گمنام رهيو. ان صديءَ ۾ اوڀر جي دانشورن هن کي انساني ڪردار جي سائنس جي ماهر ۽ علم الانسان جي اوائلي عالم جي حيثيت سان ڳولهي لڌو. خلدون سان مسلمانن جي لاپرواهيءَ جو سبب فلپ هٽيءَ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”هي فيلسوف غلط زماني ۽ غلط جڳهه تي پيدا ٿيو. هو پنهنجي ماڻهن کي عالمي تاريخ جي وچئين دور جي غفلت جي خوابن مان جاڳائڻ لاءِ ڏاڍي دير سان آيو ۽ يورپي ماڻهن ۾ به هن کي پنهنجو ترجمي نگار دير سان مليو. هن کان اڳ ۽ نه پوءِ ڪوبه سوچ ۽ فڪر جي مڪتب اهڙو ڪونه هو، جنهن لاءِ چئي سگهجي ته اهو ابن خلدون جي خيال وارو مڪتب آهي. ليکڪ ۽ ماهر عمرانيات جي حيثيت سان هن جي ڪم تي تبصرو ڪندي ٽُئائڻ بي لکيو آهي ته، ابن خلدون تاريخ جي فلسفي جي تحقيق ڪئي ۽ ان کي ترتيب ڏني اهو ڪم بنا ڪنهن شڪ جي پنهنجي قسم جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به جاءِ تي سر انجام ڏنو ويو هجي.“ ابن خلدون هڪ اهڙي يمني خاندان جو چشم و چراغ هو، جيڪو اندلس (اسپين) ۾ لڏي اچي رهيو هو. گهڻو ڪري مسلمان دانشورن ابن خلدون کي نظر انداز ڪيو آهي پر ڪن وري هن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. مسلمانن ۾ علم ۽ ڏاهپ جي روايت تي اها حقيقت هڪ داغ آهي. ته ابن خلدون ان وقت تائين گمنام رهيو، جيستائين هن کي اوڀر جي مستعشرقين (ايشيا جي تاريخ جي مغربي عالمن) ڳولهي هٿ نه ڪيو ۽ هاڻ جڏهن ته هن تي انهن وڏن عالمن پنهنجي تصديق جي مهر هڻي ڇڏي آهي ته پوءِ (عرب نسل پرستن ۽ ڪٽر عالمن کي ڇڏي) ڪيترائي دانشور هن جون زبردست تعريفون پيا ڪن. ”اسپين تي مسلمانن ستن صدين تائين حڪومت ڪئي. ان دور ۾ مسلمانن يورپ جي ماڻهن کي يونانين ۽ مسلمانن جي صدين ۾ گڏ ڪيل علمي خزانن کان واقف ڪيو. پوءِ يورپ ۾ نئين سجاڳي جو دورو آيو ۽ نئين سائنس جي شروعات ٿي. 17 ۽ 18 هين صديءَ ۾ هن علائقي ۾ صنعتي انقلاب، سياسي انقلاب ۽ روشن خياليءَ جو زمانو هو. ڊيڪارٽ، نيوٽن، واليٽيئر، روسو، وڊيرو، ڪانٽ سميت بي شمار اهڙا مفڪر ۽ سائنسدان پيدا ٿيا، جن سماج جي فڪر ۽ فطرت جو رخ بدلائي ڇڏيو. هڪڙو نئون اصول اهو طئي ٿيو ته ڪنهن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو قول ٻڌائڻ جائز ناهي. ڪنهن شئي کي ثابت ڪرڻو آهي ته تجربن ذريعي ڪيو وڃي. 18 هين صديءَ ۾ دنيا تي جيڪا سامراجي چڙهائي ٿي، ان کان بچڻ لاءِ مسلمانن وٽ ڪوبه بچاءُ جو ذريعو ڪونه هو. سامراجي اولهه آفريڪا کان وٺي اوڀر ايشيا تائين سموري اسلامي دنيا تي ڇانئجي ويا. اها ڳالهه هڪڙي اهڙي تهذيب لاءِ وڏي رسوائيءَ جي ڳالهه هئي، جيڪا تهذيب هيستائين فقط فتحون حاصل ڪرڻ جي عادي هئي. جديد سامراجيت جي طاقت جو دارو مدار فقط هٿياربند ماڻهن جي تعداد تي نه هو، بلڪه جديد سائنس جي سائنسي طريقن تي هو. ان سائنسي طاقت جي پهرين ضرب مسلمانن کي اهڙو جڏو بڻائي ڇڏيو، جو انهن کي پاڻ تي اعتبار ئي نه رهيو. ڇو ته مقابلو برابريءَ وارو نه هو. سامراجيت هڪڙو پيچيدو نظام هو. هيءَ هڪڙي اهڙي طاقتور مشين هئي، جنهن ۾ سوين پرزا هئا، جنهن مان هر پرزو صحيح ۽ مقرر ڪيل وقت تي حرڪت ۾ آيو پئي. ان جي طاقت جو سرچشمو رائيفلون ۽ توپون نه هيون، جيڪي 1757ع ۾ پلاسيءَ جي جنگ ۾ ڪتب آنديون ويون. هن سامراجي بلا جي اصل طاقت ٻاڦ تي هلندڙ جهازن، ٽيليگراف، ٽيڪنالاجي ۽ جديد تنظيمي طريقن ۾ لڪل هئي. انهن شين کان مسلمانن جون پوک تي هلندڙ قديم تهذيبون ناواقف هيون. مسلمان ويڙهه جي جديد فن کان ناواقف هئا. تنهن ڪري اهي ٿورڙي تعداد وارين انگريز ۽ فرينچ فوجن سان پهچي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته اهي فوجون جديد سائنسي هٿيارن سان هٿياربند هيون ۽ جنگ ۾ ويڙهه جا بهتر فن استعمال پئي ڪيائون. ان وقت مغرب ۽ اسلامي دنيا ۾ جيڪا هڪجهڙائي هئي، سا ختم ٿي وئي. جڏهن صنعتي ۽ سرمايه دار نظام جو مقابلو هڪڙي پراڻي ۽ مدي خارج جاگيرداري نظام سان ٿيو ته نتيجو صاف ظاهر آهي. اڳتي هلي اسرائيل خلاف جنگ ۾ عرب حڪومتن کي شڪست ملي. پوءِ جمهوري ادارا قائم ڪرڻ ۾ به مسلمان سماج ناڪام ٿي ويا ۽ مسلمان دنيا تي فوج، ڪامورا شاهي، قبائلي ۽ جاگيردار طبقا ڇائنجي ويا، ”ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هن ڌرتيءَ جي سمورن ملڪن مان اسلامي ملڪ سائنس جي ميدان ۾ سڀ کان پوئتي پيل آهن. اها ڪمزوري جيڪي خطرا پيدا ڪري ٿي، تن کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته اڄ ڪلهه جي زماني ۾ ڪنهن سماج جي بقا جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته ان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واڌارو ڪيترو آهي“ بهرحال ڪجهه ترقي ٿي آهي. مسلمان ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ سائنس جا مضمون پڙهايا پيا وڃن. گهڻن يونيورسٽين ۾ سائنس جا شعبا آهن. عرب مسلمان ملڪن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جون وزارتون آهن ۽ حاڪم ۽ سرڪاري عملدار پنهنجين تقريرن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهيمت تي زور ڏيندا آهن پر ان جي باوجود اها هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته گهڻن مسلمان ملڪن ۾ سائنس ۽ ڪمن جي سائنسي طريقن کي شڪ شبهي جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. 1983ع ۾ ڪويت ۾ هڪڙي اعلى سطحي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ 17 عرب يونيورسٽين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد هو ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته عرب دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن. پر ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ تي فقط هڪڙو سوال ڇائنيو پيو هو ۽ اهو هي هو ته ڇا سائنس اسلامي آهي؟ 1967ع جي جنگ ۾ عربن جي شڪست جو خاص سبب اهو هو ته هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ پوئتي پيل هئا، ان ڪري خيال اهو هو ته عربن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي زبردست خواهش پيدا ٿيندي پر اهو خيال غلط هو. (مضمون ۾ ڏنل حوالا پرويز هودڀائي جي ڪتاب ”مسلمان“ سائنس جا آهن) ڪاوش جي ٿورن سان
بلڪل ادا حقيقت ۾ اڄ اسين جيڪي سائنسي آسائشون استعمال ڪري رهيا آهيون اهي سڀ مسلمان سائنسدانن جي ڪاوشن جو ئي نتيجو آهن۔ اهي مسلمان سائنسدان ئي آهن جن سائنس جو بنياد وڌو ۽ هاڻ ته اها ڳالھ انگريز به تسليم ڪري چڪا آهن ته مسلمان سائنسدانن جي اڳڀرائي کان سوا سائنس جو ايتري اوج تي پهچڻ ناممڪن هو۔ اها اسان جي بدقسمتي آهي جو گذريل ڪيترين ئي صدين کان مسلمان سائنسدان تيزي سان زوال طرف پيا وڃن۔ ان جو مکيه سبب تعليم جي وسيلن گهٽتائي آهي۔ سچ ته اهو آهي ته اسين اڄ به اهو علم ٿا پڙهون جيڪي دريافتون انگريزن ٻه سئو سال اڳ ڪيون هيون۔ ائين کڻي سمجهو ته اسين باقي دنيا کان 200 سال پوئتي رهجي ويا آهيون۔