• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

معروف اديب،سياست دان،آغابدرالدين دراني ...

سهڙيندڙ : شاهين سنڌي

معروف اديب، سياست دان، آغابدرالدين دراني

آغا بدرالدين دُراني: -آغا- بدرالدين ولد -آغا- شمس الدين دراني ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي دراني پٺاڻن مان مشهور سياستدان ۽ علم دوست -انسان-ٿي گذريو آهي. 23 مارچ 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اعليٰ -تعليم- علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ورتائين. فارسي، سنڌي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين ۽ ادب تي عبور حاصل هئس. 1937ع ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- ۾ شامل ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ سان لاڳاپيل رهيو. مسلم ليگ جو ضلعي صدر پڻ رهيو. -ان- کان سواءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ميمبر به رهيو. ڊسمبر 1946ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. چونڊن ۾ ڪانگريس جي اميدوار کي شڪست ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1947ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. 1953ع جي چونڊن ۾ ٻيهر ميمبر ٿيو ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. سندس ذاتي ڪتب خانو ”آشيانه ادب“ نالي سان ناياب قلمي نسخن، نوادارات ۽ قيمتي ڪتابن سان ڀريل ضلعي توڙي سنڌ جو نادر ۽ وڏو ڪتبخانو شمار ٿئي ٿو. جنهن مان -پير حسام الدين راشدي-، اينمري شمل ۽ ٻين وڏن عالمن استفادو حاصل ڪيو آهي. هن 1937ع ۾ هفتيوار -اخبار- ”پيغام صلح“ جاري ڪئي. -آغا- صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي. حج جي سعادت به حاصل ڪئي اٿس. هن حاجين جي رهنمائيءَ لاءِ ”مسافر حجاز“، ڪتاب لکيو، -ان- کان سواءِ هن جي ٻين ڪتابن ۾ ”ڪامرسِ -ان- پاڪستان“، ۽ ”سنڌ ۽ هتي جا ماڻهو“ مشهور آهن. -آغا- صاحب 26 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
badr-durani.jpg
 
Back
Top