جسمم جي سڏ تي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڪارڪنن جون گرفتاريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    حيدرآباد (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ متحده محاذ پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي سنڌ ٽوڙڻ واري بيان ۽ برطانوي حڪومت خلاف ڏنل هڙتال جي سڏ جي موٽ ۾ سنڌ ۾ هڙتال رهي، ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ هلي، پوليس ڇاپا هڻي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، وسندين گلشن حديد، پپري، ڀينس ڪالوني، ماروي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ڪراچي جي موسميات، حضوران ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل بند رهيو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جزوي طور بند رهي، حيدرآباد ۾ سٽي، گاڏي کاتو، لجپت روڊ، کوکر پاڙو ۽ ٻين علائقن ۾ مڪمل هڙتال رهي ۽ ٽرئفڪ معمول کان گهٽ هئي، قاسم آباد جا علائقا نسيم نگر، وحدت ڪالوني، ڀٽائي نگر ۽ حسين آباد به بند رهيا، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو قيصر، موسيٰ کٽياڻ، ڏيٿا، عثمان شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال رهي، جست ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميرپور بٺورو، هالا، ڀٽ شاهه ۽ مٽياري سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو، ٽنڊو محمد خان شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ هڙتال کي جزوي موٽ ملي، سکر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جنهن سبب پيٽرول پمپ ۽ واپاري مرڪز بند رهيا، بعد ۾ ڪارڪنن لالا اسلم پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، شهدادڪوٽ ۾ هڙتال ڪئي وئي، پوليس گذريل رات ڪريڪر جي ٿيل ڌماڪي جو ڪيس جسمم جي ڪارڪنن فياض مگسي، عبدالله مستوئي ۽ ٻين سميت 6 ڄڻن خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت داخل ڪري ورتو آهي، قمبر ۾ هڙتال جي سڏ تي هوٽل، دڪان ۽ پيٽرول پمپ وغيره بند رهيا، وارهه ۾ هڙتال رهي، آريجا ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ڪاروبار بند رهيو، ڪارڪنن مجيب چولياڻي، سڪندر آريجو، منير چولياڻي، عاشق مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ رائل اسٽيشن روڊ، جاڙل شاهه، بندر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته سي اين جي اسٽيشن ۽ پيٽرول پمپ پڻ ڪيترائي ڪلاڪ بند رکيا ويا، ڏوڪري ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال رهي، بعد ۾ فراز پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪيو، ڳيريلو ۾ هڙتال سبب ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جست (سرڪي) جي ڪارڪنن علي رضا جتوئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، لعلو رائنڪ ۾ جسمم ڪارڪنن امر لولائي، شڪيل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، بعد ۾ جسمم ڪارڪنن بخش علي مغيري، اعجاز تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، دادو ۾ ڪاروبار بند رهيو ۽ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي، ڄامشوري ۾ هڙتال جي سڏ تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته سي اين جي اسٽيشن ۽ پيٽرول پمپ پڻ بند رکيا ويا، سنڌ، مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽين جون پوائنٽ بسون پڻ نه هليون، سن ۽ مانجهند سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڙتال ڪئي وئي، سيوهڻ ۾ مڪمل هڙتال رهي، جڏهن ته نامعلوم ماڻهن شاهي بازار ۾ فائرنگ ڪئي، پوليس جسمم اڳواڻ حامد ڀٽو جي گهر تي ڇاپو هنيو پر گرفتاري نه ٿي، ڀان سيد آباد ۾ اڌ ڏينهن هڙتال رهي، جڏهن ته پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ جسمم چيئرمين شفيع برفت سميت 10 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن ۾ شاهنواز ڀٽو، امير ڀٽو ۽ نثار اوٺو پڻ شامل آهن، جڏهن ته مختيار لغاري ۽ ڪاشف ٻگهيو جي گرفتاري ڄاڻائي وئي آهي، ڪوٽڙي ۽ سائيٽ وارن علائقن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار بند رهيا، جڏهن ته پوليس سائيٽ مان 6 ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن، نوابشاهه، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، ٻانڌي، شاهپور جهانيان، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ مڪمل هڙتال رهي ۽ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ هئي، ڪارڪنن حمد ڀٽو، بادشاهه ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهپور جهانيان ۽ سڪرنڊ ۾ مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون، نوشهروفيرز ضلعي جي محرابپور، خانواهڻ ۽ مٺياڻي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن جاويد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، پوليس نديم نوناري ۽ افضل راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو، بدين، گولاڙچي، ٽنڊو باگو، تلهار، ماتلي، شادي لارج، ڪڍڻ، نندو، کوسڪي ۽ ڪڙيو گهنور ۾ مڪمل هڙتال رهي، گولاڙچي ۾ احمد علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، شڪارپور ۾ ڪاروبار بند رهيو، گرهوڙ شريف ۽ ڦلهڏيون ۾ هڙتال ڪئي وئي، باڊهه ۾ مڪمل طور تي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، باڊهه ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي هڙتال ڪئي وئي، خيرپور صرافه بازار ۽ نيشنل هاءِ وي مارڪيٽ سميت سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ معمول کان گهٽ هئي، پوليس ۽ رينجرز جسمم ضلعي صدر فياض خميساڻي ۽ مبين احمد سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جسمم ڪارڪنن شهر جو گشت پڻ ڪيو، پير جو ڳوٺ ۾ هڙتال رهي، ڪارڪنن سجاد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، بوزدار وڏا ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ سانگهڙ ۾ گاڏيون نه هليون، ٺري ميرواهه ۾ ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته هنڊياري ۽ پيروسڻ ۾ به هڙتال ڪئي وئي، سيٺارجا ٿاڻي جي حد ۾ ڏيپارجا ريلوي ڦاٽڪ وٽ ريلوي ٽريڪ تي ڪريڪر ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب لاهور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس کي روڪيو ويو، بعد ۾ ڪليئرنس ملڻ تي ٽرين رواني ٿي، ٻئي طرف جسمم جي چيئرمين شفيع محمد برفت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پرامن ڪامياب هڙتال ڪرڻ تي سمورن سنڌين جا ٿورائتا آهيون، هن اهم وقت تي سنڌي قوم جو جسمم سان بيهڻ اسان لاءِ باعث فخر آهي، جسمم سنڌ خلاف سمورين سازشن کي سنڌي ماڻهن سان گڏجي ناڪام بڻائيندي، سنڌي قوم ۽ جسمم جي خدشن تي برطانوي سرڪار وقت سر ڌيان نه ڏنو ته سگھارو احتجاج ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته جسمم جي پرامن هڙتال جي ڪاميابي کانپوءِ رياستي ادارن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن مان ڪيترا اڃا گم آهن، مهذب عالمي برادري جسمم جي ڪارڪنن جي بناجواز گرفتارين ۽ گمشدگين جو نوٽيس وٺي، جسمم چيئرمين چيو ته سنڌ صدين کان هڪ رهي آهي ۽ رهندي، ڪنهن کي به سنڌ جي وجود خلاف ڪا سازش ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، رياستي ادارن ۽ پنجاب جي سنڌ دشمن سازشن جو عالمي دنيا حصو ٿيڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ سموري سنڌ انهن جي مفادن خلاف ٿي بيهندي، هوڏانهن جسمم جي پريس پڌرائي موجب جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت پاران برطانوي هاءِ ڪمشنر کي هڪ خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هن برطانوي سرڪار مٿان واضح ڪيو آهي ته هڪ ماڻهو ۽ برطانيا جي مسلسل غيرسنجيدگي سنڌي قوم کي برطانيا جي مفادن جي خلاف ڪري سگھي ٿي، جسمم چيئرمين فلپ برٽن کي لکيل خط ۾ چيو ته جسمم برطانيا کي هڪ مهذب ملڪ سمجهي ڪيترائي دفعا سنڌ جي مسئلن بابت اپيلون ڪندي رهي پر موجوده وقت ۾ برطانيا حڪومت جو غيرذميواراڻو رويو سنڌي قوم کي پسند ناهي ۽ هڪ مهذب قوم جي حيثيت ۾ برطانيا مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو سنڌين جي تاريخي هڙتال جو نوٽيسوٺي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو