هن ديسَ جي هارين نارين سان، سي ساڳيا هن انڌير اڃان، روٽيءَ جي گهرڻ تي گار ملي، لوئيءَ جي بدران مارَ ملي، ٿِي رَتَ ۾ لَٿ پَٿ فرش مٿان ۽ لوهي شِيخن جي پٺيان، ڦَٿڪي ڦَٿڪي ڪي ساههَ ويا، او شوخ هوا، او شوخ هوا، مخدوم بلاول کي چئجان، ته ٽلٽي جا ڌڻي ڪا واهر ڪر. حليم باغي