• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائرس جو حملو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم
منهنجي پي۔سي ۾ وائرس حملو ڪيو آهي، اواسٽ اينٽيوائرس به اُن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، ٻڌايو ته هاڻ ڇا ڪجي ؟؟؟ ڪنهن سُٺي اينٽي وائرس جو لنڪ موڪليندا ته مهرباني ٿيندي۔
هي پوسٽ آئون فاروق سومرو سليمان وساڻ ذيشان رشيد رحيم بخش جن کي ٽيگ ڪريان ٿو جيئن منهنجي مدد ڪري سگهن۔
 
ادا توهان هي اينٽي وائرس استعمال ڪريو
http://usa.kaspersky.com/downloads/free-home-trials/anti-virus
اميد ته هي اينٽي وائرس توهان جي پي سي کي وائرس کان بچائيندو۔
 
ادا مون وٽ ته هاڻ ڪوبه پروگرام يا اينٽي وائرس انسٽال نه ٿو ٿئي، اگر سڀئي پارٽيشن ڊيلٽ ڪندس ته منهنجي ڊيٽا هلي ويندي جيڪا آئون سال کان گڏ ڪندو پيو اچان۔
توهان جيڪو اينٽي وائرس ڏسيو آهي اهو به انسٽال نٿو ٿئي
 
usb disk security سافٽوير۔۔۔۔؟
 
اهو به نٿو انسٽال ٿئي۔ هر پروگرام کي وائرس لڳيو وڃي ۽ ڪرپٽ ٿيو وڃي۔
ته پو توهان کي ڊرائيورز فارميٽ ڪريو سڀ ۽ جيڪڏهن توهان ڊيٽا وڃائڻ نه ٿا چاهيو ته پو ڪنهن 8 جي بي جي يو ايس بي اها ڊيٽا ڪاپي ڪري رکو۔۽ نئين ونڊوز سيون انسٽال ڪريو۔ان سان انشا الله هاڻي نه ايندي وائرس۔
 
ادا ائين ٿو ڪريان ، منهنجي ڊيٽا 15 جِي بي آهي۽ يو ايس بي 8 جِي بي! لڳي ٿو ته ڊيٽا تان هٿ کڻڻا پوندا۔
 
ادا پنهنجي ڊيٽا ڪنهن ويب سايٽ تي اپلوڊ ڪريو جهڙوڪ 4 شيرڊ وغيره پو فارميٽ آل ڪريو۔
ٻيو پنهنجي اهم ڊيٽا جو نيٽ جي ڪنهن سايٽ تي بيڪ اپ رڪندا ڪريو
 
ادا طاهر ائين ڪيم ۔ ڪجهه اهم ڊيٽا گوگل ڊرائيو تي رکيم ۽ ڪجهه يوايس بي ۾ لڳايم، ۽ ونڊوز 7 به ڪئي اٿم۔
پر هڪ مسئلو وري ٻيو ظاهر ٿي پيو آهي۔ اڊاب انسٽال ڪيم ته هلي ئي نٿو۔ ان جو ڪو حل آهي ؟ اڊاب جا 3 ورشن انسٽال ڪيم ، ڪو به نه هليو۔
 
ادا ونڈوز 7 تی پاٹ انجان آیا ئی نه آهیون ان کری هن مسئلی م اهی دوست رهنماجی کن۔
 
Back
Top