هن ٽائيم ڏٺو ، رات جا ست ٿيا هئا ، هن مهل تائين ڪل ٻہ تارون آيون هيون ، ٿيلهو ڇنڊي ، هن تارون وري پڙهيون ، سندس منهن تي نہ ڏک جي ريکا هئي ، ۽ نہ وري خوشي جو تاثر . هڪ تار شادي جي ڪوٺ هئي ۽ ٻي موت جي خبر ، هن لاءِ اهڙي قسم جون تارون ڪا نئين ڳالهہ ڪونہ هئي ، اها هن جي ڊيوٽي هئي ، سندس ڪم ئي هو تارون پهچائڻ ، هو ويهن سالن جو ، قداور نوجوان هو ، نهاڳت ئي ڳنڀير ۽ حساس ، ڪجهہ سوچي ، هن ٿيلهو هڪ پاسي ڦٽو ڪيو ، ۽ ٻئي تارون لفافن ۾ بند ڪري ، خاڪي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌيون ، ٻاهر نڪري ، گيٽ وٽ بيٺل سائيڪل جي گدي ڇنڊي ، هن پيڊل تي پير رکيو ، ٻئي تارون بئريج ڪالوني جون هيون ، هو آهستي آهستي اوڏانهن وڃڻ لڳو . هو ان ڇڪتاڻ ۾ هو ، تہ ڪهڙي تار پهرين پهچائي ، موت جي يا خوشيءَ جي ، پر گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ بہ ڪو فيصلو ڪري نہ سگهيو ، هن جو هٿ امالڪ سندس کيسي تائين ويو ۽ موت جي خبر وارو لفافو سندس هٿ ۾ هو ، بيشڪ اهو گهر دڳ ۾ پوندو ، ڄڻ فيصلو ڪري ورتائين ، تہ پهريائين موت جي خهر پڄائي ۽ پنهنجا پلئہ آجا ڪري . در تي پهچي ، هن ڪوارٽر نمبر ڏٺو ۽ لفافو ڪڍي ، ان تي لکيل گهر نمبر ڏسي پڪ ڪيائين ، لانگ مٽائي ، سائيڪل تان لٿو ، سائيڪل بيهاري ، جئن ئي ڪڙو کڙڪائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ، تہ ڪن تي دهل جو دٻڪو پيس ۽ ان سان گڏ عورتن جو ڪورَس جي انداز ۾ گيت ڳائڻ ، هن جو ڪڙي ڏانهن وڌيل هٿ ، ڪجهہ گهڙين لاءِ هوا ۾ اٽڪي بيٺو ۽ پوءِ نِستَي لام جيان ، زور سان هٿ هيٺ لڙڪي پيو ، گهر ۾ شادي جو چهچٽو ۽ دهل دماما لڳا پيا هئا ، اهڙي ويل موت جي خبر ٻڌائڻ ! هن سوچيو ۽ ڪو بہ فيصلو ڪري نہ سگهيو ، محسوس ڪيائين ، تہ هو ماڻهو نہ ، پر موت جو فرشتو ملڪ الموت هو ، جيڪو ڏک جي احساس کان وانجهيل آهي ، جنهن جو خوشي سان ڪو بہ سٻنڌ ناهي ، جيڪو موت جو داروغو آهي ، يا مشيني پرزو ، کيس نہ خوشي جي لهر محسوس ٿئي ٿي ۽ نہ وري درد جي سٽ اُڀري ٿي ، هن وٽ لڙڪ ۽ مُرڪ لفظن جي ڪا بہ معني ڪانهي ، ڪو بہ مفهوم ڪونهي . دل ۾ آيس تہ سائيڪل تي پير رکي ڀڄي وڃي ، ان منحوس خبر جو گهر جي خوشين تي پاڇو پوڻ نہ ڏئي ، پر هو ائين ڪري نہ سگهيو ، بت بڻيو بيٺو رهيو ، هڪ وار وري سندس هٿ ڪڙي ڏانهن وڌيو ، پر اڻڄاتل خوف کان هڪ دم پوئتي هٽي آيو . سوچيائين ، موٽي وڃي اهي لفافا آفيسرن جي منهن تي هڻان ، تار جون مشينون ڀڃي ڀور ڪيان ، نوڪريءَ تان استعيفا ڏيان ۽ دنيا تياڳي ڇڏيان ، هن ڪلجڳ مان نجات جو اهوئي ئي هڪ طريقو آهي ، اها ئي هڪ واٽ آهي ، يا سنڌوءَ ۾ هن منحوس خبر سوڌو ٽپو ڏيان ، تہ من اهي موت جا اکر ميٽي سگهان . هو مئٽرڪ پاس هو ، هن کي ان نوڪري کان سخت نفرت هئي ، ٻي نوڪري لاءِ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي هئائين ، پر ناڪام رهيو ، لاچار اهائي نوڪري ڪيائين ، هن اڳ بہ موت جون خبرون پڄايون هيون ، پر اڄ جيان ، خوشي جي موقعي تي موت جي خبر ڪڏهن ڪين ڏني هئائين ، اها پهرين آزمائش ۽ پهريون تجربو هوس ، هن نٿي چاهيو . تہ گهر جون مڙئي خوشيون دهل دماما ۽ ٽهڪ درد جي هڪ ئي سڏڪي ۾ ٻڏي وڃن ، هو درکان پرڀرو ٻڏ تر ۾ بيٺو رهيو . اندر صفي ۾ عورتون نچي رهيون هيون ، ڳائي رهيون هيون ، گهنگهرن جي ڇن ڇن جا آواز مترڪو بڻجي هن جي مغز کي لڳي رهيا هئا ، ڪنهن عورت گيت شروع ڪيو ، لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾ آءُ کنيو پئي اچان ، منصور منهنجي اڳ ۾ ، آُ نچندي اچان .... هن جي پيرن هيٺان ڄڻ ڌرتي کسڪي وئي ، اکين اڳيان اوندهہ اچي ويس ، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ، بت بڻيو بيٺو رهيو ، ساڳيو نالو منصور گهوٽ جنهن جي شادي هئي ، جنهن جي موت جي خبر هو ڏيڻ آيو هو ، ملڪ الموت بڻجي ، شيطان بيحيائي سان ، ٻه ڳوڙها ڳلن تان ترڪندا ، سندس کاڏيءَ وٽ ڦهلجي ويا ، ان وقت سندس دل ۾ هڪ خواهش ڪر موڙيا ، تہ ڪاش مان يوناني ڏند ڪٿا جو ديوتا اپولو هجان ها ، ۽ ان ٽرئجڊيءَ جي اڳواٽ خبر رکان ها ، جيڪڏهن مان ٽرئجڊي جو خالق هجان ها ، تہ هوند اهڙي ٽريجي ڪاميڊي ٿيڻ نہ ڏيان ها ! پر ان ڳالهہ جي احساس ، تہ هو تار وارو هو ، کيس تصور جي دنيا کان ٻاهر ڪڍي آڻي حقيقت جي ڏند ڪٿا آڏو بيهاريو . اندر هاڻي ٻيو گيت شروع ٿيو هو ، اکڙيون منصور جون ٻرن مشالا ، ڪجل جوڙ بنايو ، ................. هن محسوس ڪيو ، هاڻ منصور جون اکيون ٿڌيون هونديون ، وساڻيل هونديون ، پر هنن عورتن ، مائرن ، ڀينرن کي ڪير سمجهائي تہ لاٽ اکيون اُجهامي چڪيون آهن ، ٿڌيون ٿي ويون آهن ، پر ڪنهن ۾ ايتري سگهہ آهي جو چئي ڏي ! ٻين کي حساس بنائڻ وارو هن تقدير جي مذاق تي چپ ڇو آهي . وري ٽيون گيت هليو ، آءُ منصور جي ماءَ ، ڏس ميندي جو رنگ ڪهڙو عجب رنگ آ ....، هن سوچيو ، پر موت جو رنگ بہ تہ عجب رنگ آهي ، ميندي ۽ موت ڪيڏو نہ فرق ۽ تضاد آ ٻنهي رنگن ۾ ، ٻئي ڳاڙها هوندا آهن ، هاڻ ٻيو گيت گونجي رهيو هو ، آءُ ادل لهہ لانوان ، مومل جي محلات ۾ ، کيس ڀاسيو ، سياڻن سچ چيو آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن موت سان بہ لائون لهبيون آهن . اوچتو درد وچان هن پاڻ کي بہ موت سان لائون لهندي ۽ سوري تي لڙڪندي محسوس ڪيو . ڪنهن از غيبي طاقت جي زور تي هيانو تي پٿر رکي هن ڪڙو کڙڪايو هڪ ڀيرو ، ٻيون ۽ ٽيون لڳاتار ، هو سڄو ڏڪي رهيو هو ، ڪو اڻ ڄاتل خوف اندر ئي اندر کائي رهيو هوس . هينئر اندران ٻي گيت جو پڙاڏو ٿي آيو ، لهي آءُ لاريءَ مان ، لهي آءُ موٽر مان ، هن جي اکين اڳيان اسٽيشن ۽ ٽرين جو منظر ڦري ويو ، جنهن ۾ منصور جو لاش اچي رهيو هو . در کي وٿي ٿي ، هن جي خالي نگاهن جهاتي پاتي ، زالون گهوٽ جي ماءُ ۽ مائيٽياڻين مٿان نوٽ گهوري رهيون هيون ، هڪ عورت تڪڙو تڪڙو در ڏانهن وڌي آئي ، ڏاڍي سرهي ٿي لڳي ، شايد گهوٽ جي ماءُ هئي . هو هڪدم سائيڪل ڏانهن وڌيو ۽ ڊُڪي جيئن ئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ، تہ پٺيان سڏ ٿيس ، ابا چئہ ، هن جا قدم ڄمي ويا . پوئتي موٽندي چيائين ، امان خط ڏيڻو هو ، ڪوڙ ڳالهايائين ، هن مهل عورت عجيب وچان چيو ، خير منهنجي منصور جو هوندو ، هان ! هن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ، ها ها ، پر خط نہ تار آهي . منصور جي آهي نہ ! عورت اتاولي ٿي چيو ، ڇا لکيو اٿائين ، ڪڏهن ٿو اچي ، سڀاڻي سندس شادي آهي ، ٻن پوي نوڪري ۽ باهہ لڳي حيدرآباد کي ، شادي اٿس تڏهن بہ موڪل ڪو نہ ٿي مليس . هَن تار اڳيان وڌائي ، عورت چيو ، ابا پڙهيل آهين نہ ، تہ پڙهي ٻڌاءِ . هن چوڻ تہ چاهيو نہ پر وات مان امالڪ ها نڪري ويس . هن نہ چاهيندي بہ تار کولي ، سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ، دل ۾ آيس ، تار کي ڦاڙي پرزو پرزو ڪري ، ان جو ڪو بہ منحوس اکر سلامت نه ڇڏي ، ۽ ڊوڙي وڃي ، ان مائيءَ جي اکين کان گم ٿئي ، جيڪي سندس وجود ۾ منصور ڳولي رهيون هيون . هن ڀڻڪو ڪيو ، امڙ ، منصور کي سڀاڻي وٺي ايندا ، وٺي ايندا ! ماءُ ٻڏل دل سان چيو ، ڇا پيو چوين ! ها ، خيبر ميل ۾ ، صبح ساڻ ، خيبر ميل ۾ صبوح ساڻ ! عورت عجب وچان ساڳيا لفظ ورجايا ، تون سمجهين ڇو نہ ٿي امڙ ! هن سُڏڪو روڪيندي ، ۽ منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو ، ڇا سڀ ڪجهہ مونکي ئي ٻڌائڻو آهي ! ماءُ ذري گهٽ ڪرندي بچي ، در جي تاڪ کي بيجان هٿن سان جهليندي ۽ ٻئي تاڪ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهي ، ڄڻ سندس جسم حرڪت ڇڏي ڏني هجي . هُو حيدرآباد وارن جهيڙن ۾ گزاري ويو ، هو يڪساهي چوڻ لڳو هيءَ تار آفيس وارن موڪلي آهي ، کيس خيبر ميل ۾ کڻي ايندا ، اهو چئي ، هو تار عورت جي پيرن ۾ ڦٽي ڪري ، سائيڪل ۾ هٿ وجهي ڀڄي نڪتو ، ٻي تار پهچائڻ بنا ، هو آفيس ڏانهن روانو ٿيو ، پڪو فيصلو ڪيائين ، تہ آفيس پڄڻ شرط يونيفارم لاهي ڦتو ڪندو ۽ نوڪري تان استعيفا ڏيندو ، پٺيان هڪ لمبو سڏڪو ٻڌڻ ۾ آيس ، جيڪو دهل جي دٻڪي ۾ آهستي آهستي دٻجي ويو . رفيق سومرو
جي ادا تمام سٺي ڪهاڻي آ پسند آئي سوچيم دوستن سان ضرور ونڊ ڪجي پڙهڻ کان پو پنهنجا رايا ضرور ونڊجو قرب ۔۔