گورنمنٽ کي سيڙپ ڪرڻ گهُرجي. آئون سمجهان ٿو اربين رپيا بجلي جي سبسڊي ڏيئي بجلي چوري ٿيڻ جي نظر ڪرڻ کان اهڙين شين ۾ لڳائڻ گهُرجن. جيئن جيئن ايڪسپورٽ وڌندي مُلڪ ترقي ڪندو. هن وقت دنيا ۾ امير ترين مُلڪ تيل جا انبار رکندڙ آهن. جن وٽ تيل ناهي اُهي اهڙين شين جي ايڪسپورٽ ۽ ٽوئرزم لاءِ سازگار حالتون پئدا ڪرڻ ۾ رُڌل آهن.
ملائيشيا وٽ ته پام آئل ۽ رٻڙ پوءِ ٿيو. هنن کي جڏهن ٽِن جا محدود زخيرا مليا ته جلدي ۾ انهيءَ مان ڪمائي مُلڪ کي ٺاهيائون ته جيئن ٽوئرسٽ اچن ۽ ڪمائي ٿئي.
آئون سمجهان ٿو ته حڪومت چاهي ته هي ڪم ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو اُهو به سؤلائي سان