جيڪڏهن توهان آءِ ڊي ايم جي بار بار ايڪسپائر ٿيڻ جي مسئلي کان تنگ ٿي ويا آهيو ته پوءِ هي حل اوهان جي لاءِ ئي آهي۔ آءِ ڊي ايم جي سڄي ڪانفيگيوريشن Hosts نالي هڪ فائل ۾ محفوظ ٿيل هوندي آهي۔ ان فائل کي کولڻ لاءِ سي ڊرائيو ۾ Windows فولڊر جي اندر System32 فولڊر، وري ان جي اندر Drivers فولڊر ۾، وري ETC فولڊر ۾ اچو۔ ونڊوز ايڪس پي ۾ توهان HosTs فائل کي ڊائريڪٽ ايڊٽ ڪري سگهو ٿا پر ونڊوز وسٽا ۽ سيون ۾ ايئن ناهي۔ ونڊوز سيون ۽ وسٽا وارا اوهان هيٺيون ڏس استعمال ڪريو۔ Hosts فائل تي رائٽ ڪلڪ ڪري ان جي پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪريو، سيڪيورٽي ٽيب تي ڪلڪ ڪري اتي پنهنجو ايڊمن اڪائونٽ سليڪٽ ڪريو۔ (اتي هر ايڊمن اڪائونٽ جي لاءِ اختيار ڏيڻ جو آپشن هوندو آهي)، هاڻي Change Permission جي سامهون Editجي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔ هاڻي اتي ڏنل آپشنز تي ڪلڪ ڪري پنهنجي يوزر اڪائونٽ کي Full Permission مطلب مڪمل اختيارات ڏيو، ان کان بعد اپلائي ڪري او ڪي تي ڪلڪ ڪريو۔ هاڻي Hosts فائل کي نوٽ پيڊ سان اوپن ڪريو۔ هاڻي هن ڪوڊ کي ڪاپي ڪريو۔ ڪوڊ: 127.0.0.1 tonec.com 127.0.0.1 www.tonec.com 127.0.0.1 registeridm.com 127.0.0.1 www.registeridm.com 127.0.0.1 secure.registeridm.com 127.0.0.1 internetdownloadmanager.com 127.0.0.1 www.internetdownloadmanager.com 127.0.0.1 secure.internetdownloadmanager.com 127.0.0.1 mirror.internetdownloadmanager.com 127.0.0.1 mirror2.internetdownloadmanager.com هيٺ ڏنل تصوير آڌار ڪوڊ کي پيسٽ ڪريو هاڻي توهان هن فائل کي سيو ڪري بند ڪريو۔ ان کان بعد آءِ ڊي ايم کي ٻيهر کوليو ته هاڻي اوهان کان رجسٽريشن نه گهرندو۔ مزي جي ڳالهه ته جيڪڏهن توهان آءِ ڊي ايم کي اپڊيٽ ڪندو تڏهن به اهو ايڪسپائر نه ٿيندو۔ اوهان جو دوست مست
اهڙي ئي حل جي ته ڳولها هئي ۔۔۔۔ هن وقت آء ڊي ايم هلي پيو، پر جڏهن ايڪسپائر ٿيو ته اوهان واري ڏنل حل تي ڪم ڪبو۔ سمجهه ۾ نه آيو ته وري اوهان جون خدمتون حاصل ڪبيون۔
بهترين حل ۔۔۔ ڇو ته ڪريڪ سان آئي ڊي ايم کي هلائي سگهجي ٿو، پر ڪروم يا يوٽيوب تي هميشه اهو مسئلو رهي ٿو ته ايڪسٽينشن رمووڊ ۔۔ اُميد ته هاڻ اُن مسئلي جو حل ملي ويو هوندو۔۔
ڏاڍو سٺو۔ مان پڻ هدايتن تي عمل ڪيو آهي، ڏسجي ته نتيجو منشا موجب بيهي ٿو يا نه۔ اميد ته آهي، ته هاڻ آ ڊي ايم ۾ ڪو مسئلو نه رهندو۔
سائين مست سڄو پراسيس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به ريجسٽريشن گهري پيو۔۔ ياد رهي ته منهجو آء ڊي ايم اڳ ئي ايڪسپائر ٿي چڪو هو، ٻيهر ڊاؤن لوڊ ڪري انسٽال ڪيو اٿم۔ ۽ ڇا ڏنل ڪوڊ کي موجوده host فائيل تي بلڪل هيٺين پيرا Para تي پيسٽ ڪبو يا اسپيس ڏئي ڪجھ فاصلو ڏبو (جيئن اوهان جي ڏنل تصوير ۾ ڪجھ فاصلو نظر اچي پيو؟؟) مون هڪ ڀيرو Enter پريس ڪري هڪ پيرا Para جو فاصلو ڏئي ڪوڊ پيسٽ ڪيو آهي۔ ٿوري وضاحت ڪندا ته مهرباني۔۔
ادا مون بلڪل هڪ لائن جو اسپيس ڏئي ڪوڊ پيسٽ ڪيو، ڪوڊ پيسٽ ڪرڻ وقت آءِ ڊي ايم کي Exit ڪريو ۽ فائل کي save ڪري ٻيهر آءِ ڊي ايم کي لائونچ ڪريو، ڪو مسئلو نه ٿيندو
دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته ڏسيل حل تيسين ڪارگر هوندو جيسين آئي ڊي ايم ڪمپني سورس يو آر ايل تبديل نه ٿي ڪري۔۔۔ مٿي ادا مست جيڪي يو آر ايل ڏسيا آهن اهي سافٽويئر جي سيٽنگ مطابق پاڻمرادو کلي آئي ڊي ايم کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ پيغام ڏيندا آهن۔۔۔ جن کي هوسٽ فائيل ۾ شامل ڪري بلاڪ ڪيو ويو آهي۔۔ پر جيئن ته ڪمپني پروفيشنل آهي ان ڪري اڪثر سافٽويئر سيٽنگ ۾ تبديليون ڪندي نوان يو آر ايل لڳائيندي رهندي آهي۔۔۔ خير جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ اهو طريقو ڪارآمد ٿيو ته ساڻس وٽ حل عارضي به نه هوندو۔۔۔ ڇا اهو به ڏسڻو پوندو ته سسٽم ٽري ۾ موجود آئي ڊي ايم آئڪان تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪريو۔۔۔
مست کي دير ٿي ناهي جادوگر پهچي ويا ميدان ۾۔۔۔۔ جيئن ته هي جڳاڙ مون وٽ هلي ويو ان ڪري هاڻي عارضي ناهي، دوستن کي گذارش آهي ته توهان وٽ به ڪم ڪري ويندو،
سائين Exit ڪيئن ٿيندو اها ته خبر آهي پر ٻڌايل پراسيس سان ڪو به فرق نه پيو آهي۔۔ غلطي ڪٿي آهي براء ڪرم اها نشاندهي ڪيو۔۔ سائين مست ڪجھ هن طرح سان ڪوڊ پيسٽ ڪيو اٿم
سائين ذيشان رشيد مونکي Dailymotion تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻا آهن۔۔ گوگل ڪروم جا ايڪسٽينشنز به آزمائي چڪو آهيا۔ فائر فاڪس جا Add on به ڪري ڏٺم۔ پر پوءِ پڪ ٿي ته آء ڊي ايم ئي واحد ۽ آسان طريقو آهي۔
ادا اوهان هڪ ڀيرو ان کي اَن اِنسٽال ڪري ٻيهر انسٽال ڪيو، ٻيهر انسٽال ڪرڻ کان پهرين آءِ ڊي ايم جي فائل کي پروگرام فائلز فولڊر مان ڊليٽ ڪيو، هاڻي ٻيهر ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪري سافٽ ويئر کي اسٽارٽ ڪيو، هي حل سافٽويئر جي ڪنهن به ورجن تي ڪم ڪري سگهي ٿو۔۔۔
ڇا ايگزٽ ڪرڻ کان پوءِ وري آئي ڊي ايم تي ڊبل ڪلڪ ڪري رن ڪرڻ لاءِ به ٻيهر ڏسڻو پوندو۔۔۔ جو تصوير ۾ ته نظر ئي نه ٿو اچي۔۔۔
سائين اوهان مذاقون ڏاڍيون سٺيون ڪندا آهيو۔۔ ڀلا سدائين مونسان ئي ائين ڇو ٿيندو آهي ؟؟ هينئر وري ونڊوز ڪئي اٿم۔۔ ڪوشش ڪري ٿو ڏسان۔۔۔