ياد اٿم ته ڪجهه عرصو اڳ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ فيسٽيول جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت جو نعرو لڳو هو۔ ان کي ساراهيو به ويو هيو، پر پوء هميشه جي روايت وانگر پ پ پ چيئرپرسن ڪلابازي کائيندي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري کي پٺي ڏئي مرسون مرسون پاڪستان نه ڏيسون جو نعرو لڳايو۔ نه صرف اهو پر هن اها روايتي شيرواني پائي پنهنجو پيغام ڏنو جيڪا گهڻو ڪري جمهوري حڪومتن خلاف استعمال ٿيندڙ پائيندا رهيا آهن۔ اها شيرواني جيڪا ڪڏهن به سنڌ جي ثقافت ۽ لباس جو حصو ڪانه رهي آهي۔ مرسون مرسون پاڪستان نه ڏيسون تي حيرت ڪانه ٿي ڇو ته اڳ به آصف زرداري ان وقت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو هو جڏهن ان وقت جي پاڪستان اسان کي اسان جي سنڌ راڻي جو شهادت جي روپ ۾ لاش موڪليو هو۔ جيڪڏهن هن اهو سڀ ڪيو ته به اسان کي پريشاني ڪانه هئي ڇو ته اها سياسي کيڏ هئي جيڪا هر سلجهيل ماڻهو سمجهي سگهي ٿو۔ پر پوء سنڌ فيسٽيول ۾ گڏهن جي گوء کي شامل ڪري اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان سنڌي اڃان گڏهن کان اڳتي نڪري ناهيون سگهيا۔ حيرت ته تڏهن به ٿي جڏهن سنڌ فيسٽيول ۾ سواء عابده پروين جي ٻئي ڪنهن سنڌي فنڪار کي دعوت ئي ڪانه ڏني وئي پر پنجاب ۽ هندستان جي ڀنگڙا ڊآنس وارن فنڪارن کي ڪوٺ ڏني وئي۔ اهڙي شڪايت بدر ابڙي، امداد حسيني ۽ صنم ماروي به ڪئي۔ پر پوء به اسان وڌيڪ پريشان ڪونه هياسين۔ پريشاني ۽ پڇتاء سان گڏ هڪ ڪاوڙ جي لهر تڏهن سامهون آئي آهي جڏهن پنج هزار سال پراڻي ثقافتي ورثي موهن جي دڙي کي پ پ پ جا حڪمران پنجن ڏينهن ۾ کنڊرات بنائڻ جي چڪر ۾ آهن۔ اوهان ڀلي ان سازش پٺيان يو اين او جا پئسا هڙپ ڪرڻ چاهيو ٿا پر خدارا سنڌين جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي سان اهڙي هٿ چراند نه ڪيو۔ اهو پروگرام اوهان لاڙڪاڻي جي ڪنهن کليل ميدان تي ڪري بين الاقوامي وفدن کي موهن جو دڙو الڳ سان گهمائي سگهو ٿا، پوء ڇو اوهان لکين ماڻهو گڏ ڪري موهن جي دڙي جي مٽي سان هٿ چراند پيا ڪيو۔ مون سميت ڪيئي ساڃهه وند، تاريخدان، ليکڪ، شاعر ۽ آرڪيالاجسٽ پريشان آهن پر ڪير به انهن جي اندر جي آنڌ مانڌ ڪونه پيو سمجهي۔ https://www.facebook.com/video.php?v=744064085606169
فيسبوڪ تي آصف رضا موريو لکي ٿو: مهين جو دڙو جهڙي سائيٽن کي ڪيميرا جي فليش به نقصان پهچائيندي آهي اتي ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي آصف رضا موريو پنج هزار سال پراڻي شهر مهين جو دڙو جا هي اهي آثار آهن جن کي پاڪستان جي قانون مطابق ڇهڻ، انهن تي چڙهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ڪرڻ، انهن کي ڇيهو رسائڻ ۽ ايتري تائين جو هٿ لائڻ لاءِ به سخت سزائون مقرر آهن. انهن قيمتي آثارن جي پوڙهي، ڪمزور، ڏريل، جهريل، ڏتڙيل ۽ ڍريل جسم جي مٿان هڪ وشال اسٽيج تيار ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ڏهه ويهه مزدور ۽ ٻيا کوڙ سارا نگراني ڪندڙ انهن کي ڏيهان راتان لتاڙيندا رهندا. انهن آثارن ۾ وڏا وڏا لوهه ۽ ڪاٺ جا ڪلا هڻندا رهن ٿا. انهن تي سوين مڻن جو ڳرو سامان رکي اسٽيج ٺاهي رهيا آهن. انهن آثارن کي ڌڪ، مترڪا هڻندا، مارتول، برما، لٺيون، باٺا هڻندا رهن ٿا. ڪارايون ۽ رندا هن وقت به وهي رهيا آهن. افسوس آهي جو اهو سمورو غيرقانوني وايومنڊل انهن ماڻهن جي حڪمن تحت، اهڙن ڪامورن ۽ منتظمن جي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي جن کان اسان پنهنجي ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثن جي بچاءَ جي اميد رکندا آهيون. ٻڌايو وڃي ٿو ته سوين ملين روپيا ڪمپنين کان ورتا ويندا جيڪي پنهنجي شين کي ان موقعي تي پروموٽ ڪنديون. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اسپانسر ڪندڙ ڪمپنين جا ڪارندا الڳ پنهنجا بينر، پوسٽر، بار ۽ ڀڀڪا پڻ هنن آثارن تي ساڳي ريت هڻي هن پنج هزار سال پراڻي سنڌي وسندي جو ٻيڙو ٻوڙيندا جنهن سان ان سلسلي ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿيندو جيڪو مهين جو دڙو جي اڌريل صحت لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندو. مهين جو دڙو کي دنيا جي ساڃاهه وند ادارن پوري انسانيت لاءِ تاريخي ورثو قرار ڏنو آهي ڇوته هي انساني تاريخ ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ ترقي متعلق قديم ترين دنيائن جو مڃيل بين الاقوامي ماڳ آهي جيڪو سنڌو ماٿري جي دل ۾ واقع ۽ سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي لاڙڪاڻو شهر کان 28 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. اسان سموري دنيا ۾ ٻاڪاريندا رهندا آهيون ته اسان جي تاريخي ۽ قومي ورثي کي بچائڻ جا سهڪاري ٿيو. هي پڻ سچ آهي ته هن وقت مهين جو دڙو کي بچائڻ واسطي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ٻاهريان ملڪ ۽ ادارا ئي ڪري رهيا آهن ۽ اسان جا اربابِ اختيار انهن جي ڏنل پيسن مان تاريخي ورثن کي بچائڻ بجاءِ پنهنجي عياشين ۾ اڏائي ڇڏيندا آهن. تاريخي ورثا به قومن لاءِ ڌرتي جيان ماءُ جهڙي حيثيت رکندا آهن. اسٽيج ٺاهڻ کان پوءِ اهي بدعنوان سياستدان، بدڪردار ڪامورا انهن جا گهرايل ڪنڌ ۾ ڪلي وارا مهمان، چريا، واٺا ۽ چمچا سنڌو ماٿري جهڙي مومل تهذيب جي ڇاتي ۾ ڪلن سان ٺوڪيل اسٽيج تي چڙهي ان جي اڊڙيل جسم مٿان ويهي سنڌو ماٿري کي بچائڻ جي واويلا ڪندا. اسان جي اٻوجهه سياستدانن کي ايتري معمولي ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جن ماڻهن کي اهي مهين جي دڙي جي بچاءَ لاءِ گهرائي رهيا آهن اهي ايترا ته چريا ڪونه آهن جو اها معمولي ڳالهه به نه سمجهي سگهن ته هي پاڪستاني ته وڻ جي اها ٽاري ڪپي رهيا آهن جن تي پاڻ ويٺل آهن.
ابراهيم صالح محمد لکي ٿو: اچو ته گڏجي ماتم ڪريون !!! ماتم پنهنجي روز مرڻ جو اسان جو وريهين کان نه جيئرن ۾ شامل هياسين نه وري مئلن ۾ پر هاڻ لڳي ٿو ڄڻ ڪاني نه ڪک جيترو ڪير به ناهي رهيو جيئرو اڄ وري اسان هن کي ٻيهر وڏي ڌوم ڌام سان ڊهول دهمالن جي گجهگوڙن۾ ننڊا وڏا سڀ گڏجي هو جمالو جون جھمريون هڻندي هر هر مارينداسون ، هر هر دفنائينداسون هڪ واري نه پر لاڳيتو روز مارڻ ۽ روز دفنائڻ لاءِ اچو ته گڏجي ماتم ڪريون پنهنجي پاڻ مرڻ جو !!!
پي پي پي سڄي پاڪستان ۾ پنهنجي حيثيت وڃائي رهي آهي۔ اهي پنهنجي 5 ساله دورِ حڪومت ۾ اهڙو ڪو به ڪارنامو سرانجام نه ڏئي سگهيا جنهن سان سمجهجي ته انهن گُذريل تلخ تجربن مان ڪو سبق حاصل ڪيو آهي۔۔ سنڌ ۾ سندن سياست به سڀني جي سامهون آهي۔ ترقي ته ٺهيو پر سنڌ کي ساڳي ليول تي به برقرار رکي نه سگهيا آهن۔ خبر ناهي ته سنڌ فيسٽيول جي نالي تي ڪهڙي سنڌ جي خدمت ٿي رهي آهي۔ هن فيسٽيول سان سنڌي ماڻهن کي ڪهڙو فائيدو ٿيندو۔۔ هر اليڪشن ۾ روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو هڻندڙ هي پارٽي عوام کي ڪجهه به ڊليور ڪرڻ ۾ فيل ٿي چڪي آهي۔ موئن جو دڙو اهو ورثو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ سنڌ جو مان مٿاهون ڪري ٿو۔ هن سڄي ريجن ۾ هن ورثي جي تمام گهڻي اهميت آهي۔ مان سمجهان ٿو سانڃهه وند ڌرين کي گهٽ ۾ گٽ هن فيسٽيول جو مقام تبديل ضرور ڪرائڻ گهرجي۔
موهن جو دڙو جي اسٽوپا تي به کوٽائي ڪئي وئي آهي جنهن تي يونيسڪو ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ ڪجهه وڌيڪ تصويرون شيئر ڪجن ٿيون:
ثقافت جڏهن سياست جي ور چڙهي ويندي آهي ته ان جو تقدس ائين پائمال ٿيندو آهي جيئن پنج هزار سال پراڻا مهين جي دڙي جا آثار اڄڪلھ ثقافتي ٺيڪيدارن جي ور چڙهيل آهن......جن آثارن کي ڇهڻ جي به منع هجي اتي اڄ هٿوڙا ء مترڪا پيا هلن ء نعرو ته ثقافت سان پيار ڪريو...پاڪستان تي ناز ڪريو....پنهنجو ماضي ڀيبگ ڪري ڪهڙو ناز ڪريون..؟ سنڌ جي اها بدقسمتي ناهي ته ٻيو ڇاهي جو سندس قلم قبيلو مصلحتن جي مجبوري جون گوريون کائي آقائن جي سرندي تي سرور ۾ ڪنڌ پيو ڌوڻي ء انڪار جي طاقت وڃائي ويٺو آهي...نه ته هي تاريخي ڏوھ بلڻ کي ائين نه ڦٻي وڃي ها..... (نثار کوکر.)
سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته سنڌ فيسٽيول جي سلسلي ۾ 7 هزار سالا قديم ورثي موهن جي دڙي تي اسٽيج ۽ پروگرام ڪرڻ وارو ڪم فوري طور روڪيو وڃي ۽ اسٽيج لاء لڳايل سمورو سامان پڻ پٽيو وڃي. اهڙو حڪم سيد غلام شاهه پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻي لاء منظور ڪرڻ وقت ڏنو ويو. ڪورٽ چيو آهي ته يونيسڪو پاران اعلانيل حدن ۾ ڪو به پروگرام ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان سلسلي ۾ ڪيترن کي اختيارين کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي ان خبر کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار سبب سنڌ جي 7 هزار سال ثقافتي ورثي موهن جي دڙي جي کنڊرات کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاء اتي رٿيل سنڌ فيسٽيول خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.
سائين سليمان جنهن ڏينهن ثقافت جي نالي تي ڍونگ شروع ٿيو هو، ان ڏينهن هِن ٻروچ رڙ ڪئي هئي ته متان ڀليا آهيو.. افسوس جو ان وقت سنگت، ٻروچ کي ته خاموش ڪرائي ڇڏيو.. پر هاڻ وري الائي ڇا ٿيو جو هر طرف رڙيون آهن.... منهنجي خيال ۾ سڀ اجايو آهي.. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته آزمائي کي آزمائي سو ڌُوڙ منهن ۾ پائي..
دوستئو،،،، هڪڙي ڳالهه مون کي پنهنجي سنڌي ڀائرن جي سمجهه ۾ نٿي اچي، ته آخر سنڌ فيسٽيول ملهائڻ تي ايڏي واويلا ڇو ڪئي وئي اهي؟ مڃون ٿا ته ان ۾ پيپلزپارٽي جو پنهنجوفائدو ٿي سگهي ٿو ته ان سان پ پ پ جي ووٽ بئنڪ ۾ اضافو ٿيندو پر اوهان هو ڇو ٿا وساريو ته ان سان سنڌ جي ثقافت به اجاگر پئي ٿئي۔ اوهان ڪالهه سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ضرور ڏٺي هوندي، جنهن ۾ نه صرف سنڌ، نه صرف پنجاب، پر دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا۔ ڇا انهن جي اچڻ سان موهن جي دڙي جي وڄايل رونق بحال نه ٿي هوندي؟ خير ان جو سولو مثال اهو وٺو ته هر شئي جا فائدا ۽ نقصان به هوندا آهن۔ ٻيو وري ڪجهه دوستن کي اعتراض آهي ته سنڌ فيسٽيول جي آڙ ۾ موهن جي دڙي جي لتاڙ ڪئي ويندي۔۔۔۔۔ منهنجا دوستئو ڇا اوهان عيدالضحيَ يا عيدالفطر جي موقعي تي ڪڏهن موهن جي دڙي ويا آهيو؟ جيڪڏهن ويا هوندئو ته ضرور اتي اهو به حشر ڏٺو هوندو جڏهن اسان جا سنڌي ڀائر موٽرسائيڪلن تي موهن جي دڙي تي ريس لڳائيندا آهن، جنهن سان ڪيتريون ئي موهن جي دڙيون ڀتيون ڀريون ۽ ڪريون پيون آهن۔۔ ڇا اها لتاڙ نه آهي؟ جيڪڏهن اڃا به ڪنهن دوست اهو سمجهي ٿو ته سنڌ فيسٽيول جي آڙ ۾ موهن جي دڙي کي نقصان پهتو آهي ته، مهرباني هي وڊيو لنڪ موڪلي رهيو آهيان، اوهان هي وڊيو ڏسي سگهو ٿا۔۔۔۔۔
ادا راشد ڏٽو سنڌ جو فائدو۔ سنڌي ٻولي کي اوپننگ سرمني م ائوٽ ڪيو ويو۔سنڌي فنڪارن جي بي عزتي ڪئي وئي سنڌي ڊريسز جي بجا۽ ماڊل شو ٿيو سنڌ جي قديم رآندين جي جڳهه تي بسنت ۽ ڪرڪيٽ ۽ ٻيون معني سنڌ فيسٽيول جي نالي تي الا۽ ڪٿان جي ڪلچرل کي سنڌ جي ڪلچرل جي مٿان ٿافيو پيو وڃي۔ اوهان اڃا چئو ٿا ته اوهان هرو ڀرو واويلا پيا ڪيو۔
توهان جي پنج هزار سالن واري تهذيب کي ڪئين پنجن منٽن ۾ ڌوڙ ڪري آياسين..؟..ائرپورٽ تي ڪرچي واپس ويندي هڪ وڏيري جي برگر بواء چيو.... کيس وراڻيم سڄي دنيا مان جاگيرداري ختم ٿي وئي آهي پر توهان جا ڀڳ ڀلا آهن جو سنڌ ۾ اها غلامانه شڪل ۾ موجود آهي.توهان جهڙي نئين نسل کي شهري ماڻهو سائين سائين ڪري ٽوڪين ٿا پر ٻهراڙين ۾ توهانکي پڙهيل لکيل ڪمدار مليل آهن جيڪي توهان جي هر بري عمل جو قانوني،اخلاقي،ثقافتي،ادبي ء آئيني جواز آساني سان ڳولي ٿا اچن....... وڊيري ڪا بيٽا....توهان جي جشن ته الء ڪهڙي جيت جو پيا ملهايو پر منهنجي سنڌ ء منهنجي ثقافت سکر جي ڪوئينس روڊ تي وارن مان جهلي ويگن مان لاٿي وڃي ٿي..بي ڏوهي ڦٿڪائي وڃي ٿي...............منهنجي مقدر ۾ اڃان ڪو جشن ناهي.....تون سائين تو سائين ڪا گيت ڳاء..آء سڏڪا پيان سڙي سنڌ جا..(نثار کوکر)