آبادي ۽ مسئلا وڌيڪ آهن ته پوءِ ساري دنيا ۾ هزارين صوبا بڻائڻا پوندا.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    ڊان جي صحافتي بد ديانتي/ ڪراچي صوبي واري مضمون جو جواب ڇاپڻ کان انڪار
    محمد خان سيال / 23 جنوري 2014
    مشهور انگريزي اخبار ڊان پنهنجي 11 جنوري 2014واري پرچي ۾ ڪراچيءَ کي الڳ صوبي بڻائڻ جي فائدي ۾ ايس. اڪبر زيديءَ جو هڪ مضمون ڇاپيو آهي جنهن ۾ هن عجيب دليل ڏنا هئا جنهن جي موٽ ۾ مون ڊان کي هڪ خط لکي ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪيو هو جيڪو منهنجو حق هو ۽ مون کين گذارش ڪئي هئي ته منهنجو خط شايع ڪيو وڃي پر حيرت انگيز طور ڊان انهيءَ اختلافي مضمون بابت نه ته منهنجو خط چاپيو ۽ نه ڪنهن ٻئي جو. جڏهن ته ڊان منهنجي خط جي وصوليءَ جي رسيد به ڏئي چڪي آهي. انهيءَ مضمون ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته جيئن ته ڪراچيءَ جي آمدني وڌيڪ آهي ۽ ان جا مسئلا به وڌيڪ آهن سو ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. جنهن جي جواب ۾ مختصر طور مون لکيو هو ته:
    01. جيڪڏهن بندرگاهي وڏن شهرن کي رڳو انهيءَ ڪري صوبو بڻايو وڃي ته ان جي آبادي ۽ مسئلا وڌيڪ آهن ته پوءِ ساري دنيا ۾ هزارين صوبا بڻائڻا پوندا.
    02. جيڪڏهن وڏن شهرن کي آمدنيءَ جي بنياد تي الڳ صوبو بڻائڻ جو اصول مڃجي ته پوءِ رهيل صوبي جي شهرن يا ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جو ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته اهي شهر ايڏو ڪونه ٿا ڪمائن سو ميگا ترقياتي پراجيڪٽس تي خرچ ڪونه ڪري سگھندا.
    03. ڪراچيءَ جو مسئلو اقتصاديءَ کان وڌيڪ لساني آهي. زبردستي صوبو ٺاهڻ سان رٿوڇاڻ ٿيندي.
    04 اسان جي اڳيان ڪي. ايم سي جو مثال آهي جت لساني تنظيم جي ايم ڪيو ايم جو سيد مصطفى ڪمال چئن ورهين لاءِ اڳوڻو ميئر رهيو جنهن ڪراچيءَ م سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پختون اڪثريتي علائقن ۾ ڪوبه ميگا ترقياتي ڪم ڪونه ڪرايو ۽ نسلي متڀيد رکندڙ ملٽري حڪمران جنرل مشرف کان مليل 30 ارب روپيا به لساني بنيادن تي خرچ ڪيائين.
    ڊان اخبار صحافتي بد ديانتيءَ جو مظاهرو ڪندي، منهنجو خط ڪونه چاپيو البت ارسا جي ميمبرن ۾ واڌ خلاف منهنجو الڳ موڪليل خط ضرور ڇاپيو جنهن جو مٿين موضوغ سان ڪوبه واسطو ناهي.
    مون ڊان جي ايديٽر مسٽر ظفر عباس کي اي ميل ڪري ڊان طرفان اظهار آزادي نه ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ کيس وارننگ ڏني ته ڊان اهڙو سنڌي دشمني وارو رويو نه سڌاريو ته سنڌ جي عوام کي ڊان جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويندي.
    نوٽ: مهرباني ڪري دوست، مٿي ڄاڻايل پوسٽنگ تي پنهنجا خيال ضرور ظاهر ڪن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سڌي سنئين ڳالهه آهي سائين ڊان اخبار وارن جي بدنيتي ظاهر ٿي پئي آهي يا اهي ڪراچيء کي الڳ صوبي ٺاهڻ جي حق ۾ خط ڇاپن ئي نه هان اگر انهن ڇاپي ڇڏيو آهي ته پوء ان خط جو جواب به ڇاپن اگر ڪو نه ٿا ڇاپڻ ته سمجهي وڃو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو