• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جاسوسي جو شوق هجي ته هي ڪيمرا وٺو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مون کي ننڍپڻ ۾ جانچوسي ناول پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هيو ۔۔۔ جنهن کان پوءِ گهر جي هر فرد ۽ دوستن جي جانچوسي ڪرڻ مشغلو بڻجي ويو۔۔۔ پر هميشه الٽا دڙڪا ملندا هئا ڇو ته مون وٽ ڪو ثبوت نه هوندو هو۔۔۔
پر شوق کي اڃان به ختم نه ڪيو اٿم اهو ئي سبب آهي جو منهنجي موبائيل جو آخري نمبر 007 آهي۔۔۔
جيڪڏهن توهان به ساڳيو شوق رکو ٿا ته هاڻي ثبوت لاءِ نه گهٻرايو ڇو ته هاڻي پين ٽائيپ ڪيمرا مارڪيٽ ۾ موجود آهي۔۔۔

ucorderz.png

هي آهي 100 ڊالر جي IRDC250 ڪيمرا جنهن ۾ بلٽ ان 2 گيگا بائيٽ جو ڪارڊ آهي جنهن کي وڌائي 8 گيگا بائيٽ بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔۔ بهترين رزلٽ ڏيندڙ وڊيو فارميٽ AVI سان وڊيو بڻائڻ آسان جنهن کي آرام سان يو ايس بي پورٽ ذريعي ڪمپيوٽر يا موبائيل سان منسلڪ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
پر ياد رکو هن جو غلط استعمال توهان کي جيل جا دروازا ڏيکاري سگهي ٿو۔۔۔:D
 
جواب: جاسوسي جو شوق هجي ته هي ڪيمرا وٺو۔۔۔

مطلب ته جانچوسي به ثبوت سميت هجي نه ته دڙڪا ئي دڙڪا ۔۔۔ هائو!، هاڻ ڳالهائڻ کان اڳ اهو خيال ڪرڻو پوندو ته اڳلي جي کيسي ۾ ڪئميرا ته ناهي؟
 
جواب: جاسوسي جو شوق هجي ته هي ڪيمرا وٺو۔۔۔

مطلب ته جانچوسي به ثبوت سميت هجي نه ته دڙڪا ئي دڙڪا ۔۔۔ هائو!، هاڻ ڳالهائڻ کان اڳ اهو خيال ڪرڻو پوندو ته اڳلي جي کيسي ۾ ڪئميرا ته ناهي؟

متان سائين۔۔۔۔۔ !
ڪيمرا جي توهان کي خبر ئي نه پوندي ۔۔ هي پين جي سائز جيتري آهي۔۔ متان توهان ڪيمرا جو انتظار ڪيو ۽ ڪم اڳ ۾ لهي وڃي۔۔۔
 
جواب: جاسوسي جو شوق هجي ته هي ڪيمرا وٺو۔۔۔

سائين 100 ڊالر پاڪستان شريف جا گهڻا روپيا ٿين ٿا؟
 
Back
Top