رضوان گل ڪهاڻي روشنيءَ جو سفر چوڪيدار جي سيٽي گھٽين ۾ ڇانيل خاموشيءَ کي وقفي وقفي سان ٽوڙي رهي هئي. سياري جي ڊگھي سرد رات جا ٻه وڳا هئا. خالد جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون. ٻن ڪلاڪن کان مختلف سوچون سندس مٿي ۾ ڪوڪن جيان ٺوڪجي رهيون هيون. ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري تي پاسا ورائي ورائي ٿَڪي پيو هو. بستري تي سُيون چڀي رهيون هيس. ننڊ جا آثار کيس پري پري تائين نظر نه ٿي آيا. عام حالتن ۾ کيس جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ته ماضيءَ جا ڪي خوبصورت پل ياد ڪرڻ لڳندو هو ۽ اهي پل ياد ڪندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي، پر اڄ ڪلهه ننڊ سندس نيڻن مان اڏامي ويئي هئي. خالد ويهاڻي جي هيٺان رکيل پنهنجي موبائيل سيٽ کي هر هر کڻي ان ۾ ٽائيم ڏسي رهيو هو. ڪمري ۾ زيرو بلب جي ميرانجھڙي روشني ڦهليل هئي. ڪيترائي بي ترتيب خيال سندس ذهن ۾ اچي رهيا هئا. اهي خيال جن تي هن سوچڻ نه ٿي چاهيو، پر پوءِ به اهي هن جي ذهن ۾ ائين ڌوڪجي رهيا هئا جيئن ڪوئي طوفان گھر جي در درين کي زور سان کولي اندر گھڙي ايندو آهي ۽ ڪمري ۾ رکيل شين کي بي ترتيب ڪري گذري ويندو آهي. خيال پاڻي ناهن هوندا جن کي بند ٻڌي بيهاري ڇڏجي. خيال باهه به ناهن هوندا جن تي پاڻي وجھي کين ٺاري ڇڏجي. خيال ڪا ٽرين به ناهن جنهن جو زنجير ڇڪي انهن جي تيز رفتاريءَ کي هڪ هنڌ بريڪ هڻائي بيهاري ڇڏجي. پر خيال ته سيلاب جي تيز وهڪري جيان هجن ٿا جيڪي هڪ کان پوءِ ٻيو بند ڀڃندا ذهن جي ديوارن سان ٽڪرائبا رهن ٿا. ها اهي ڪنهن طوفان جيان ئي هجن ٿا جن کي ڪوبه ٻنو يا بند ڏيڻ ممڪن ئي نه ٿو هجي... خالد چاليهن سالن جو، وچولي قد بت وارو هڪ حساس شاعر آهي جيڪو خانگي آفيس ۾ ڪلارڪ آهي. سندس مٿي ۽ شهپرن جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا آهن. ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيل اٿس، پر نااهل ماڻهو سدائين سفارش جي گھوڙي تي چڙهي هن جي اهليت کي مات ڏئي سرڪاري نوڪريون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ هي سدائين انهن سفارشي گھوڙن جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ڌڌڙ ٿي واپس ورندو آهي ۽ قدم قدم تي ڊهندو گھر تائين پهچندو آهي. هر پاسي سانت آهي. ڪمري ۾ ساڳي ئي بيڊ تي سندس زال ۽ ٻه ٻارڙا به ستل آهن. وچ ۾ ٻارڙا، پريان زال، جيڪي سڀ ننڊ جي آغوش ۾ آهن. هي مسلسل ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آهي ته کيس انهن خيالن کان نِجات ملي جن کيس ننڊ جي خوبصورت ماٿريءَ مان گھڻو پري اچي سوچ جي صحرا ۾ اڇلي ڇڏيو هو. خيال مٽائڻ خاطر ڪوشش ڪيائين ته ڪو غزل لکي پر اهڙي ڪيفيت ۾ شاعريءَ جي ديوي به اڪثر رٺل ئي هوندي آهي. شاعري به پنهنجي مرضيءَ تي اوچتو ئي ذهن جي پڌر تي اچي قدم ڌريندي آهي. ننڍپڻ لاءِ جا ڏينهن ياد ٿا اچنس، جڏهن سندس امڙ کيس آکاڻيون ٻڌائيندي مٿي تي هٿ ڦيريندي هئي، پوءِ جھٽ ۾ ئي ڪيئن بغير ڪنهن فڪر جي ننڊ جي گھري واديءَ ۾ گم ٿي ويندو هو. ڪا به جيءُ جنجھوڙيندڙ سوچ ۽ ڪو به فڪر نه هوندو هوس. ڪيڏا نه سڪون وارا ڏينهن هوندا آهن ٻال وهيءَ جا! ننڍي لاءِ جون ڳالهيون ياد ڪندي کيس ننڊ جا خمار چڙهڻ لڳن ٿا، پر جيئن ئي سندس اکيون ٻوٽجڻ لڳن ٿيون ته وري ساڳيا خيال سندس ذهن ۾ سُين جيان ٽنبجڻ لڳنس ٿا ۽ هي وري بيچين ٿي وڃي ٿو. خيال ڪهڙا هئس؟! سڄي ڏينهن جا واقعا، صبح جو اٿڻ سان ئي ڪرياني واري جو ڪروڌ. ”بس جيستائين پئسا نه ڏيندين، سودو نه ڏيندومانءِ هاڻي. پنج هزار ٿي ويا آهن توڏي. ڪجهه اسان جو به ته خيال ڪر ڀائو.“ ”حاضر ادا حاضر! بس هن پگھار تي اڌ رقم ڏئي ڇڏيندوسانءِ. پر هاڻي اها مهرباني ڪر. منهنجو کَنڌو بند نه ڪر يار.“ ڀاڄيءَ واري جي دڪان تي ويندي سندس پيرن جو آهستگيءَ سان رستي تي ئي رڪجي وڃڻ کيس ياد اچي ٿو. ڀاڄيءَ واري کيس پريان سڏ ڪيو هو: ”خالد!“ ڇرڪي پيو هو. مئل مئل قدمن سان ڀاڄيءَ واري دڪان تائين نه چاهيندي به وڌي ويو هو. ڀاڄي واري چيو هوس: ”ڀائو! اڄ پئسا ضرورت ۾ آهن ڪجهه حساب ڇڏائي وڃو.“ کيسي ۾ هٿ وڌائين ته صرف ستر رپيا نڪتا هئس. ان وقت شرم جي شدت کان پاڻ کي کوهه ۾ ڪرندي محسوس ڪيو هئائين. ڀاڄي واري جو ڏانهس منهن ۾ سونڊ وجھي ڏسڻ به هر هر ياد ٿي آيو. اڄ ميڊيڪل اسٽو واري کيس ٻارن جي بخار جي دوا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سمورو ڏينهن آفيس ۾ باس جا دڙڪا به کيس ياد ٿي آيا. سوچيندي سوچيندي ٻارن جيان روئي پيو هو. سياري جي سرد رات ۾ سندس اکين مان ڪجهه گرم ڳوڙها ڳڙي سندس ڳلن تان ڪري ويهاڻي ۾ جذب ٿيڻ لڳا. ٻارن جي اسڪول جي فيس، گھر واريءَ جو گھر جي خرچ تي ڪروڌ، ٻارڙن جو ڪپڙن لاءِ روئڻ. سڀ ڳالهيون کيس بار بار تڙپائي رهيون هيون. ائين ٿي لڳس جيئن جبل جي چوٽيءَ تان هر هر هيٺ ڪرندو هجي. اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ هيس. بيڊ تان اٿي پڌر ۾ هليو آيو. آسمان ڏانهن چتائي ڏٺائين، ستارا ٽمڪي رهيا هئا. چنڊ پنهنجي کير جھڙي روشني زمين ڏانهن موڪلي مرڪي رهيو هيو. پوري ڪائنات جو چرخو معمول مطابق ڦري رهيو هو! سرديءَ جي ڪري گھڻو وقت ٻاهر بيهي نه سگھيو. وري ڪمري ۾ موٽي اچي ويهاڻي جي هيٺان رکيل موبائيل کڻي ڏٺائين. رات جا ٽي ٿيا هئا. سوَڙ پنهنجي سيني تائين ورائي هڪ پاسي تي سمهي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ننڊ وري به نه ٿي اچيس. خيال اچيس ٿو ڪو ڪتاب کڻي پڙهي ته جيئن ڌيان مٽجيس. ڪهاڻين جو ڪتاب سندس ٽيبل تي رکيل هو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس ڪهاڻيڪار دوست کيس تحفي طور ڏنو هو. موبائيل جي ٽارچ لائيٽ آن ڪري ڪتاب جي پهرين صفحي تي ان ڪهاڻيڪار دوست جا لکيل لفظ پڙهي ٿو: ”سنڌي ٻوليءَ جي انتهائي سهڻي ۽ برجستي تخليقڪار، پياري دوست خالد لاءِ دل جي خلوص وچان.“ ڪجهه پنا اٿلائي هڪڙي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو. پهريان جملا پڙهي ٿو پر کيس مزو نه ٿو اچي. ڪتاب ورائي ٽيبل تي رکي ٿو ۽ وري بيڊ تي وڃي سمهي پوي ٿو. اندر ۾ عجيب تڙپ ۽ من ۾ مونجهه محسوس ٿئيس ٿي. اهڙي مونجهه جنهن سان هاڻي سندس ساهه گھٽجڻ لڳي ٿو. وڏي ڌيءُ جيڪا هن جي ڀر ۾ ستل هئي، بخار ۾ سندس مٿو تپي باهه ٿي ويو هو. ٽيوب لائيٽ ٻاري بخار جي دوا مان آخري وزن کيس پيئاريائين. زال کي نه ٿو اٿاري جو کيس اهو احساس آهي ته اها سڄو ڏينهن گھر جو ڪم ڪار ڪري ٻارن سان مٿي ماري ڪري ٿڪي ٽٽي صرف رات جون چند گھڙيون ئي آرام ڪندي آهي.... لائيٽ وِسائي وري سمهي پوي ٿو. سوچون جيڪي کيس ننڊ ڪرڻ نه ٿيون ڏين. گھڙيال جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ جاري آهي، وقت گذرندو ٿو رهي. صبح جو مسجدن مان آذانيون اچڻ شروع ٿين ٿيون. دل ئي دل ۾ اهو ارادو ڪري ٿو ته سڀاڻي کان، آفيس کان پوءِ ڪنهن خانگي اداري ۾ به نوڪريءَ جي ڳولا ڪريان، نه ته مفلسيءَ سبب ماڻهن جا ملندڙ مهڻا مون کان خود ڪشي ڪرائيندا ۽ پوءِ منهنجي ٻچن جو ڇا ٿيندو! آلين اکين کي رومال سان اگھندي دل ئي دل ۾ سوچي ٿو: جيڪڏهن ڪا ٻي نوڪري نه ملي ته ڇولا کپائيندس. غربت ماڻهوءَ جي احساسن کي ڪيئن نه سوليءَ تي ٽنگيندي ٿي رهي. ڪيئن نه پَل پَل مرڻو ۽ جيئڻو ٿو پوي. سوچون سندس ذهن ۾ تپيل لوهي سيخ جيان ٽُنگ ڪنديون ٿيون رهن. صبح جو اٿڻ سان ئي سڀني کنڌي وارن کي اڄ نئين سر ايلاز ڪرڻ جي لاءِ سوچي ٿو. کين پهرين تاريخ پگھار تي قرض جو ڪجهه حصو لاهڻ جو چوندي هر روز پاڻ تي قرض چاڙهيندو ئي رهي ٿو.... آفيس لاءِ تيار ٿي گھران نڪري روڊ سان هلندو رهي ٿو، پر سوچون وقفي وقفي سان سندس ذهن ۾ ڏينڀوءَ جيان ڏنگ هڻنديون ئي رهن ٿيون. سوچون... سوچون... ۽ سوچون. گاڏيءَ جي بريڪ جو زوردار چرڙاٽ، روڊ تي ٽائرن جا گھرا ڪارا ليڪا! خالد رت ۾ لت پت! ماڻهن جي پيههَ! ايمبولينس جي سائرن جا خوفائتا آواز! اسپتال ۾ سندس اکيون کليون ته هن جي مٿان گھر واري روئي رئي هئي... ڪجهه ڏينهن کان پوءِ.... صحتياب ٿي شام جي وقت به پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس آمدنيءَ ۾ خوشگوار اضافو ٿي ويو هو. محسوس ڪري ٿو زندگيءَ ۾ ڏکن، پريشانين ۽ سوچن جي تپيل سيخن لڳڻ سان ئي کيس جستجو ڪرڻ ۽ جيئڻ جو حوصلو ملي ويو هو ۽ هن پاڻ کي اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندي ڪرندي سنڀالي ورتو هو... کيس محسوس ٿيو ته هاڻي هو روشنين جي سفر ڏانهن روان دوان ٿي چڪو هو.
رضوان گل جي ڪهاڻين جي ڪتاب سپنن جو انت مان هي چونڊ ڪهاڻي پيش ڪيل آهي۔ هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن مان نئين اميد ۽ نئين آس جهلڪي پئي۔