لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جا قديم آثار ۽ دڙا.......

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    احسان دانش

    لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جا قديم آثار ۽ دڙا

    تهذيبي ۽ تاريخي حوالي سان لاڙڪاڻو سنڌو ماٿر جو انتهائي مهذب ۽ قديم خطو آهي، موهن جو دڙو ۽ جھڪر جو دڙو جا آثار اڄ به هن خطي جي هزارين سالن جي تاريخ جي گواهي ڏئي رهيا آهن، پر مذڪوره معروف دڙن (جن جي ٺڪرن ۾ بيشڪ وڏو تهذيبي ورثو سمايل آهي) کان علاوه به لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ لاتعداد دڙا، ڀڙا، ٺل ۽ ٻيا قديم آثار موجود آهن، جن تي آرڪيالاجي کاتي طرفان تحقيق جي ضرورت آهي. لاڙڪاڻي جي اردگرد گھڻو ڪري ڏوڪري، رتوديرو، وارھ، قمبر ۽ شهدادڪوٽ تعلقن ۾ قديم آثارن جا اهڃاڻ ۽ ڦٽل آبادين جا دڙا وڏي انگ ۾ نظر اچن ٿا. موهن جي دڙو متعلق اوهان کي اڳتي گھڻو ڪجھ پڙهڻ لاءِ ملندو تنهن ڪري هتي لاڙڪاڻي جي ٻئي اهم دڙي يعني ”جھڪر جي دڙي“ کان علاوه انهن قديم دڙن جو ذڪر ڪبو، جن تي ڪو جوڳو تحقيقي ڪم نه ٿي سگھيو آهي.
    جھڪر جو دڙو
    جھڪر جو دڙو، موهن جي دڙي واري تهذيب جو تسلسل ۽ قدامت جي لحاظ کان سندس همعصر آهي. هي دڙو لاڙڪاڻي کان اولھ طرف وڳڻ ڏانهن ويندڙ روڊ تي 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ساڄي طرف ڳوٺ ’منو ديرو‘ لڳ نظر ايندو. هن دڙي جو ڏيل ئي پنهنجي عظمت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. 63 فوٽ اوچي هن دڙي جي نالي بابت عجيب ڏند ڪٿائون منسوب آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هتي جھڪر نالي راجا رهندو هو، تنهن جي پٺيان مٿس اهو نالو پيو. ڪي چون ته هي شهر دلو راءِ جي زماني جو آهي، جنهن هتي پنهنجو خزانو پوريو هو تنهن ڪري مٿس خزاني وارو شهر يعني جھڪر نالو پيو. بهرحال جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ لکيو آهي ته ”حقيقت هي آهي ته هي شهر ”ار“ کان آيل قوم آباد ڪيو.“ (1)
    قديم زماني ۾ سنڌ کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ چئن عظيم شاهراھن مان هڪ ’مولا لڪ‘ جيڪا بلوچستان کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي، اها شاهراھ لاڙڪاڻي مان جھڪر جي دڙي ڀرسان گذرندي هئي، جنهن وسيلي قديم زماني ۾ تجارت جو سلسلو هلندو هو ۽ ايران ۽ افغانستان جا ماڻهو واپاري قافلن جي صورت ۾ انهيءَ شاهراھ ذريعي سنڌ ۾ ايندا هئا.
    1935ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي آثارِ قديمه جي ماهر اين ــ جي مجمدار ڪرائي. کوٽائي دوران هتان ڪيئي اهڙيون شيون مليون، جيڪي تاريخ کان اڳ واري دور سان تعلق رکن پيون. ان کوٽائيءَ مان ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا، مهرون، ٽامي جي هڪ ڀالي جو منهن وغيره هٿ اچڻ کانپوءِ جڏهن انهن شين جي عمر جو ڪاٿو لڳايو ويو ته اهي ٽي کان چار هزار سال ق.م يعني موهن جي دڙي واري دور سان تعلق رکن پيون. آثار ٻڌائين ٿا ته جھڪر جو شهر موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان گھڻو بعد تائين به آباد رهيو، جنهن جي ثبوت طور هتي پنجين صدي عيسوي ۾ رائج سڪا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جھڪر جي دڙي وارو اسٽوپا اڄ به ڪافي حد تائين سالم آهي، محققن هن کي ٻڌ دور جو اسٽوپا سڏيو آهي.
    لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن ڦٽل شهرن ۽ دڙن جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ هدايت منگي جو ڪافي حد تائين کوج وارو ابتدائي ڪم ٿيل آهي، جيڪو مضمونن جي شڪل ۾ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ملي ٿو، پر ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هنن صاحبن ڪجھ اهڙن دڙن جي به نشاندهي ڪئي آهي جن تي اڃا قديم آثارن جي ماهرن جي نظر ئي نه وئي آهي. هيٺ لاڙڪاڻي جي ڪجھ دڙن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان اندازو ٿيندو ته هي خطو قديم آثارن جي حوالي سان ڪيڏو مالا مال آهي.
    چوٽياريون / راڻيءَ جو دڙو
    هي دڙو جھڪر جي دڙي جي بلڪل ويجھو آهي. هتان مليل ٺڪراٺي ۽ ٻين شين کي ڏسي گمان ٿئي ٿو ته اهو ماڳ جھڪر جو ئي همعصر آهي.
    انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان 7 ڪلوميٽر اولھ ڏکڻ ۾ جھڪر جي دڙي کي هن ايراضيءَ جو اڪيلو قديم ماڳ نه سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته جھڪر جي ڏکڻ ۾ به ننڍا دڙا انڊس هاءِ وي جي الهندي پاسي نمايان نظر اچن ٿا. جھڪر کان رڳو ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ طرف بڊا ڳوٺ وٽ چوٽياريون يا راڻي جي دڙي جا 6_5 ايڪڙن ۾ وڏا دڙا انتهائي اهم آهن، جن مان الهندو دڙو 45 کن فوٽ اوچو 50 ــــ 60 فوٽ ويڪرو آهي ۽ باقي ڏکڻ وارو حصو ڪجھ گھٽ اوچائيءَ ۾ آهي جڏهن ته اڀرندو ننڍو دڙو پنهجي ساخت سبب قائم ۽ دائم آهي..... هي دڙو ڏسڻ وٽان آهي، جتان جھڪر جي ٺڪرين سان مشابھ ٺڪراٺو ۽ ڌاتو جا ذرا وڏي تعداد ۾ اڃا ملي رهيا آهن. دڙو روڊ کان ڪل هڪ ڪلوميٽر پري آهي پر آرڪيالاجيءَ جا صاحب اڃان ان تي نه پهتا آهن ۽ نه ئي ان جو ڪٿي ذڪر ملي ٿو. (2)
    خيرپور جوسو وارو دڙو
    هي دڙو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خيرپور جوسو جي سامهون اوڀر واري پاسي ڦٽل آثارن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هي آثار ڪافي وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل نظر اچن ٿا.
    هنن دڙن تان مليل ٺڪراٺو موهن جي دڙري جي وڏن ٿانون جي ٽڪرن جھڙو آهي. دڙن جي اوچائي 40 ـــ 45 فوٽن کان به مٿي ڏسجي ٿي. ڌاتوءَ جا ساوا ٽڪر پڻ هنن تان ملن ٿا..... ڏسجي ٿو ته جھڪر جي زماني جي ڪا وڏي وستي هئي. (3)
    حوالا

    1. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ”لاڙڪاڻو ـــ ماضي ۽ حال“ (مرتب بدر ڌامراهو) موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو 2001ع ص 70
    2. هدايت منگي ”ٻه هزار سال اڳ واري سنڌ جا آثار“ (مقالو) روزاني ’عوامي آواز‘ اربع 8 سيپٽيمبر 1993ع
    3. ساڳيو

    (ڪتاب سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا موهن جو دڙو : ترتيب ۽ تلخيص احسان دانش)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بهترين تعارفي مضمون
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احسان دانش جو اهو ڪتاب تحقيقي حوالي سان اهم آهي ...

    لک قرب اوهان ڪتاب ۽ لاڙڪاڻي جي تاريخي دڙن بابت تعارف پيش ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو