”ريشم جهڙا خواب“ جو عڪس

محترم سائين قربان منگي ، محترم سائين امر اقبال ۽ محترم سائين آصف نظاماڻي صاحب جن جي ٿورن سان ” پوپٽ پبلشنگ هائوس “ خيرپور پاران شايع ٿيندڙ منهنجي شاعري جي پهرين
1013919_591961514206759_339903168_n.jpg

مجموعي ”ريشم جهڙا خواب“ جو عڪس .

شاعري روحَ جي رياضتَ جو نتيجو هوندي آهي ، جيڪا پڙهندڙَ ، ٻڌندڙَ کي خوابن جي دنيا ڏانهن اڏاري وڃڻ جي سگهه رکندي آهي ، سنڌ ۾ تمام گهڻي مقدارَ ۾ شاعري تخليق ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ شاعريءَ واري قافلي مان هر شاعر جي سڃاڻ پنهنجي آهي ، جميل سومرو هاڻوڪي دور جو اهو شاعر آهي جيڪو مسلسل لکي رهيو آهي ، اظهار جي سادگي ۽ جذبي جي سچائي سندس شاعري جي سڃاڻ آهن ، جميل سومري جي شاعريءَ جو پهريون ڪتابُ اوهان جي هٿن ۾ آهي سندس پهرين وک کان اڳتي هڪ طويل سفر جا نشان چٽا آهن جيڪي سندس ئي سچائيءَ واري جذبي جي آجيان لاءِ منتظر آهن ، سونهن ، سچ ۽ پيار سان واڳيل دليون جميل سومري جي هن ڪتاب جي آجيان ضرور ڪنديون . ( امر اقبال )
 
جميل سومرو بهترين تخليقڪار آهي ۽ سندس ڪتاب بس هٿن ۾ اچڻ وارو آهي جو هاڻ ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي ۔۔۔۔سندس ڪتاب جو انتظار آهي
 
اهيو ڏسي فخر ٿو ٿئي ته جميل سومري جو مان شاگرد به رهيو آهيان ۽ پاڻ اسان جي شهر ڏهرڪي جا آهن ونڊ ڪرڻ جي تمام مهرباني
 
Back
Top