پاٽ پاٽ:-پاٽ-دادو ضلعي جو هڪ تاريخي شهر آهي ، جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو-بندرگاهه-هو . امڪان نظر اچي ٿو ته تاريخي طور تي ”-پاٽ-“ ڳوٺ جي اصل نالي ۽ قدامت بابت مختلف روايتون ، اهڃاڻ ۽ هيٺيان تاريخي اشارا ملن ٿا: عام يال مطابق ڳوٺ جو اصل نالو ” پاتر “ آهي ، جيڪو ڪنهن راجا جي نالي پٺيان رکيو ويو ، جنهن هيءُ ڳوٺ جوڙايو . ليڪن ڪنهن به ذريعي سان پاتر-بادشاهه-جو احوال نه ٿو ملي . هڪ ٻيءَ روايت مطابق ” پاتر “ اصل فارسي زبان جو لفظ آهي ، جنهن جي معنيٰ ”-تخت-“ آهي . جيئن ته هيءُ شهر ڪنهن راجا جو-تخت-گاهه هو ، اُن ڪري اُن تي ” پاتر “ نالو پئجي ويو .-ابجد-جي حساب سان ، هن نالي مان تعمير جو سال 403هه/ 1012ع به ڪڍيو ويو آهي . هڪ روايت مطابق ” لوهم جي دڙي “ کي اصل ”-پاٽ-“ قرار ڏنو ويو آهي . هن روايت جو بنياد سنڌونديءَ جا اهي وهڪرا آهن ، جيڪي پيٽ مٽائيندا رهيا آهن . چون ٿا ته عروج واري وقت ۾ لوهم جي دڙي جي آبادي ” پوتر “ ( پاڪ ) جي نالي سان مشهور هئي ، جڏهن درياهه پيٽ مٽايو ، ته هتان جي آبادي درياهه جي نئين وهڪري جي ڪناري تي ، ” نئين پوتر “ نالي واهڻ-ٻڌي--آباد-ٿي . ائين پوءِ اهو شهر ” پوتر “ مان ” پاتر “ ٿي ويو . ساڳيءَ روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته ” لوهم جو دڙو “ ، ” موهن جي دڙي “ وانگر آرين يا مغربي لوڪن جي هٿان تباهه ٿيو ۽-آريا--تهذيب-هيٺ جيڪو نئون شهر-آباد-ٿيو ،-ان-جو نالو سنسڪرت زبان جي صورتخطيءَ هيٺ ” پوترا “ رکيو ويو ، جيڪو اڳتي هلي ” پاترا “ سڏجڻ ۾ آيو ۽ پوءِ ”-پات-“ يا ”-پاٽ-“ ۾ تبديل ٿي ويو . سنڌ جي عالمن مان ڪن جو وري اهو رايو آهي ته اصل ۾ ” پاتر “ سنڌيءَ جي لفظ ”-پاٽ-“ جي فارسي صورتخطي آهي ، جيئن ته فارسي ٻوليءَ ۾ ” ٽ “ جو اکر نه ٿيندو آهي ،-ان-ڪري-ان-جو نعم البدل ” تر “ استعمال ڪيو ويو ، جيڪو ” ٽ “ جو قريب-ترين-اچار آهي . ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخي ماخذن جو فارسيءَ ۾ هجڻ هن غلط فهميءَ جو باعث بڻيو هجي ، ۽ ڳوٺ جو اصل نالو ”-پاٽ-“ ئي هجي . اهو نالو تڏهن پيو ، جڏهن ڄام نظام الدين سمي ( 1461-1508ع ) صوفي خانقاهه قائم ڪرڻ لاءِ شيخ عمر شهاب الدين سهروردي ( 1144-1734ع ) جي اولاد مان شيخ شهاب الدين ثاني ( 1440-1501ع ) کي جاگير ڏئي هتي رهايو ، جنهن انهي درياهي-بندر-جو نالو ” قبة-الاسلام-“ رکيو ، پر جيئن ته جاگير جي ايراضي گول شڪل ۾ هئي ، تنهنڪري عام ماڻهو انهيءَ کي-ٺڪر-جي گول ٿانوَ ”-پاٽ-“ جي نالي سان سڏڻ لڳا ، جيڪو مروج ٿيو . (-تاريخ--باب الاسلام-سنڌ- 12 ، ڊاڪٽر حبيب-الله-صديقيءَ جي حوالي سان ص . 65-66 ) . آڳاٽي زماني ۾ هن درياهي-بندر-جو-بمبئي-، سورت ، سري لنڪا ۽-بنگال-سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو .-تاريخ-معصوميءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”-پاٽ-“ شهر ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هوندو هو . هتي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي رهندا هئا ، جن مان جوڻيجا ، چنا ، صديقي ۽-انصاري-خاندان جا ڪي فرد اهم هئا . انهن مان ڪي همايون جي سنڌ ۾ آمد ( 1541ع ) بعد ، هتان لڏي وڃي برهانپور ۾ رهيا ۽ ٻيا هتي ئي-پاٽ-۾ رهيا .-تاريخ-جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته شهنشاهه همايون ( سال 1541ع ) ، حميده بيگم سان هن شهر ۾ شادي ڪئي هئي .-ان-کان سواءِ مرزا ڪامران جي شادي به مرزا شاهه حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان پڻ-پاٽ-۾ ئي ٿي هئي . موجوده دور ۾ به ”-پاٽ-“ جي سرزمين ڪيترائي عالم ، فاضل پيدا ڪيا آهن ، جن دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو . انهن ۾ علامه آءِ . آءِ . قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو ، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر ، عالم ۽ فلسفي هو . جسٽس زيڊ . اي . چنا ، پروفيسر-امينه-خميساڻي ، مشهور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب-الله-صديقي ۽ سليم-الله-صديقيءَ جو تعلق پڻ-پاٽ-سان آهي . موجوده بيهڪ جي لحاظ کان ، ”-پاٽ-“ جو ڳوٺ/ شهر سنڌونديءَ کان هڪ ڪلوميٽر اولهه طرف ´28 . º20-اتر-ڊگهائي ڦاڪ ۽ ´68 . º48-اوڀر-ويڪرائي ڦاڪ تي دادو شگر مل پياري ڳوٺ کان ڇهه ڪلوميٽر-اوڀر-طرف واقع آهي . پراڻي-پاٽ-جو دڙو ، اتان کان هڪ ڪلوميٽر-اوڀر-طرف هڪ دڙي جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. ورتل انسائيڪلوپيڊيا .
پات شريف واقعي هڪ تاريخي، علمي شهر رهيو آهي، جتان ڪيترن ئي عالمن، ليکڪن ۽ سنڌ جي گهڻگهرن جو واسطو رهيو آهي۔