بدر قريشي : شاعر، نقاد، صحافي ۽ آدرشي انسان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    بدر قريشي : شاعر، نقاد، صحافي ۽ آدرشي انسان

    بدرالدين ”بدر“ ولد اميربخش ”امير“ قريشي 12 اپريل 1941ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنهنجي والد جي نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. تعليم انٽر آرٽس هئس. ڪجهه وقت هڪ غيرسرڪاري دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪيائين. ڪجهه عرصو انگريزيءَ ۾ صحافت به ڪيائين. پر بدقسمتيءَ سان ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي کانپوءِ باقي سڄي حياتي بستري تي معذوريءَ حالت ۾ گذاريائين. سندس بسترو هڪ دريءَ جي ڀرسان رکيل هوندو هو، جيڪا هڪ اهڙي باغ ڏانهن کلندي هئي، جنهن ۾ ٻار راند روند ڪندا هئا. بس، زندگيءَ جو سڄو اتساهه اتان وٺندو هو ۽ ڏاڍي خوبصورت شاعري ڪندو هو. ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه وري چهري تي رنج جي ريکا آيس. بدر قريشيءَ کي علم ۽ ادب سان تمام گهڻو شوق هو. نظم خواهه نثر ۾ مسلسل لکندو رهيو. سال 1950ع ۾ پهريائين ”سرشار“ عقيليءَ ۽ بعد ۾ پنهنجي والد بزرگوار ”امير قريشيءَ“ وٽان شعر سخن جي سکيا ۽ اصلاح حاصل ڪيائين. سنڌي زبان کان سواءِ اردوءَ ۾ به آسانيءَ سان شعر جوڙيندو هو. معذوريءَ واري حالت ۾ به سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو، سندس معذوريءَ سبب ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون سڀ گڏجاڻيون، سندس گهر تي ٿينديون هيون. سندس سنڌي شاعريءَ جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي. سندس عمر گهڻي ڪانه ٿي ۽ پاڻ 17 يا 18 سالن جي تڪليف ده حياتيءَ کان پوءِ 30 جنوري 1990ع تي وفات ڪري ويو. کيس طارق روڊ ڪراچي وٽ واقع پِي. اِي. سي. ايڇ ايس قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
    ____

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين بدر قريشيءَ جو نظم، جنهن ۾ هو حالتن جي عڪاسي ڪندي طويل نظم لکڻ چاهي پيو، جناح اسپتال ۾ داخل ميڊيسن وارڊ 6 جي بيڊ 36 تي جنوري 21 ، 1990ع ۾ شروع ڪيو ۽ زباني ستار پيرزادو کي لکرايو.......

    افسوس جو اهو ئي نظم سندس آخري تخليق بڻجي پيو........انهيءِ نظم کي مان پنهنجي اکرن ۾ لکي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ان وقت جي انچارج محترم بدر ابڙو کي ڏنو ، جنهن منهنجن ئي اکرن ۾ ڇپيو هئو. انهي نظم ۾ ذاتي حوالي سان بدر پنهنجي وارتا ته پيش ڪئي آهي پر اجتماعي طور ان وقت گھُٽ ٻوسٽ واري دؤر کي به چٽيو آهي! وڏي ڳالهه ته هي سٽون وري وري پڙهندي مون کي هاڻوڪين حالتن سان به ٺهڪندڙ ٿيو لڳن....

    قاضي منظر حيات

    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو