دوستو آئون ايڊوب فوٽوشاپ سي ايس 5 ۾ سنڌي لکان ٿو مگر اکر جداجدا لکجن ٿا، ڪيئن گڏ لکبا؟ محترم سائين محمدسليمان وساڻ ۽ محترم سائين عبيدالله ٿهيم کي مدد جي اپيل آهي۔
شايد توهان وٽ سنڌي اکر ڪاپِي پيسٽ ۾ ڪم نٿو ڪري۔ اُن لا توهان سڀ کان پهرين توهان ايم بِي جو ٺاهيل پي۔ايس۔ڊي فائل کوليو ۽ پو اُن جي لئير کي توهان جي تصوير ۾ ڊراپ ڪريو، ۽ پو اُتي ايڊٽ ڪريو۔ اگر فارمولو سمجهه نه اچي ته منهنجي هي وڊيو ڏسو، هن ۾ ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي۔۔۔۔۔“ واري ليئر کي مون ”ڀلي ڪري آيا“ واري فائل ۾ ڊراپ ڪيو آهي۔۔ اگر اڃا به مسئلو حل نه ٿئي ته پو توهان مونکي اسڪرين شاٽ ڏيکاريندا۔