• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ هاءِ ڪورٽ موهن جو دڙو تي سنڌ فيسٽيول لاء ٺهندڙ اسٽيج ۽ پروگرام جو ڪم روڪي ڇڏيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1011228_614847458551030_58476344_n.jpg


سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته سنڌ فيسٽيول جي سلسلي ۾ 7 هزار سالا قديم ورثي موهن جي دڙي تي اسٽيج ۽ پروگرام ڪرڻ وارو ڪم فوري طور روڪيو وڃي ۽ اسٽيج لاء لڳايل سمورو سامان پڻ پٽيو وڃي.

اهڙو حڪم سيد غلام شاهه پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻي لاء منظور ڪرڻ وقت ڏنو ويو. ڪورٽ چيو آهي ته يونيسڪو پاران اعلانيل حدن ۾ ڪو به پروگرام ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان سلسلي ۾ ڪيترن کي اختيارين کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي ان خبر کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار سبب سنڌ جي 7 هزار سال ثقافتي ورثي موهن جي دڙي جي کنڊرات کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاء اتي رٿيل سنڌ فيسٽيول خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.

1011228_614847458551030_58476344_n.jpg
 
سنڌ ها ڪورٽ جو فيصلو تمام سٺو آهي۔فيسٽيول کان پو جيڪا موهن جي ڌڙي جي حالت ٿئي ها۔اها تمام بري هجي ها۔اگر پ پ پ وارن ڪي اتيرو هي موهن جي ڌڙي جو فڪر آهي ته ڪنهن ٻئي هنڌ هي فيسٽيول ڪرائي سگهن ٿا۔
 
Back
Top