• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ثقافت جڏهن سياست جي ور چڙهي ويندي آهي

ثقافت جڏهن سياست جي ور چڙهي ويندي آهي ته ان جو تقدس ائين پائمال ٿيندو آهي جيئن پنج هزار سال پراڻا مهين جي دڙي جا آثار اڄڪلھ ثقافتي ٺيڪيدارن جي ور چڙهيل آهن......جن آثارن کي ڇهڻ جي به منع هجي اتي اڄ هٿوڙا ء مترڪا پيا هلن ء نعرو ته ثقافت سان پيار ڪريو...پاڪستان تي ناز ڪريو....پنهنجو ماضي ڀيبگ ڪري ڪهڙو ناز ڪريون..؟

سنڌ جي اها بدقسمتي ناهي ته ٻيو ڇاهي جو سندس قلم قبيلو مصلحتن جي مجبوري جون گوريون کائي آقائن جي سرندي تي سرور ۾ ڪنڌ پيو ڌوڻي ء انڪار جي طاقت وڃائي ويٺو آهي...نه ته هي تاريخي ڏوھ بلڻ کي ائين نه ڦٻي وڃي ها.....(نثار کوکر.)فوٽو ڪرٽسي.آصف رضا موريو..
1779740_10152173861410325_2012030803_n.jpg
 
هن ملڪ جو دستور الٽ آهي هتي سياست ڇا ڇا تي نٿي ڪئي وڃي ادا 10 جنوري کان اڳ بلوچستان جي وزير کي پئسا مليا چپ ٿي ويو پوءِ ٻين اڳواڻن پئسن لاءِ ڪجهه ڪلاڪ رڙيون ڪيو انهن کي پئسو ملي ويو جي نه مليو ته انهن کي انصاف نه مليو جن جو نقصان ٿيو جن جي وارثن جي لاشن تي سياست ڪئي وئي۔ سندن نقصان جو ڪو به تدارڪ نه ٿيو۔
 
Back
Top