29 ڊسمبر تي جڏهن سال 2013 آخري پساهه کڻي رهيو هو ته اسان پنهنجي تُرڪ ميزبان ”اونير تولگا اوڪان“ سان سندس ڪار ۾ ترابزون کان ڏکڻ طرف تاريخي خانقاهه (Sumela Monastery) ڏِسڻ لاءِ روانا ٿيا هئاسين. هتي اچڻ کان پهرين ئي هن شهر بابت پڙهندي خبر پئي هئي ته اها هڪ تاريخي ۽ تعجب ۾ وجهندڙ عمارت آهي جيڪا ڏِسڻ وٽان آهي. هونئن ته سائين الطاف شيخ جي ڳالهه سان سهمت آهيان (جيڪا سائين ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي پنج ڇهه سؤ سال پراڻي عمارتن جو ذڪر ڪندي ڪئي) ته پنهنجي سنڌي ماڻهن جِن اڃان موئن جي دڙي ڏِسڻ کي گوارا ناهي ڪيو يا ٺٽي ۾ دفن ٿيل تاريخ ڏسڻ لاءِ مڪلي وڃڻ لاءِ وقت ناهي ڪڍيو سي ڌارئين مُلڪ وڃي آرامده رهائش، ناشتي واري هوٽل يا ٽيليوزن وارو ڪمرو ڳولي لهڻ کي ڪاميابي سمجهن ٿا. اهڙن ماڻهن کي ڌارئين مُلڪ جي اسان جي ڀيٽ ۾ نئين ڄاول ٻار جهڙي يا وري ننڍي نيٽي جوان جهڙي تاريخ ڏسڻ جو ڏَس ڏيڻ فضول آهي. ڪُجهه اهڙو حال اڪثر حلقهِ احباب جو آهي جن سان منهنجي ويجهڙائي آهي پر منهنجا رني ڪوٽ جا ساٿي توڙي مڪلي جي ٻن ٽڪرين جا دنگ ڏيکاريندڙ پير پٺي جو ساٿي اهڙا آهن جن سان سنڌ جا ڪافي تاريخي ماڳ ڏِسي چُڪو آهيان. ماڻهو پُڇن ٿا ته تاريخي عمارتن ۾ آهي ڇا جو وڃي ڏِسون. سواءِ خاموش ديوارن يا پٿرن جي. . . . ۽ آسپاس اڪثر پيئڻ لاءِ پاڻي به دستياب نه هُجڻ. مون وٽ کين ڏيڻ لاءِ ڪو جواب ناهي ڇو ته مون کي انهن خاموشين جي زبان سمجهڻ جي جيڪا لاشعوري طاقت آهي اها بس قدرت جو تحفو آهي. تواريخ پڙهي گهٽ اٿم. پر اهڙن پُراڻ ماڳن کي ڏِسي اُتي پاڻ وڃائي ويهندو آهيان. ايئن لڳندو آهي ته اهي کنڊر منهنجا بهترين ميزبان آهن. هو ڀاڪر پائي ملن ٿا. صدين جي ڄمار جا قصا هڪ پل ۾ بيان ڪن ٿا. اُهي وقت جن ۾ موٽڻ ممڪن نه وري انهيءَ دؤر جو ڪو بچيل ماڻهو انهي دور جا احوال ڪري. اهو وقت جنهن ۾ ماڻهن هزارين ڪلو جا وزني پٿر ڍوئي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن تي پُهچائڻ ۾ ته وسان نه گهٽايو پر الاءِ ڇو کانئن پاڻ بابت هزارين سال پوءِ جنم وٺندڙ ترقي آفته قوم جي تجسس وارو پهلو رهجي ويو جيڪر هو لکي سگهيا پئي. ٿي سگهي ٿو اُنهن لکيو به هُجي پر وقت جي واچوڙي ۾ اُهي پنا وکري ويا هُجن يا ڪي گهٽ ذهن جيڪي تاريخ بدلائي ته نه پئي سگهيا پر ٽوڙي مروڙي ان کي گهُٽا ڏيئي پئي سگهيا تِن جي هٿ اهڙيون شيون چڙهي ويون ۽ انهن اُهي مٽائي ڇڏيون. خاموشي جي زبان سمجهڻ جي جستجو جاري آهي ۽ انهيءَ جي پورائي لاءِ ترابزون کان ڏکڻ پاسي 1200 ميٽرن (40000 فُٽن) جي اوچائي تي موجود هڪ جبل ۾ اها خانقاهه ڌسڻ لاءِ ڪلاڪ کن جو سفر پورو ڪيوسين. ترابزون ۾ ڊسمبر جي پهرين هفتي ٿيل برفباري جي برف ته ڪي ڏينهن اڳ ڳري وڃي بحر اسود جي هنج ۾ سُتي پر سُميلا موناسٽري جي برف اڃان به پئي هئي. شايد اوچائي تي هجڻ ڪري برف گهڻي پئي هُجي ۽ ٻنهي پاسي وڏا جبل هُجڻ ڪري سج جي روشني نه پُهتي هُجي ۽ گهٽ ڳري هُجي ڪري هتي اڃان برف موجود هئي. اسان جي گاڏي هڪ حد تائين پُهتي جتان اڳتي ننڍي گاڏي جو هلڻ ممڪن نه هو. هاڻي اسان کي هتي ٻين وڏين ويگن نما گاڏين ۾ ويهي اڳتي وڃڻو هو. جن جي ٽائرن تي سنگهرون چڙهيل هُيون ته جيئن اهي گاڏيون برف تي تِرڪڻ بجاءِ انهن ۾ پاڻ ڦٻائي هلي سگهن. اهو تصور ئي ڀيانڪ هو ته گاڏي برف تان سِلپ ٿئي ۽ سوين فُٽ هيٺ اونهين کائي ۾ وڃي ڪِري. اهو ڊپ هڪ پاسي ته ٻي پاسي وري تواريخي جايون ڏسڻ جو شؤق به زور تي. سفر کُٽو ۽ پُهتاسين هزارين سال اڳ پٿرن جون سِرون گهڙي سِڌن جبلن ۾ کُپائي ٺاهيل انهيءَ خانقاهه جي ويجهو. اڃان به ٽي سؤ فُٽ اوچائي تي هئي اها خانقاهه جيستائين اسان کي پنڌ هلڻو هو. پنڌ هلڻ لاءِ مناسب ٽريڪ ٺهيل هو جنهن جي هڪ پاسي تي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل هو ته ٻي پاسي وري ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ رُڪاوٽ ڏنل هئي. پنڌ هلندا جڏهن خانقاهه جي اندر گهڙياسين ته خبر پئي هن جبل ۾ قدرتي طور يا هٿراڌو هڪ پيٽ ٺاهيو ويو. هيٺ ٿوري سپورٽ تي پٿر بيهاري بلڊنگ ٺاهي وئي. گهڻو حصو جبل اندر ۽ ٿورو ٻاهر هئس. اندر پُهچي حيرت ٿي ته هي ڪا عام خانقاهه نه هئي. پاڻي جي زخيري لاءِ ٽئنڪي، ڪچن، واش رومز، لائبريري، آرم گاهه، مهمان خانو ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه هو. حيرت ٿي ته هزارين سال اڳ ماڻهو هتي ڇو آيا؟ پر انهيءَ تي سڀ مُتفق آهن ته اها عيساين جي خانقاهه آهي. هن بلڊنگ کي ڪو نقصان نه ٿئي تنهنڪري گورنمنٽ پاران هتي سختي ڪئي وئي آهي ته هر وزيٽر کي واڪ ٿرو مان گُذاريو وڃي. جيئن ته تُرڪي جي سڄي تر مذهبي بنيادن تي ماڻهن جو هتي رهڻ توڙي گورنمنٽس جو ٺهڻ ٽُٽڻ پئي ٿيو آهي. سو وچ ۾ ڪي دؤر اهڙا به آيا جِن ۾ ڪجهه شدت پسندن هن کي نُقصان پُهچائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هن وقت جي مسلمان گورنمنٽ جي هوندي به ان جي اها ڪوشش آهي ته اهي سڀ جايون سلامت رهن جيئن تاريخ ساهه کڻندي رهي. ڪو به ماڻهو ڪو اهڙو آلو نه ٿو کڻي وڃي سگهي جنهن سان هو هن بلڊنگ جي ڪنهن حصي کي نقصان رسائي سگهي. ماڻهن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ جي ڊپ سبب اها به سختي آهي ته هڪ وقت ۾ 450 کان 500 ماڻهو ئي وڃي سگهن ٿا وڌيڪ کي وڃڻ جي اجازت ناهي. اندر پُهچڻ تي هڪ هنڌ ته گورنمنٽ جي ڪُجهه ماڻهن اسان کي سختي سان منع ڪئي ته هن ڪمري ۾ وڃڻ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪئميرا جا فليش بند ڪريو. فليش آن هُجڻ جي صورت ۾ ڏنڊ وِڌو ويندو جنهن لاءِ ڪا به ڇڏ کوٽ ناهي. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هن بلڊنگ جي سڀ کان اهم ڄڳهه اها (وڏي خُلاصي غار نما ڪمرو) آهي جنهن ۾ ديوارن توڙي ڇتن تي مُختلف تصوريون اُڪريل آهن. جن تي ڪئميرا جي فليش پوڻ سان انهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. انهن ۾ سڀ کان اهم تصوير هئي امان مريم جي. مون سمجهيو ته اهو رڳو هڪ مفروضو هوندو (ٿي سگهي ٿو هُجي به) پر مون ڏِٺو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هتي ماڻهو سڀ انهيءَ تي متفق آهن ته اها تصوير امان مريم جي آهي. هڪ اها به نشاني آهي ته سوين سال اڳ اها خانقاهه عيساين پاران ٺاهي وئي آهي. هتي جي ڪُجهه ماڻهن ٻُڌايو ته گهڻو اندازو اهو آهي ته جيئن ته عيساين ۾ به وڏا گروپ آهن. هڪڙا ڪيٿولڪ ٻيا آرٿاڊاڪس. ٻنهي ۾ فرق جي ڪا هڪ وجھه ناهي. ٻئي گروهه عيسائي هوندي به ڪافي ڳالهين جي بنياد تي اختلاف سبب الڳ آهن. هي خانقاهه عيساين جي آرٿاڊاڪس گروهه ٺاهي جنهن جو اهو عقيدو هو ته هو ماڻهن کان پري بنيادي ضرورتن جي هوندي رهن ته گُناهه کان بچي سگهن ٿا. پر ڪا به ڳالهه حتمي ناهي. افسوس هن ڳالهه جو اٿم ته جڏهن هي ليک لکي پورو ڪرڻ وارو هئس ته سوشل ميڊيا سائٽس تي خبرون هلڻ لڳيون ته سنڌ جي نالي تي هڪ پروگرام ٻارڻو ضد ڪري سنڌ جي تاريخي ماڳ موئن جي دڙي تي اسٽيج ٺاهيو پيو وڃي. هڪڙن مُلڪن اهڙن تاريخي ماڳن سان پاڻ کي قديم هُجڻ ثابت ڪيو سياحن کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ مائل ڪيو ۽ ماڳن جي حفاظت ڪندي سياحن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون ته ٻي طرف اسان حفاظت ته ٺهيو رهندو پاڻ نقصان پيا ڏيون. ڪهڙي دانهن ڪجي ۽ ڪنهن آڏو ڪجي؟ جبل ۾ کُپيل تاريخي خانقاهه تاريخي خانقاهه ”سُميلا موناسٽري“ اندريون ڏيک اُن تصوير سان گڏ جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اها امان مريم جي اصلي تصوير آهي
ڪالهه فيسبوڪ تي گورڌن ولاسائي جو اسٽيٽس پڙهيم ته سندس ترڪي لاء هڪ سال جي ويزا منظور ٿي وئي آهي۔ خوشي ٿي ته هڪ ٻيو دوست به ترڪي وڃي رهيو آهي۔ چيائين ته مان ترڪي جي ٻئي حصي ۾ هوندس جڏهن ته حفيظ ٻئي حصي ۾ آهي۔ خير اهو به سٺو جو گورڌن اوڏانهن پيو اچي۔ هو به تصويرن ۽ فوٽوگرافي جو شوقين آهي۔ اوهان جي هي وارتا پڙهي مونکي وري رني ڪوٽ جو شير ڳڙهه ياد اچي ويو جتي پاڻي جي ڍڪ لاء پريشان هئاسين۔ ۽ اتي پهچڻ به محال هو۔ ترڪي اسلامي سلطنت جو ڳڙهه رهيو آهي پوء به هن عيسائين جي خانقاهه کي اهڙي سهڻي انداز ۾ سنڀاليو اٿن اهو واقعي ئي قابل تعريف ۽ حيران ڪندڙ آهي۔ اهي قومون جيڪي تاريخ ۽ ثقافتي ورثن کي سنڀالين ٿيون اهي پنهنجي مهذب هجڻ جو ثبوت پاڻ ئي پيش ڪن ٿيون۔ اوهان جي هي سفر ڪهاڻي به خوبصورت لڳي۔ ڀلا هتي ايندڙ ماڻهو ڪير ڪير آهن، يورپ ۽ ايشيا جا ماڻهو به اچن ٿا يا نه؟ ڇا مقامي ترڪ به هن خانقاهه کي ڏسڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا؟ مذهبي حوالي سان هتي ڪا پوڄا پاٺ يا ڪا ررسم به ادا ڪن ٿا يا نه؟ باقي يار هتي اسان واري همراهن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي۔ لڳي ٿو موهن جي دڙي کي جلد ختم ڪرڻ جو سانباهو تيار ڪيو اٿن۔
مهرباني ادا۔ هتي يورپي به اچن ٿا۔ کين خوشي آهي ته اها خانقاهه اڃان به سلامت آهي۔ مقامي ماڻهو به ايندا رهن ٿا۔ عبادت وغيره ته هاڻ ڪونه ٿئي۔ بس هڪ تاريخي ماڳ ئي سڃاڻپ آهي هن عمارت جي۔
تاريخ سان دلچسپي اٿم۔۔۔ ان جو سبب ڇا به هجي پر ماضي کي ياد ڪرڻ ڀلو لڳندو آهي۔۔ توڙي کڻي ڪجهه ماڻهن کي اهي کنڊر لڳندا هجن يا وري توهان کي اونهي گهرائي ۾ وٺي ويندڙ ميزبان پر مان جڏهن به اهڙن تاريخي مقامن تي وڃان ته پاڻ کي ماضي جو ڪو ڪردار لڳندو آهيان۔۔۔ ۽ منهنجي اڳيان اهي کنڊر جهڙوڪ زنده ٿيو پون۔۔۔ جتي چهل پهل به هجي ته خاموشي به ۔۔۔ جتي سچائي ۽ بهادري جا داستان به ملن ته بربريت ۽ درندگي جا واڪا به ۔۔۔ ۽ جڏهن گهڻو غور ڪريان ته ٻنهي دورن جو انسان ساڳيو ئي ملي۔۔۔ بس فرق رڳو سهولتن جو آهي۔۔ سوچون وري به ساڳيون۔۔۔ خير جتي توهان ڪيمرا استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ڪئي اتي توهان جي نڪتل تصوير به مرڪائي وڌو ۔۔۔ ته آخرڪار پاڪستاني طريقو ڪارگر ٿيو۔۔۔ خير پنهنجي دلچسپي تحت جڏهن وڌيڪ ڳولا ڪئي ته ان مقام جون ٻيون به کوڙ تصويرون ويب پيجز تي موجود مليون۔۔۔ پر جيئن ته توهان چترڪاري بابت ٻڌايو ته اهي اصل تصويرون چورائيندڙ آهن ته ڪجهه ٻين تصويرن بابت پڻ ٻڌايو ۔۔۔ جهڙوڪ هيٺيون داستاني تصويرون۔۔۔
ذيشان رشيد اوهان جي راءِ جي شروعاتي لائينن ۾ ايترو وزن آهي جو منهجون هزار لکڻيون انهن کي نه پُڄن۔ سليمان وساڻ صحيح چوندو آهي ته اوهان لکو نه ٿا پر جي لکو ته ڀلو لکي سگهو ٿا۔ ادا هتي هر ڄڳهه تي سي سي ٽي وي ڪئميرا هئي۔ ڪوئي ڄهُڳاڙ نه هو نه ڪو طريقو۔ بس ايترو هو ته ڪئميرا جا فليش آڻ نه هُجن۔ ڪئميرا استعمال ڪرڻ کان منع نه هئي۔ ليک ۾ شايد اهو تاثر مليو هُجي ته ڪئميرا جي منع هئي۔ پر مون صرف فليش آن ڪرڻ کان منع هُجڻ لکيو هو۔ ادا جئين ته اها چٽسالي اصل هُجڻ هڪ مفروضو به ٿي سگهي ٿي تنهنڪري ڪا حتمي راءِ ناهي۔ پر کنڀن واري تصوير بابت ماڻهن چيو ته ٿي سگهي ٿو اهو حضرت جبرائيل جو عڪس هُجي۔ مڇي جي پيٽ ۾ ويندڙ ماڻهو حضرت يونس عليه سلام جو خاڪو آهي۔ پر سواءِ امان مريم جي تصوير جي ڪو به مُڪمل يقين سان نه پيو چئي۔
بس يار ڪيمرا جو فليش ايڏو نقصانڪار ۔۔۔۔۔ ۽ هتي موهن جي دڙي کي بچائڻ لاء سنڌ فيسٽيول موهن جي دڙي جي آثارن مٿان ئي اسٽيج ٺاهي منعقد ڪئي پئي وڃي۔