ننڍي کنڊ جي ترقي پزير ملڪن ۾ ڪرڪيٽ کي جنون جي حد تائين پسند ڪيو ويندو آهي ۽ انهي سبب جي ڪري ڪرڪيٽ نه صرف ملڪن کي ملائي سگهي ٿي پر ڪرڪيٽ جي ڪري ٿيندڙ اڻ ڀُڻ به ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ننڍي کنڊ جي ٽيمن سٺي ڪرڪيٽ سان پنهنجي پاڻ کي پوري دنيا ۾ مڃايو آهي، پر اُن ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه ٽيمن جي ڪارڪردگي تي هميشه سواليه نشان رهيا آهن، ڇو ته اُهي ٽيمون فقط پنهنجي Home Conditions ۾ ئي بهتر پرفارم ڪري سگهنديون آهن. مٿين چئن ٽيمن مان اتفاق سان پاڪستان اها واحد ٽيم آهي جيڪا Home Conditions جو ڪو به فائدو نه ٿي وٺي ۽ کيس هر Condition ۾ کيڏڻ ۽ کٽڻ جي مهارت آهي. جڏهن ته ڀارت، سري لنڪا يا وري بنگلاديش، هر ٽيم کي پنهنجي هوم گرائونڊز ۾ تمام گهڻي Confidence سان کيڏندي ۽ کٽندي ڏسون ٿا. تجزيه ڪارن جو اهو خيال آهي ته دنيا جي هر ٽيم کي پنهنجي هوم گرائونڊز جو فائدو ملندو آهي ۽ جيڪو ملڻ به گهرجي، پر اهو به قابلِ قبول ناهي ته اوهان فقط پنهنجي هوم گرائونڊز تي ئي سٺو پرفارم ڪيو ۽ ٻاهرين Conditions ۾ اوهان کي ڪرڪيٽ ئي وسري وڃي. هتي اهو لازمي ذهن ۾ رکيو وڃي ته ٽيمن کي فقط پنهنجي مۡخالف جي Strength سان Compare ڪيو پيو وڃي، ڇو ته ڀارت ۽ زمبابوي، يا آسٽريليا ۽ بنگلاديش جو ڪو مقابلو ناهي، تنهن هوندي به ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. تجزيه ڪار ته فقط پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا کي ئي اُن ڪيٽيگري ۾ رکندا آهن جيڪي هر هنڌ سٺو کيڏڻ ۾ خود کي مڃايو آهي. پر ڏکڻ آفريڪا جو 2013 جو سري لنڪا جو جيڪڏهن دورو ڏسجي ته ائين ٿو لڳي ته شايد آفريڪا به پنهنجي Conditions جي ٽيم آهي. تنهن هوندي به ڪجهه ٽيمون ٻين Conditions ۾ سٺو کيڏي پنهنجي پاڻ تي لڳل اهڙي الزام کي مسترد ڪن ٿيون، پر ڀارت هميشه کان اُن کي الزام جي هيٺ رهي آهي ۽ هميشه اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته هو هر Condition ۾ پرفارم ڪرڻ واري ٽيم آهي. هڪ روزه ڪرڪيٽ ۾ جيڪڏهن بهترين اسڪور جو ذڪر ڪجي ته ڀارت جي ٽاپ ٽين اسڪور هن ريت رهيا آهن: 1 . 418 رنسون ويسٽ انڊيز (مخالف) ايندور انڊيا 2011 2. 414 رنسون سري لنڪا (مخالف) راج ڪوٽ انڊيا 2009 3. 413 رنسون برمودا (مخالف) پورٽ آف اسپين 2007 4. 401 رنسون ڏکڻ آفريڪا (مخالف) گوالير انڊيا 2010 5. 392 رنسون نيوزي لينڊ (مخالف) ڪرسچرچ 2009 6. 387 رنسون انگلينڊ (مخالف) راجڪوٽ انڊيا 2008 7. 383 رنسون آسٽريليا (مخالف) بينگلور انڊيا 2013 8. 376 رنسون نيوزيلينڊ (مخالف) حيدرآباد انڊيا 1999 9. 374 رنسون هانگ ڪانگ (مخالف) ڪراچي 2008 10. 373 رنسون سري لنڪا (مخالف) ٽائونٽن آفريڪا 1999 ٽاپ ڏهه اسڪورن مان 6 اننگز ڀارت ۾ ئي رهيون جن مان به ٻه اننگز اهڙين ڪمزور ٽيمن جي خلاف رهيون، جنهن کي خلاف هر ٽيم سٺو اسڪور ڪيو. پاڪستان سان ڀارت جا ٿيل جيڪڏهن هڪ روزه ميچ ڏسون ته پاڪستان 125 ميچز مان 71 ميچ ڀارت کان کٽيا آهن پر بدقسمتي سان ورلڊ ڪپ جو ڪو به ميچ پاڪستان پنهنجي نالي نه ڪري سگهي آهي. ڏکڻ ايشيا جون ڪرڪيٽ ڪنڊيشنز سڀني مُلڪن جون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون آهن، ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ کيڏڻ ننڍي کنڊ جي هر ٽيم لاءِ Home Conditions سمجهيو ويندو آهي. هڪ نظر ڀارت جي مڊل آرڊر ۽ بهترين ريڪارڊ رکندڙ ويرات ڪولهي جي سينچرين تي وجهون ته اُن ۾ به ڪجهه مختلف ناهي، 18 سنچرين مان 13 سنچريون هُن ننڍي کنڊ جي گرائونڊز تي ٺاهيون ۽ انهن 13 مان به 8 ڀارت ۾. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سچن ٽنڊولڪر دنيا جو بهترين رانديگر هو ۽ کيس رنز جي مشين به سڏيو ويندو هو، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندس ون ڊي جي 49 سنچرين مان 35 سنچريون ننڍي کنڊ جي گرائونڊز تي ٺاهيون ويون آهن (شارجه جيڪو ننڍي کنڊ ۾ ناهي اُن کي به شامل ڪيو ويو آهي). ۽ انهن 35 مان به 20 سنچريون هُن ڀارت ۾ اسڪورڪيون. لکڻ جو مقصد اهو هر گز ناهي ته ٽنڊولڪر يا ڪولهي سٺا رانديگر ناهن پر گهرو ڪنڊيشنز ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ هڪ سوال ضرور آهي. سال اندر کيڏيل ڪجهه سيريز جو ذڪر ڪيون ته ان ۾ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کان گهر ۾ سيريز هارائي ٿو ۽ سندن گرائونڊز تي کٽي ٿو، زمبابوي، ويسٽ انڊيز کان به پنهنجي گرائونڊز تي کٽي ٿو، جيتوڻيڪ زمبابوي هڪ ڪمزور حريف آهي پر پاڪستان تي اُن ڪري به ڪو سوال نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته پاڪستان جي گرائونڊز تي هاڻي ڪرڪيٽ هڪ خواب رهجي وئي آهي، ان ڪري پاڪستان جي مجبوري آهي ٻين جي گرائونڊز تي کيڏڻ جي. ڀارت جيڪا آسٽريليا کي پنهنجي گرائونڊ تي شڪست ڏي ٿي، پر ڏکڻ آفريڪا کان ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز ٻئي هارائي ٿي وڃي. نيوزي لينڊ جيڪا بنگلاديش کان بنگلاديش ۾ سيريز نه کٽي سگهي اها پنهنجي گرائونڊ تي انڊيا کي آئوٽ ڪلاس ڪري ٿي ۽ انڊيا جيڪا آسٽريليا خلاف 350 کان مٿي رنسون ٺاهيندي هئي، اها 300 تائين پهچڻ ته خواب پر سيريز هارائي گهر واپس ٿي رهي آهي. انگلينڊ به پاڪستان کان نيوٽرل وينيو تي سڀ ميچ هارائي وئي ۽ پنهنجي گرائونڊ تي ايشز به کٽيائين پر آسٽريليا کيس پنهنجي پچن تي وائيٽ واش ڪري اهو ٻڌايو ته اسان به گهر جا شينهن آهيون. وري حيرت اها ته بگ ٿري ۾ اُهي ٽيئي ٽيمون ڪرڪيٽ تي حڪمراني جي سوچين پيون! ڪرڪيٽ جي Giants ٽيمن ۾ هزار خوبيون سهي، پر اُهو الزام ته اُهي گهر ۾ شينهن آهن ان کان انڪار سندن وس ۾ ناهي، ڇو ته برابر جي حريف سان ٻاهرين Conditions تي کيڏي کٽڻ ۾ اهي ٽيمون جيتوڻيڪ ڪامياب به رهيون آهن، پر اهو تناسب تمام گهٽ رهيو آهي. پر اهو به فطرتي عمل آهي ته گهر ۾ هر ڪو شينهن آهي .. نوٽ: انگ اکر جي سو سيڪڙو درستگي جي دعوي نٿي ڪري سگهجي۔
سڀ ڳالهيون سچيون ۔۔۔ اڄ وري ڀارت جي ٽيم پنجين آخري ميچ ۾ به نيوزيلينڊ کان شڪست کاڌي آهي۔ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنجن مان چار مئچون کٽيون جڏهن ته هڪ ميچ ٽاءِ ٿي۔ اهڙي بري شڪست کانپوء به ڀارت بضد آهي ته ڪرڪيٽ جي حڪمراني هن کي ڏني وڃي۔
بلڪل ۔۔ پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا جو اصولي موقف قائم آهي ۽ نيوزي لينڊ کي به آسٽريليا تي شديد اعتراض آهن۔۔ ڪالهه کان بنگلاديش ۾ به مخالفت شروع ٿي آهي جيڪا سمجهيو ٿو وڃي ته بگ ٿري کي ٽف ٽائيم ڏيندي۔ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لچڪ سمجهه کان ٻاهر آهي، تنهن هوندي به بگ ٿري ڪامياب ٿيندي نظر اچي ٿي۔۔ ڏسجي ڇا ٿو ٿئي ۔۔۔
نيوزيلينڊ حمايت ڪري چڪي آهي۔ بنگلاديش به حمايت ڪرڻ وارو آهي۔ ڳالهه آهي ته ٽي ووٽ مخالفت ۾ هوندا ته پوء بگ ٿري ڪانه ٺهي سگهندي۔ ان لاء ٽو ٿرڊ ميجارٽي گهربل آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا گڏ هوندا ته پوء بگ ٿري ڪانه ٺهي سگهندي۔ پر مونکي پاڪستان تي پڪ ناهي۔
انڊيا پاڪستان کي اهو داڻو ڏنو آهي ته هو ساڻن سان کيڏڻ پاڪستان ايندا جي پاڪستان کين ووٽ ڏئي۔۔۔ ۽ جيئن ته پاڪستان کي ڪنهن به ٽيم کي پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ راضي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي۔۔۔ اها آفر لکن جي مٽ آهي۔۔۔ بس شرط رڳو اهو آهي ته ووٽ وٺڻ کان پوءِ انڊيا ڦري نه وڃي۔۔۔ ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته انڊيا پاڪستان سان ڪڏهن به واعدو وفا نه ڪيو آهي۔۔۔ ان ڪري پاڪستان رڳو ضمانت حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ آهي ۔۔۔
هونئن ته هي مزاحيه مضمون پڙهي ڏاڍي کِل آئي پر پوء ڏاڍو ڏک به ٿيو ته اسان جو ساده دل نوجوان ڪيترو نه جلد پنجابي ميڊيا جي بڪواس مان متاثر ٿي وڃي ٿو.. اهڙي پروپيگنڊا جو مقصد ڀارت جي ٽيم جي توهين ڪرڻ نه، پر نه پنهنجن ڪرتوتن تي پردو وجهڻ آهي ۽ اسان جو نوجوان ان تي دل سان يقين به ڪري ٿو ۽ پنجابي ٽيم سان محبت جو اظهار به ڪري ٿو.. ڇو ته جيڪو پنجابي جي تعريف نه ڪندو اهو غدار به آهي ته ڪافر به.. ۽ ڪافر واجب القتل آهي.. ريڪارڊ ڏسڻ سٺي ڳالهه آهي پر ٻين تي آڱريون کڻڻ کان اڳ پاڻ تي نظر وجھڻ به اوترو ئي ضروري آهي.. دنيا جو هر رانديگر پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ کيڏندو آهي ان ڪري هن جو ريڪارڊ به وڌيڪ نظر ايندو.. ان تي اعتراض ڇو؟ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پونٽگ جون 30 سينچريون آهن، جن مان اڌ سينچريون هن صرف آسٽريليا ۾ ٺاهيون آهن، ته پوء ان رانديگر کي ٻِلي چوڻ ٺيڪ رهندو؟.. ٻئي طرف پنجابين تي نظر وجهو، انضمام پنجابي پنهنجي سڄي زندگي ۾ ون ڊي ميچڻ ۾ 10 سينچريون ٺاهيون، جن مان 8 هوم گرائونڊ تي (شارجه به شامل) ٺاهيون.. پر پوء به شينهن، واه سائين.. ٽنڊولڪر جي 49 سينچرين تي سوال اٿاريندڙ پنهنجي شرمندگي تي پردو ان ڪري به وجهندا آهن جو هنن وٽ ذلت کان سواء ڪجهه به ته ڪونهي.. مصباح پنجابي اڄ تائين ڪا سينچري نه ٺاهي سگهيو آهي... يونس خان سڄي عمر ۾ 4 سينچريون ٺاهيون.. پنهنجي ڪارڪردگي تي ڀنگڙو وجهندڙن کان ڪير پڇي ته سهي ته يارو توهان جون سڀ ڳالهيون سچيون پر گذريل ڪيترن سالن کان توهان جي رينڪنگ ڇهه ست کان مٿي اچي ئي ڪونه ٿي.. شايد ان ۾ به ڀارت جو ئي قصور هوندو... چوڻي آهي ته .. هلڻ پاڻ کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن تي..