کير واريون سيون

راشد سومرو

سينيئر رڪن
کير واريون سيون

گهربل شيون:

کير: ڏيڍ ليٽر

گيهه: ٻه کائڻ وارا چمچا

سيون: هڪ پڙو

کنڊ: هڪ پيالي

بادام، پستا ۽ کوپرو: ٽئي 75، 75 گرام

ڪيوڙي جو روح: ٽي کان چار ڦڙا

ننڍا ڦوٽا: چار کان ڇهه عدد

ٺاهڻ جو طريقو: هڪ ٿانو ۾ گيهه گرم ڪري ان ۾ ننڍا ڦوٽا وجهو، ڦوٽن مان خوشبو اچڻ کانپو ان ۾ سيون وجهو شين کي هڪ کان ٻن منٽن تائين هلڪي باهه تي پچايو، انهن جو رنگ هلڪو سونهري ٿيڻ کانپو اهي ٿانو ۾ لاهي هيٺ رکو ۽ ان ۾ جلدي ئي کنڊ بادام، پستا ۽ کوپرو وجهو. هاڻي ٿانو کي واپس چلهي تي رکو، ان ۾ کير وجهو ۽ ڏهن منٽن کان پندرنهن منٽن تائين يا هلڪو گهاٽو ٿيڻ تائين پچايو ۽ پو ان ۾ ڪيوڙي جا ٽي چار ڦڙا وجهي چلهو بند ڪريو ۽ ڊش آئوٽ ڪريو. گارنش لا مٿان بچيل پستا ۽ بادام وجهو ۽ پو پاڻ به کائو ۽ پنهنجي مهمانن کي به کير واريون سيون کارايون.

نوٽ: کير واريون سيون ٿڌيون توڙي گرم کائي سگهجن ٿيون.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top