انيس احمد چنا
سينيئر رڪن
پاٽ پراڻي جي تاريخ
پاٽ پراڻي: پراڻي-پاٽ-دادو شھر کان-اتر-طرف سورھن ميلن جي مفاصلي ۽ دادو ڪئنال جي-اوڀر-۾ ھڪ ميل جي پنڌ تي آهي. هن ڦٽل شهر جا آثار عربن جي دور جا چيا وڃن ٿا. 25 ايڪڙن تي مشتمل هي دڙا نئين-پاٽ-شهر جي-اوڀر-۾ آھن، جتي ھن وقت کٻڙن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ٿا اچن. ھتي ھڪ قبرستان ۽ حاجي پير اسماعيل پنهور جو مقبرو آھي. روايت آھي ته ھتي قلندر لال شھباز به 644 ھه/ 1246ع ۾ آيو ھو. هن جي-اتر-۾ هڪ قبرستان آھي. ھي شھر ڪنھن وقت ڏاڍو مشھور ھو. ھن شھر جي اولهه ۾ ڍورو واهه ۽ تاڳرواهه وھندا ھئا. جن تي آباديءَ ٿيندي هئي. شھر جون چاٻيون سرڪاري ڪارندي وٽ رھنديون ھيون.-ٺٽي-۽ سيوھڻ کان ايندڙ رستو-پاٽ-مان لنگھي ملتان ڏانھن ويندو ھو. هن رستي جا پڪا نشان ڳوٺ نورجن وٽ موندر کان ڏکڻ طرف اڃا به موجود آھن. انھيءَ روڊ-تان-محصول اوڳاڙڻ لاءِ ھڪ چبوتري جا نشان به اڃا دڙن تي ملن ٿا.-ان-محصول کي ”رائر“ چيو ويندو هو. (’رائر‘ لفظ، محصول لاءِ شاهه لطيف به ڪم آندو آهي.) هي رستو ناصر شاهه جي مقام کان لنگھندو ھو. دلاه ڍوري تي رستي ۾ پڪين سرن جي موري ٻڌل ھوندي ھئي، جنھن جون سرون 1300ھه/ 1882ع ۾ مقامي ماڻھن نئين-پاٽ-اڏڻ ۾ ڪتب آنديون. ھتي ڏاڙھن جا وڏا-باغ-ھئا، جن کي پاڻي معروفاڻي، وھندڙي ۽ چڪڻ ڍنڍن مان ملندو ھو. ھن شھر کي قديم تذڪرن ۾ ”قبلة السلام“ سڏيو ويو آھي، جو ھتي دين-اسلام-جي علم جا وڏا عالم رھندا ھئا. ھن شھر تي مغلن ۽ قلاتي ماڻھن پاران حملن پٺيان حملا ٿيندا رهيا. سال 930 ھه/ 1523ع ۾ مرزا شاهه حسن جي شادي-بابر بادشاهه-جي مير منشي خليفي حسام الدين ميرڪ جي ڌيءَ گلبرگ بيگم سان-پاٽ-۾ ٿي. سال 947هه/ 1540ع ھمايون ٻن لکن ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو.-اناج-جي کوٽ سبب ھمايون-پاٽ-مان-اناج-خريد ڪرڻ لاءِ ماڻھو موڪليا هئا، ڇاڪاڻ ته اُتي-اناج-جهجهو ۽ سستو هو. سال 950ھه/ 1543ع ۾ جڏھن مرزا ڪامران پنھنجي-ڀاءُ-ھمايون کان ڪاوڙجي نڪتو ته کيس-پاٽ-۾ مرزا شاهه حسن مليو، جنھن سندس نه رڳو پاسخاطري ڪئي، پر پنھنجي ڌيءَ چوچڪ بيگم جو سڱ به کيس ڏنو. اها شادي به-پاٽ-۾ ٿي هئي. 952 هه/ 1545ع ۾ ھمايون جي شادي شيخ علي اڪبر جاميءَ جي ڌيءَ حميده بيگم سان به-پاٽ-۾ ٿي.-اڪبر بادشاهه--ان-بيگم مان ئي اڳتي هلي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. اھڙيءَ طرح وڏي-تاريخ-رکندڙ هيءُ شھر درياهه جي رُخ مَٽائڻ يا هڪ روايت موجب-باهه-لڳڻ سبب ويران ٿيو، بهرحال هن وقت پراڻي-پاٽ-جا رڳو دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ( حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون)
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: