هاڻي فون جو لاڪ کلندو صرف اوهان جي ڪنن سان.... اڪثر ماڻهو پنهنجي موبائل فون کي لاڪ ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي نمبرز يا هاڻي آڱرين جي نشانن سان کلندا آهن پر سوچيو ته هاڻي اوهان جا ڪن به لاڪ کولڻ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. جي ها ! هڪ نئون آنڊر يوئيڊ سافٽ ويئر مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، جنهن ذريعي لاڪ فون کي صارف صرف پنهنجي ڪنن جي مدد سان کولي سگهن ٿا. هڪ آمريڪي ڪمپني موجب ته هي بهترين بايوميٽرڪ ايپليڪشن آهي ڇو ته هر شخص جي ڪنن جي پرنٽ به آڱرين جي نشانن جيان الڳ هوندي آهي. آڱرين جي نشانن وانگر ڪنن جي مخصوص فيچرز کي ميچ ڪري فون لاڪ کلي ويندو. بس اوهان جي موبائل پنهنجي ڪن تي لڳائڻو پوندو.