عورت ۽ قانون

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    عورت ۽ قانون

    ** ننڍپڻ جي شادي

    پاڪستاني قانون موجب ننڍپڻ جي شادي منع ٿيل آهي. 16 سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائڻ تي والدين ۽ نڪاح پڙهائڻ واري کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. (قانون امتناع ازدواج 1949ع) جيڪڏهن شاديءَ جي وقت ڇوڪريءَ جي عمر 16 سالن کان گهٽ آهي ته بالغ ٿيڻ تي قانون کيس اجازت ڏئي ٿو ته ڇوڪري ان شاديءَ کي رد ڪري سگهي ٿي، ليڪن ان لاءِ ضروري آهي ته اهي زال مڙس جي حيثيت ۾ زندگي نه گذاريندا هجن. ٻي صورت ۾ بالغ ٿيڻ تي ڇوڪريءَ کي طلاق لاءِ عدالت ۾ ڪاروائي ڪرڻي پوندي.

    ** بالغ ڇوڪري جي شادي

    18 سالن کان وڏي عمر جي ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن هن وٽ رجسٽر ٿيل نڪاح نامو هوندو ته ماءُ پيءُ اها شادي رد ڪرائي نٿا سگهن. ٻي صورت ۾ يعني نڪاح نامو نه هئڻ جي حالت ۾ ڇوڪريءَ جو قسم نامو (يعني ائفي ڊيوٽ) جي ذريعي نڪاح ثابت ٿي سگهي ٿو.

    ** نڪاح

    نڪاح نامي جي اهميت

    مسلم فيملي لاز آرڊيننس موجب شادي ڪرڻ لاءِ نڪاح نامو ڀرڻ ۽ ان جا سمورا شرط پورا ڪرڻ ضروري آهن ۽ اهي وارڊ نڪاح رجسٽرار وٽ درج ٿيڻ ضروري آهن. ان جي ذميداري نڪاح پڙهائڻ واري مٿان آهي. جيڪڏهن هو اها ذميداري پوري نٿو ڪري ته سزا جي واجب آهي. (مسلم ئلي قانون 1961ع)

    ** نڪاح نامو زال واسطي ڇو ضروري آهي:

    1ـ جيڪڏهن نڪاح نامو رجسٽر ٿيل نه هوندو ته واسطيدارن مان ڪنهن جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ خاندان جا ماڻهو وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ شاديءَ کي ئي ناجائز ۽ تڪراري ثابت ڪرڻ لاءِ قانون ڪاروائي ڪري سگهن ٿا.

    2ـ زنا آرڊيننس هيٺ سزا ڏيڻ واري مسئلي نڪاح جي رجسٽريشن کي تمام اهم بنائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن زال مڙس مٿان زنا جو الزام لڳي وڃي ته سزا کان بچڻ لاءِ پاڻ کي شادي شده ثابت ڪرڻو پوندو ۽ رجسٽر ٿيل نڪاح نامي جي نه هئڻ جي صورت ۾ نڪاح ثابت ڪرڻو پوندو.

    3ـ تڪرار جي صورت ۾ جيڪڏهن نڪاح جي ڪا ڌر نڪاح جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏي ته نڪاح رجسٽر نه ٿيل هجڻ جي صورت ۾ ٻي ڌر لاءِ ان کي ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.

    ** خاص شرط

    نڪاح نامي جي شق 17 ۾ اجازت آهي ته ڪنهن به خاص شرط کي نڪاح نامي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڇوڪرو يا ان جا ماءُ پيءُ اهڙو شرط نڪاح نامي ۾ شامل ڪن، جنهن سان عورت جي قانوني حقن کي نقصان پهچي ته عدالتون اهو شرط قبول نه ڪنديون.

    اسلام ۽ پاڪستان قانون موجب مهر ٻن قسمن جو هوندو آهي.

    1ـ مهر معجل ۽ 2 ـ مهر موجل

    1: مهر معجل

    زال شاديءَ واري عرصي ۾ ڪنهن به وقت مهر جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، جيڪو مڙس کي ادا ڪرڻو پوندو. ان صورتحال ۾ ازدواجي تعلقات قائم ٿيڻ کان پوءِ به زال ان وقت تائين مڙس سان گڏ رهڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي، جيستائين مهر نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن مڙس انڪار ڪري ته ٽن سالن جي اندر زال ڪيس ڪري سگهي ٿي.

    2 ـ مهر موجل (مهلت بعد ادائيگي.

    هي مهر جو اهو قسم آهي، جيڪو زال کي طلاق يا مڙس جي وفات جي وقت ملي سگهي ٿو. زال کي اهو حق حاصل آهي ته اها پنهنجي مرحوم مڙس جي ملڪيت مان پنهنجو مهر حاصل ڪري. ان ڪري مڙس جي خاندان مٿان اهو لازم آهي ته ملڪيت جي ورهاست کان اڳ بيواهه کي مهر ادا ڪري.

    مهر معجل حاصل ڪرڻ لاءِ مڙس جي وفات يا طلاق جي ٽن سالن اندر ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو. مڙس جيڪڏهن زال کي پنهنجي ملڪيت مان ڪجهه ڏيڻ گهري ته فقط 311 حصو گفٽ جي صورت ۾ ڏئي سگهي ٿو، پر اهو حصو عورت جي مهر ۽ شرعي حصي کان علاوه آهي.

    ** مهر مثل ڇا کي چون ٿا؟

    حق مهر جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مقرر نه ڪيو وڃي، ان صورت ۾ زال مهر مثل جي حقدار هوندي آهي، يعني جيڪڏهن ڌرين جي وچ ۾ مناسب مهر جو فيصلو نه ٿيو هجي ته عدالت کي اهو حق پهچي ٿو ته مرد جي مالي حيثيت ۽ ڌرين جي سماجي زندگي ۽ رهڻ سهڻ کي نظر ۾ رکندي مناسب مهر مقرر ڪري. عدالت پاران مقرر ڪيل مهر کي مهر مثل ڪوٺجي ٿو.

    شادي واري عرصي ۾ مهر جي رقم وڌائي سگهجي ٿي.

    ** شرعي مهر

    ڪي گهوٽ وارا شرعي مهر تي زور ڏيندا آهن. انهن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻڻ گهرجي ته چوڏهن سؤ سال اڳ شرعي مهر 32 دينار مقرر ٿيل هو، جيڪو اڄ جي دور ۾ پنج تولا سون جي برابر آهي. اسلام ۾ اهڙي ڪا پابندي ناهي ته مهر، شرعي مهر يا گهٽ يا زياده نه مقرر ڪيو وڃي.


    ** نان ونفقه

    هر مڙس مٿان لازم آهي ته هو زال کي عدالت مطابق نان ونفقه يعني زندگيءَ جون ضرورتون ۽ تحفظ مهيا ڪري ۽ مدد ڪري. نان ونفقه ۾ کاڌو، ڪپڙو، رهائش ۽ اهي تمام خرچ شامل آهن، جيڪي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ضروري آهن. عدالتن مطابق ان ۾ ٻار ڄمڻ جو خرچ ۽ جسماني ۽ ذهني صحت پڻ شامل آهي.

    جيڪڏهن مڙس نان ونفقه نه ڏئي ته ان حالت ۾ زال مسلم عائلي قانون جي شق نمبر 9 هيٺ نان ونفقه لاءِ ڪيس ڪري سگهي ٿي. نان ونفقه لاءِ يونين ڪائونسل جي ذريعي پڻ دعويٰ داخل ڪري سگهجي ٿي.

    ** طلاق لاءِ مليل حق

    نڪاح نامي جي خاني 18 ۾ عورت کي طلاق حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن عورت وٽ طلاق جو مليل حق هوندو ته کيس طلاق حاصل ڪرڻ لاءِ عدالتن جا ڦيرا ڪونه لڳائڻا پوندا. جيڪڏهن هوءَ پنهنجي مڙس کي لکت ۾ طلاق جو نوٽيس ڏئي يونين ڪائونسل کي اطلاع ڏئي ته نوي (90) ڏينهن اندر عورت آزاد ٿي سگهي ٿي.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سٺي معلومات
     
  3. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    مهرباني ادا عرس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مضمون ڪافي معلوما تي آهي ۔ اهڙا مضمون ۽ ليک وقت به وقت ايندا رهن ته جينئن بي خبرن کي ڄاڻ ملندي رهي ،
    ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو آهي ته ڪي مرد پاڻ يا پنهنجي عزيزن جي چوڻ يا چرچ تي ،پنهنجين گهر وارين يعني زالن تي ظلم ڪندا آهن ، يا گهران ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ نڪاح به ناهن ٽوڙيندا ، نه وري خرچ پکو ڏيندا آهن ، ته اهڙي حالت ۾ ان مظلوم عورت کي اهو حق ٿو حاصل ٿئي ته هو عدالت وسيلي نڪاح ٽوڙائي۔ عدالت کي جڏهين اها ڄاڻ ٿيندي ته معاملو جدائي واري حد تي پهتل آهي ته ، هو نڪاح ٽوڙي ڇڏيند آهي ، اهڙي صورت ۾ اها عورت حق مهر تان هٿ کڻدي آهي ، باقي ڏاج يا سوکڙين ۾ مليل سڀ شيون ان جي ملڪيت هوندي آهي۔
     
  5. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    بلڪل سائين عبدالڪريم صاحب اوهان بلڪل سهي ۽ ٺيڪ فرمايو۔۔۔
     
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    ڀلا سائين جي اجازت هجي ت عرض ڪيان۰ اسان پنهنجي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم کي انهئ حد تائين پهچايو آ جو لڳي ٿو عورت ئي ڇڙو مظلوم آ۰ مان اهڙا کوڙ گهر ڏٺا آهن جتي عورت مڪار ۽ ظالم آ۰ ان پاسي ڏي ب ڌيان ڪرڻ گهرجي۰
    راشد سومرو، عبدالڪريم چانڊيو
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نڪاح جي حوالي سام اھم معلومات
    ڪٿي مرد مظلوم ته ڪٿي عورت مظلوم پر اڪثريت ۾ عورت نڪاح ڪرڻ کان بعد مڪاري گھٽ ڪندي آھي، مرد وڌيڪ مڪاري ڪندو آھي، عورت کي خرچ پکو ھر ضرورت جي شي سڪون ملندو ته عورت ڪوبه غلط فيصلو ڪون ڪندي، باقي جبر ظلم زيادتي ناانصافي جيڪڏھن مرد برداشت نه ٿو ڪري سگھي ته ساڳئي طرح عورت به برداشت ڪون ڪري سگھندي آھي.
    ھتي ھڪ سوال ذھن ۾ اڀري ٿو ته عورت ۽ مرد ڪھڙي سبب جي ڪري طلاق ڏئي يا وٺھي ٿا سگھن......؟
     
  8. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    هنڌ اهو سڙي جتي باھ ٻري
     
  9. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    مضمون ڏاڍو سٺو لڳو آء ان قانون جي پويان هوندو هيس ته جيئن ان متعلق صحيح معني ۾ ڄاڻ حاصل ڪريان.
    ان متعلق منهنجا ڪجھ سوال آهن انهن جا جواب ڏيڻ تي دوستن جو ٿورائتو رهندس.
    پهريون سوال:
    جيڪڏهن 16 سالن کان گھٽ عمر ۾ نڪاح ٿئي ته والدين ۽ مولوي سزا جا مسحق آهن، هاڻي سوال اهو آهي ته ان پڙهايل نڪاح جو ڇا حڪم آهي اهو باطل آهي يا صحيح؟ جيڪڏهن صحيح آهي ته پو سزا ڇاجي لاءِ ؟جيڪڏهن باطل آهي ته ڇا اهو قانون بيان ڪيو آهي؟
    ٻيو سوال:
    ڇا سورنهن سالن جي شرط اسلامي حساب سان صحيح آهي يا اسلام جي خلاف آهي؟ جيڪڏهن خلاف آهي ته ان قانوني شق جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
    ٽيون سوال:
    توهان لکيو آهي ته: جيڪڏهن عمر 16 سالن کان گھٽ آهي ته بالغ ٿيڻ تي قانون...... ڇا بلوغ جي عمر 16 سال معين ٿيل آهي جو توهان ائين لکيو آهي ؟يا نه بلوغ هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي ڪا عمر معين نه آهي بلڪه ممڪن آهي ڪي ڇوڪريون 9 سالن ۾ ته ڪي 12 ۾ ته ڪي وري 13 سالن ۾ بالغ ٿين ٿيون ،سو جيڪڏهن ڪا 16 سالن جي نه آهي پر بالغ آهي ان لا ڇا حڪم آهي؟
    چوٿون سوال:
    قانون مطابق فقه حنفي کان علاوه هر شخص پنهنجي احوال شخصيه ( پرسنل قانون) ۾ پنهنجي فقه مطابق عمل ڪري سگھي ٿو. ڇا ان قانون مطابق فقه جعفريه ۽ ٻيا ان قانون کان جدا آهن ؟ ڇوجو ممڪن آهي ٻين جي فقه ۾ شادي لا 16 سال شرط نه هجي بلڪه فقط بلوغ شرط هجي ۽ نڪاح طلاق احوال شخصيه مان آهن.سو ان دعوا سان ته نڪاح احوال شخصيه مان آهي جنهن ۾ اسان قانون جا پابند ناهيون ۽ نڪاح ڪري سگھون ٿا ۽ نڪاح ڪن ته ڇا اهي مجرم آهن يا نه؟ اها دعوا انهن جي قبول ڪئي ويندي يا نه ؟
    پنجون سوال: ڇا خالي نڪاح ڪرڻ به جائز نه آهي ؟ ڇو جو ڪٿي ڪن مصلحتن جي ڪري نابالغ ڇوڪري يا ڇوڪر جو خالي نڪاح ڪرايو ويندو آهي. جيڪڏهن جائز نه آهي ته ڇا ان قانوني شق جي شريعت به تائيد ڪري ٿي ؟
    ڇهون سوال : جيڪي قانون شريعت مطابق نه هجن انهن جو ڇا حڪم آهي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    انتهائي صحيح سوال آهن۰ مونکي پڻ انهن سوالن جي جوابن جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو