موبائيل جي گهنٽي وڳي۔۔۔ نئون نمبر هو۔۔ هن ڪال رسيو ڪئي۔۔۔ نرم ۽ نازڪ آواز ۾ خاتون پڇيو۔۔ ”ڇا توهان شادي شده آهيو۔۔۔؟“ ”نه نه۔۔ ڇو“ شادي شده هجڻ باوجود الائي ڇو هن جي زبان مان اهي لفظ نڪتا۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻئي طرفان آواز آيو۔۔۔ ”گهر اچ۔۔ ته ڏسانءِ ٿي۔۔۔“ ۔۔۔ هي آواز ڄاتل سڃاتل هو۔۔۔ ۔
ادا شادي شادي ته ڪو چاچا ڪريم جهڙو جوان ئي اهي ڪم ڪري اسان جهونا ته پاڻ سنڀالڻ ۾ پورا آهيون۔ ڪا اهڙي ڪال اچي ته به چئبو ها ادي چار ڪيون اٿم۔ وڌيڪ جو آسرو نه ڪر۔
ادا ذيشان۔۔ ڪجهه دير کانپو هن کي ٻيهر هڪ ٻئي نئين نمبر تان ڪال آئي۔۔۔ مٺڙي نازڪ آواز ۾ ڪنهن عورت پُڇيس۔۔ڇا توهان شادي شده آهيو۔۔؟ هن ڏڪندي جواب ڏنو۔۔ها مان شادي شده آهيان۔۔۔ جواب آيو۔۔اوهه۔۔۔دراصل مان اڄ واندي هئس۔۔سوچيم ڪنهن سان ڊيٽ تي وڃان۔۔پر لڳي ٿو هاڻ ڪنهن ٻئي نمبر تي ڪال ملائڻي پوندي۔۔۔ هن تڪڙ ۾ چيو۔۔۔نه نه ۔۔۔مان شادي شده نه آهيان۔۔تڪڙ ۾ ها چئي هئم۔۔۔ فورن جواب مليس۔۔۔تون اڄ بس گهر اچ۔۔۔۔۔هن ڀيري آواز ڄاتل سڃاتل هو۔۔۔