مون چيو ٻُڌ......

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
مون چيو: ٻڌُ

هن چيو: ٻڌاءِ

مون چيو: ڪجهه به نه

هن چيو: ٻڌاءِ نه

مون چيو:خبر اٿئي

اڌورين ملاقاتن کان پوءِ،

هميشه آواز پڙاڏا ۽ سڏ رهجي ويندا آهن

،نا مڪمل ۽ اڌوريون ملاقاتون،

وڏو عذاب آهن،

جن ۾ وقت

بيلغام تيز گهوڙي جيان ڊوڙي ٿو.....

تو چيو:چري آهين صفا......

مون چيو: ها مان بلڪل چري آهيان

،هميشه مڪمل ٿٿيڻ جي خواهش ۾،

اڃان ويترٽٽي پوندي آهيان،

۽ اڌوري رهجي ويندي آهيان....
 
اڌورين ملاقاتن کان پوءِ،

هميشه آواز پڙاڏا ۽ سڏ رهجي ويندا آهن


ها بلڪل ۔۔۔۔ اهو ته آهي ۔۔۔۔ پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته اڌوري ملاقات هڪ نئين ملاقات جو تجسس وڌائيندي آهي، وري ملڻ لاء بيتاب ڪندي رهندي آهي
 
Back
Top