• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ فيسٽيول جو افتتاح اڄ ٿي رهيو آهي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1800244_615495728486203_589236091_n.jpg


سنڌ جي ثقافت کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ 5 هزار سال قديم ماڳ موهن جو دڙو تي اڄ پهرين فيبروري تي رٿيل سنڌ فيسٽيول جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميا پاران ٿيندڙ سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر سميت 400 مهمان شرڪت ڪندا، ذريعن موجب افتتاحي تقريب لاءِ 400 وي آءِ پيز کي دعوت نامه ۽ خاص پاسون جاري ڪيون ويون آهن،اڄوڪي پروگرام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جا پرڏيهي دوست ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا سفير به شرڪت ڪندا، مک تقريب لاءِ موهن جو دڙو جي اسٽوپا جي سامهون ميدان تي 70 فوٽ ڊگهو ۽ 35 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آثارن ۽ انهن جي حصن ۾ رنگ برنگي خوبصورت لائيٽون لڳايون ويون آهن ۽ وڏو سائونڊ سسٽم ۽ وڊيو اسڪرين به لڳائي وئي آهي، پروگرام موجب افتتاحي تقريب اڄ شام 6 وڳي شروع ٿيندي، جيڪا رات دير تائين جاري رهندي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري 2500 پوليس اهلڪارن جون موهن جو دڙو ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن، گڏوگڏ رينجرز اهلڪار به فرض سرانجام ڏيندا، سنڌ فيسٽيول ۾ موهن جو دڙو جي پس منظر ۾ 8 منٽن جي قديم ڪپڙي بابت پرفارمنس ڏيکاري ويندي، جنهن ۾ نرتڪيون ۽ 100 مرد ڊانسر حصو وٺي رهيا آهن، اسٽوپا جي گيٽ وٽ هٿ جي هنرن، گج، رلين ۽ نواد رات جا 11 اسٽال لڳايا ويا آهن، اڄوڪي فيسٽيول ۾ انڊس ڊالفن (انڌي ٻلهڻ) بابت ليزر شو ڏيکاريو ويندو، چيو وڃي ٿو ته 200 سفيرن سميت 400 مهمانن کي موهن جو دڙو آڻڻ لاءِ لاهور ۽ ڪراچي کان خاص اڏامون پهچنديون.​
 
Back
Top