مست
سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ براڊبيند انٽرنيٽ جي سهولت ڏيندڙ پاڪستان جي قومي اداري ”پي ٽي سي ايل“ هڪ سال اڳ عام موڊيم جي جڳهه تي وائي فائي موڊيم متعارف ڪرايا هئا، جنهن جي ڪري عام روايتي انٽرنيٽ موڊيم تي وائرليس انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ عام صارف کي سهولت حاصل ٿي ۽ ليپٽاپ توڙي وائي فائي موبائل تي انٽرنيٽ هلائڻ سولو ٿي پيو۔۔
هاڻي وري ٻه مهينا اڳ ۾ پي ٽي سي ايل ”EVO“ وائرليس جي وڌندڙ استعمال کي مدِ نظر رکندي EVO يو ايس بي جي اضافي پورٽ واري سهولت وارا موڊيم متعارف ڪرايا۔ جيڪڏهن ڏسجي ته اهو پي ٽي سي ايل جو هڪ بهترين قدم آهي ڇو ته هڪ عام EVO يو ايس بي تي صرف هڪ صارف ڪنيڪٽ رهي سگهي ٿو، پر هن موڊيم سان سادي EVO يو ايس بي توهان جي موڊيم سان ڪنيڪٽ هر صارف کي انٽرنيٽ جي سهولت مهيا ڪندي۔
پهرين ان موڊيم جي تبديلي جا چارجز 750 رپيا هئا پر هاڻي پهرين فيبروري کان جيڪڏهن ڪو صارف پنهنجي ڪنيڪشن تي وائي فائي موڊيم جي تبديلي جو آرڊر ڏئي ٿو ته ان کي 1500 رپيا بل ۾ ادا ڪرڻا پوندا۔۔۔