• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تريل پلو

راشد سومرو

سينيئر رڪن
تريل پلو:
گهربل شيون:

پلو: هڪ عدد

گيهه: هڪ پا

اڇو جيرو، ڪارو جيرو، دالچيني، گدامڙي، سڪا ڌاڻا ۽ لوڻ مرچ: ضرورت آهر

ٺاهڻ جو طريقو: پهرئين پلي کي ڌوئي ٿوري دير لا لوڻ ڏئي رکو. گدامڙي پسائي ان ۾ گرم مصالحو پيهي ملايو. لوڻيل پلو گيهه ۾ تئي تي ترڻ لا رکو، ٻئي پاسا هلڪي باهه تي پچي وڃن ته گدامڙي وارو مصالحو مٿان وجهي ان کي هلڪي باهه تي ٿوري دير لا دم تي ڇڏيو ته تريل پلو تيار ٿي ويندو.
 
Back
Top