• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلام

حاڪم علي جسڪاڻي

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي منهنجي طرفان سڪ ڀريو سلام قبول پوي۔
مان آهيان اوهان سڀني سنڌ واسين جو خادم حاڪم علي جسڪاڻي، وچ ۽ اتر سنڌ جي مختلف ايف ايم چينلس، سکر، لاڙڪاڻو، مورو ۽ نوشهروفيروز ايف ايم تي پروگرامس ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ کان پو اوهان سنڌ سلامت جي سڄڻن جي محفل ۾ شريڪ ٿيا آهيون اوهان سڀني سنڌ سلامت جي سڄڻن جي سڪ آهي ضرور تہ اسان کي بہ هن مانائتي محفل ۾ مان ملندو شال سدا خوش و آباد رهو۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت،
لاٽ ٻرندي رهي جوت جلندي رهي۔
حاڪم علي جسڪاڻي
 
1506397_590953144312728_1871156711_n.jpg
 
محترم حاڪم علي جسڪاڻي صاحب السلام عليڪم۔
pretty.jpg

توهان کان اسان دل جي گهرائين سان هن محبتي اڱڻ تي خوش آمديد ٿا چئون۔اميد ته اوهان جهڙي ڏاهي جو هن اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ سان بهترين ۽ معلومات سان ٽمٽار ٿيل ليک پڙهڻ جو اسان کي موقعو ملندو۔ هن اڱڻ تي اوهان کي معلومات جو تمام گهڻو خزانو ملندو جيڪي اسان جي دوستن علم جي سمنڊ ۾ ٽوٻي هڻي ماڻڪ موتي وانگر ميڙي هت گڏ ڪيو آهي۔
 
وعليڪم السلام محترم جناب ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب۔
توهان جي وڏي مهرباني ادا ڀلي ڪار چوڻ لا انشا الله گڏ هونداسين، اسان کي اوهان سڀني سڄڻن سنڌ واسين جو ساٿ گهرجي۔اسان سڀني سڪ وندن ساٿين سان سڏ ۾ سڏ ڏيڻ وارا ۽ اوهان سان گڏ آهيون۔
 
محترم دوست حاڪم علي جسڪاڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو اوهان پنهنجي فورم سنڌ سلامت جا ميمبر بڻيا آهيو۔ اميد ته اسان سان پنهنجون لکڻيون ۽ ڪالم شيئر ڪندا رهندا۔

سدا خوش هجو۔

welcome-jpg.2489
 
Back
Top