هڪ نيڪ ڇوڪري جو پنهنجي نام نهاد چاهيندڙ کي جواب! ها هي سچ آهي ته مون کي توسان پيار آهي۔ هي به سچ آهي ته مان تنهنجي چاهت آهيان۔ پر منهنجي زندگي ۾ چاهتون جي گهٽتائي نه آهي۔ رشتا ٻيا به آهن هڪ صرف تون ئي ته نه آهين۔ اچ ته پنهنجي ذات جي ان پاسي سان مليان تو کي ! مان ڇا آهيان ، ڪهڙي آهيان ٻڌايان تو کي؟؟ پنهنجي پياري ماء جي تربيت آهيان مان، عزت آهيان پنهنجي غيرتمند پيء جي پڳ جي۔ مان ۽ شان آهيان پنهنجي بهادر ڀائرن جي۔ نشان ۽ مشعل راه آهيان پنهنجي ڀيڻن جي سايئي جو! ڇا بهڪي جي وڃان مان ، اهو ڪڏهن به ممڪن نه آهي ڇو ته دل هو سڀ به رکن ٿا صرف تون اڪيلو ئي ته نه آهين صرف تنهنجي چوڻ تي۔ مان ڪيئن دوکو ڏيان انهن پيارن رشتن کي، جن سان ڄمڻ جي ڏينهن کان گڏ گذاريو آ هي۔ جڏهن ته تنهنجي چاهت مختصر وقت جي آهي۔ ان ۾ خلوص جي خوشبوء اڃا تائين مون کي نظر نه آئي آهي
بهترن خيال۔۔۔بهترين احساس۔۔۔ پر۔۔۔ جنهن عمر ۾ اها سمجهداري ايندي آهي تيستائين وقت گُذري چڪو هوندو آهي۔۔۔۔!! عمر جو اهو دور نهايت حساس هوندو آهي۔۔۔ پيار جي ڪشش دل ۽ ذهن تي حاوي هوندي آهي۔۔۔ افسوس۔۔۔ پنهنجن سڳن رشتن جي انمول پيار جي حيثيت ثانوي ٿي ويندي آهي۔۔۔۔ ڪاش۔۔۔۔ پيار جي نشي ۾ ٻُڏي۔۔۔۔ بيخودي ۾ پنهنجن سان اجنبيت وارو سلوڪ ڪرڻ کان پهرين ۔۔۔ ڪا چوٽ لڳڻ کان پهرين۔۔ ڪو سخت قدم کڻڻ کان پهرين۔۔۔۔ ۽۔۔ وقت گُذري وڃڻ کان پهرين۔۔۔۔ ڪاش۔۔۔۔ اسان جي نئين نسل کي سمجهه اچي وڃي۔۔۔!!!
بهترين سوچ سائين جيڪڏهن سڀ ڪنهن جي سوچ پيدا ٿئي ته ڪيڏو نه ڀلو ٿئي پر اهو تڏهن ائين ممڪن آهي جڏهن تعليم کي عام ڪيو وڃي ان سان ئي اهڙي الجهيل مسئلا حل ٿئي سگهن ٿا فقير